Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي جو وفد سان گڏجي ابراهيم حيدري ۽ ريڙهي ڳوٺ جي مختلف علائقن جو دورو.


 Posted on: 8/13/2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي جو وفد سان گڏجي ابراهيم حيدري ۽ ريڙهي ڳوٺ جي مختلف علائقن جو دورو.
  انهن معززن سان ملاقات ڪري دي نيوز ۾ شائع ٿيل جناب الطاف حسين جي انٽرويو جون انگريزي، سنڌي ۽ اردو ترجمي جون ڪاپيون پيش ڪيون.
ڪراچي؛ 13 آگسٽ 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي ڪراچي جي علائقن ابراهيم حيدري ۽ ريڙهي ڳوٺ ۾ معززن ڊاڪٽر شفيع محمد پٽولي،حاجي خادم شيخ ۽ ٻين سان انهن جي رهائشگاهن تي الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي انگريزي رسالي دي نيوز ويڪ ۾ دي رائيٽ مين جي عنوان سان شائع ٿيندڙ جناب الطاف حسين جي انٽرويو جون انگريزي، سنڌي ۽ اردو جون ڪاپيون پيش ڪيون ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام به پهچايو.ان موقعي تي ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو انچارج فرخ  اعظم ۽ ٻيا به انهن سان گڏ هئا.ملاقات جي موقعي تي سيد شاڪر علي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گذريل 67 سالن کان جاگيرداراڻه ۽ سرمائيداراڻه سوچ جا حڪمران قابض آهن جيڪي ملڪ جي غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي ايوانن ۾ اچڻ کان روڪن ٿا پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين غريبن ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي ملڪ جي ايوانن ۾ پهچائن ٿا. ان موقعي تي معززن ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته حقيقت اها آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد رهنما آهن جن ڪجھ سال اڳ ئي پاڪستان ۾ انتها پسندن ۽ دهشت گردن جي نشادهي ڪري چڏي هئي پر مفاد پرستن انهن انتها پسندن کي روڪڻ جي لاءِ ڪي به قدمَ نه کنيا.انهن انٽرويو جون ڪاپيون پيش ڪرڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ جناب الطاف حسين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهاربه ڪيو.
****

7/18/2024 1:22:20 AM