Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم گلگت بلتستان ۽ ان جي عوام جي جائز حقن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. سيد حيدر عباس رضوي.
           ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدر عباس رضوي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم گلگت بلتستان ۽ ان جي عوام جي جائز حقن جي حصول جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پارليامينٽ ۾ قرارداد به پيش ڪئي ويندي.انهن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي گذريل 66 سالن جي دوران انهن جي جائز حقن کان محروم رکيو ويو آهي
Read More    Posted on: 09 Aug 2014
پاڪستان عوامي تحريڪ جي قافلي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عورت ڪارڪن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور جي علائقي ساڌوڪي ۾ پوليس جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ جي قافلي تي فائرنگ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت ڪارڪن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 09 Aug 2014
لاهور ۾ پوليس ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي وچ ۾ ٽڪراءُ افسوسناڪ آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي. خدا جي واسطي تشدد جي بجاءِ امن ۽ افهام تفهيم جو رستو اختيار ڪيو وڃي. ٻنهي ڌرين کي اپيل.
  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لاهور ۾ پوليس ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي وچ ۾ ٽڪراءُ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي ڌرين کي اپيل ڪئي آهي ته خدا جي واسطي تشدد جي بجاءِ امن ۽ افهام و تفهيم جو رستو اختيار ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پنهنجي موقف جي لاءِ احتجاج ڪرڻ هر ماڻهو ۽ جماعت جو آئيني ، قانوني ۽ جمهوري حق آهي ۽ ان احتجاج کي رياستي طاقت سان ڌٻائڻ کي ڪنهن به طرح جمهوري قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي.
Read More    Posted on: 08 Aug 2014
معروف ماهر تعليم ميڊم انيتا غلام علي جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار

متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين معروف ماهر تعليم ميڊم انيتا غلام علي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ميڊم انيتا غلام علي هڪ شفيق استاد،انسان دوست ۽ هر هڪ جي ڏک سور ۾ ڪم اچڻ واري شخصيت هئي.
Read More    Posted on: 08 Aug 2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ۽ وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ۽ وفاقي وزير خزانه محمد اسحٰق ڊار جي وچ ۾ جمعي جي صبح جو ٽيليفون تي رابطو ٿيو،جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.وفاقي وزير خزانه ايم ڪيو ايم کي ڇنڇر تي ٿيندڙ قومي سلامتي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني.
Read More    Posted on: 08 Aug 2014
رابطا ڪميٽي نثار پنهور کي انهن جي ذاتي مصروفيتن جي ڪري رابطا ڪميٽي جي ميمبرشپ کان هٽائي چڏيو. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رابطا ڪميٽي جي ميمبر نثار پنهور کي انهن جي ذاتي مصروفيتن جي سبب رابطا ڪميٽي  جي ميمبر شپ کان هٽائي انهن جون ذميواريون ايم ڪيو ايم سنڌ تنظيمي ڪميٽي ۾ لڳائي چڏيون آهن، هاڻي نثار پنهور سنڌ تنظيمي ڪميٽي جي ميمبر جي حيثيت سان پنهنجا تنظيمي فرضَ انجام ڏيندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ان فيصلي جي توثيق ڪري چڏي آهي.
Read More    Posted on: 07 Aug 2014
پشاور ۾ سک واپاري جي قتل ۽ ٻن سک واپارين کي زخمي ڪرڻ جي واقعي تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پشاور ۾ هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ سان سک واپاري جگموهن سنگھ جي قتل ۽ ٻن سک واپارين کي زخمي ڪرڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 07 Aug 2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو پاڪستان عوامي تحريڪ جي ناظم اعلٰي ڊاڪٽر رحيق عباسي سان فون تي رابطو

متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنجاب پوليس جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ طاهر القادري جي رهائشگاھ ۽ تحريڪ منهاج القرآن سيڪريٽريٽ جو گهيراءُ ڪرڻ جي اطلاع ملندي ئي پاڪستان عوامي تحريڪ جي ناظم اعلٰي ڊاڪٽر رحيق عباسي سان فون تي رابطو ڪيو ۽ انهن کي گهيراءُ ڪرڻ تي پنهنجي ڳڻتي کان آگاھ ڪيو.
Read More    Posted on: 07 Aug 2014
پنجاب پوليس جي طرفان ڊاڪٽر طاهرالقادري جي رهائشگاھ ۽ منهاج القرآن سيڪريٽريٽ جو گهيراءُ ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور ۾ پنجاب پوليس جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري جي رهائشگاھ ۽ منهاج القرآن سيڪريٽريٽ جو گهيراءُ ڪرڻ تي  وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي
Read More    Posted on: 07 Aug 2014
مسئلن کي افهام و تفهيم سان حل ڪيو وڃي، طاقت ۽ ڌمڪي وارو رويو اختيار نه ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حڪومت کي چيو آهي ته هن وقت ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ سياسي هلچل کان دوچار آهي،ان جي ڪري مسئلن کي افهام و تفهيم سان حل ڪيو وڃي ۽ طاقت ۽ ڌمڪي جو رويو اختيار نه ڪيو وڃي، ڌمڪي ۽ طاقت جو استعمال ملڪ کي نقصان پهچائيندو.ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي ته ايم ڪيو ايم نوان انتظامي يونٽَ قائم ڪرڻ جي لاءِ قانون سازي ڪندي ۽ مڪاني نظام کي لازمي قرار ڏيندي.
Read More    Posted on: 06 Aug 2014
پشاور ۾ هٿيار بندن جي فائرنگ سان سک واپاري جي هلاڪت جو واقعو قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پشاور ۾ هٿيار بندن جي فائرنگ سان هڪ سک واپاري جي هلاڪت جو واقعو مذمت جوڳو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ به گجرانوالا ۾ احمدين جي گهرن تي حملو ڪري عورت ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي زنده ساڙيو ويو هو ۽ اڄ پشاور ۾ هٿيار بندن سک واپارين تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سان هڪ واپاري هلاڪ ٿي ويو آهي.
Read More    Posted on: 06 Aug 2014
معروف عالم دين ۽ مذهبي اسڪالر مولانا اسد ديوبندي جي علالت تي جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار ۽ صحت يابي جي لاءِ دعا.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين معروف عالم دين مولانا اسد ديوبندي جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 06 Aug 2014
علامه طاهر القادري جي خلاف مقدمو درج ڪرڻ جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي. نديم نصرت
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت پنجاب حڪومت جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر علامه طاهر القادري جي خلاف مقدمو درج ڪرڻ تي سخت مذمت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پنجاب حڪومت جا غيردانشمنداڻه فيصلا پرامن عوام کي مشتعل ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
Read More    Posted on: 06 Aug 2014
شيخ رشيد احمد ۽ رحمٰن ملڪ جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراھ شيخ رشيد احمد جي وچ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي. 
Read More    Posted on: 05 Aug 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي اربع جي شام ايم ڪيو ايم جي تمام پارليماني گروپ جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو.
             متحده قومي موومينٽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال کي سامهون رکندي ايم ڪيو ايم جي تمام پارليماني گروپن جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
Read More    Posted on: 05 Aug 2014