Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آزادي الله تعالٰي جي نعمتن مان هڪ عظيم نعمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/13/2014
آزادي الله تعالٰي جي نعمتن مان هڪ عظيم نعمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پاڪستان لکين جانين جون قربانيون ڏيڻ کان پوءِ هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي اڀريو آهي.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان جي 67 هين يوم آزادي جي موقعي تي پاڪستانين جي نالي پيغام.
لنڊن؛ 13 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين تمام اهل وطن کي پاڪستان جي 67 هين يوم آزادي جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي، يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته آزادي الله تعالٰي جي نعمتن مان هڪ وڏي نعمت آهي ۽ الله تعالٰي جي نعمتن جي ناشڪري ڪرڻ واريون قومون تاريخ جي صفن کان ميٽجي وڃن ٿيون.انهن فرمايو ته پاڪستان لکين قيمتي جانين جي قرباني ڏيڻ کان پوءِ وجود ۾ آيو آهي، ماضي جي حڪمرانن جي انا پرستي ۽ نا انصافي جي ڪري 1971 ۾ پاڪستان ٽٽي ويو ۽ ملڪ دشمن باقي بچيل پاڪستان جي بقا و سلامتي جي خلاف به سازشن ۾ مصروف آهن ان جي ڪري هڪ هڪ محب وطن پاڪستاني جو فرض آهي ته اهو آزادي جي نعمت جي قدر ڪري ۽ پاڪستان جي ترقي و خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري.جناب الطاف حسين تمام پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته اهي پاڪستان جي 67 هين يوم آزادي جي موقعي تي اهو عهد ڪن ته اهي هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان ملڪ کان مذهبي انتها پسندي ، دهشت گردي ، بيروزگاري، غربت ، فرسوده ۽ جاگيرداراڻه جي نظام جي خاتمي ۽ پاڪستان کي قائد اعظم محمد علي جناح جي تعليمات جي مطابق لبرل ۽ ترقي پسند ملڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.انهن فرمايو ته ملڪ ۾ ڀائيچاري، فرقي وارانه هم آهنگي ۽ جمهوري روايتن کي فروغ ڏيئي ڪري پاڪستان کي هڪ مظبوط ۽ مستحڪم ملڪ بڻائي سگهجي ٿو جتي سڀني کي برابري جي سطح تي زندگي گذارڻ جا حق پنهنجي پنهنجي عقيدي جي مطابق حاصل هجن .
****

7/18/2024 1:28:48 AM