يورپيئن پارليامينٽ جي ميمبر ۽ يوڪي جي انڊپينڊنٽ پارٽي جي رهنما امجد بشير جي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
امجد بشير ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي پاڪستان جي يوم آزادي جي مبارڪباد به پيش ڪئي.
لنڊن؛14 آگسٽ 2014
يورپيئن پارليامينٽ جي ميمبر ۽ يوڪي انڊپينڊنٽ پارٽي جي رهنما امجد بشير ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي.امجد بشير نديم نصرت سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي پاڪستان جي يوم آزادي جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ پاڪستان جي امن و استحڪام جي لاءِ دعا به ڪئي.امجد بشير نديم نصرت سان ڳالھ ٻولھ ڪندي پاڪستان ۾ امن و استحڪام ۽ جمهوريت جي بقا جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ڪردار کي ساراهيو.ٻنهي رهنمائن ۾ پاڻ ۾ رابطا جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو