Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لاهور ۾ بيهاريل ڪنٽينرن، ٽرالرن ۽ ٻين رڪاوٽن کي هٽائڻ جي لاءِ فوري طور تي حڪمَ جاري ڪيا وڃن.


 Posted on: 8/13/2014
لاهور ۾ بيهاريل ڪنٽينرن، ٽرالرن ۽ ٻين رڪاوٽن کي هٽائڻ جي لاءِ فوري طور تي حڪمَ جاري ڪيا وڃن.
وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي پنجاب شهباز شريف کان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو پرزور مطالبو.
لنڊن؛ 13 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته اهي لاهور جي مختلف علائقن ۾ بيهاريل ڪنٽينرن، ٽرالرن ۽ ٻين رڪاوٽن کي ايس او ايس بنيادن تي هٽائڻ جي لاءِ فوري طور تي حڪمَ جاري ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان لاهور ۾ پوليس ۽ انتظاميه جڳھ جڳھ تي رڪاوٽون بيهاري چڏيون آهن جنهن سان روزگار، ڪاروبار ۽ نوڪرين تي وڃڻ وارن ماڻهن کي سخت رڪاوٽن جو سامنو آهي، انهن رڪاوٽن سان سڀني کان وڌيڪ متاثر روزانو جي بنياد تي مزدوري ڪندڙ غريب مزدور ٿي رهيا آهن، جيڪي روز ڪمائي ڪري پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالين ٿا. ان سان گڏو گڏ روڊ رستا بند ٿيڻ سان مريضن کي اسپتال وٺي وڃڻ ۾ به سخت مشڪلاتن جو سامنو آهي.جناب الطاف حسين انساني حقن جي تنظيمن، سول سوسائٽي جي تمام انجمنن، وڪلاء برادري ۽ زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي به اپيل ڪئي ته اهي به حڪومت جي طرفان کنيل  ظالمانه قدمن جي خلاف پنهنجي ضمير جي مطابق آواز بلند ڪن.جناب الطاف حسين پنهنجي بيان جي آخر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف کان انسانيت جي نالي تي پرزور اپيل ڪئي ته اهي لاهور جي مقامي انتظاميه، پوليس جي اعلٰي آفيسرن ۽ ادارن کي لاهور ۽ ٻين علائقن ۾ بيهاريل ڪنٽينرن، ٽرالرن ۽ ٻين رڪاوٽن کي هٽائڻ جي لاءِ فوري طور تي حڪمَ جاري ڪن ته جيئن شهرين ۽ گهٽ ۾ گهٽ روزانو جي بنياد تي مزدوري ڪندڙ غريب مزدورَ هڪ وقت جي ماني ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهن.

7/18/2024 1:30:56 AM