Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
جيئي سنڌ قومي محاذ جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي ڀاءُ محمد مٺل ڪالاڻي جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جيئي سنڌ قومي محاذ جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي ننڍي ڀاءُ محمد مٺل ڪالاڻي جي روڊ حادثي ۾ هلاڪت تي وڏي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، 
Read More    Posted on: 14 Oct 2014
ايم ڪيو ايم خيبرپختونخواھ ۽ فاٽا جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف جي جماعت اسلامي خيبرپختونخواھ جي امير پروفيسر ابراهيم سان ملاقات.
            متحده قومي موومينٽ جي خيبرپختونخواھ ۽ فاٽا جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف جماعت اسلامي خيبرپختونخواھ جي امير پروفيسر ابراهيم ۽ ٻين ذميوارن سان پشاور ۾ ملاقات ڪئي ۽ انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خيرسگالي جو پيغام به پهچايو . سومر جي ڏينهن جماعت اسلامي جي صوبائي آفيس ۾ ٿيندڙ ملاقات انتهائي  
Read More    Posted on: 13 Oct 2014
تحريڪ طالبان پاڪستان جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي لنڊن، جڏهن ته رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ چونڊيل نمائندن کي مسلسل ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.ڊاڪٽر فاروق ستار.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار تحريڪ طالبان پاڪستان جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي لنڊن ۽ جڏهن ته رابطا ڪميٽي جي ميمبرن۽ چونڊيل نمائندن کي مسلسل ٽيليفونن، خطن ۽ ايس ايم ايس جي ذريعي  ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ چيو پيو وڃي ته ايم ڪيو ايم طالبان جي حوالي سان پنهنجا سياسي نظريات ڇڏي ڏيئي ۽ ان کان باز اچي وڃي. انهن چيو ته نائن زيرو تي حملي جي تازه ترين ڌمڪي 15 سيپٽمبر تي موصول ٿي ۽ ان ڌمڪي سميت اسان تمام ڌمڪي وارن خطن جي تفصيلات کان وفاقي ۽
Read More    Posted on: 13 Oct 2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ ۾ رائج فرسوده نظام ۽ موروثي سياست کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي بنياد وڌي. رابطا ڪميٽي ميمبر و صدر پنجاب ميان عتيق.
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر و صدر ميان عتيق چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ ۾ رائج فرسوده نظام ۽ موروثي سياست کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي بنياد وڌي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نظريي ملڪ جي مظلوم عوام ۾ انقلاب جي سوچ کي جنم ڏنو.
Read More    Posted on: 12 Oct 2014
ديوالي کان اڳ هندو برادري سان تعلق رکڻ وارن سرڪاري ملازمن کي فوري طور تي پگهارون ادا ڪيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
      متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هندن جي مذهبي ڏڻ ديوالي کان اڳ هندو برادري سان تعلق رکڻ وارن سرڪاري ملازمن کي پگهارون ادا ڪيون وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هندو برادري جو مذهبي ڏڻ 23 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو، پر هندو برادري جي ملازمن کي هن مهل تائين پگهارن نه مليون آهن
Read More    Posted on: 12 Oct 2014
منهنجي فلاسفي “رئيل ازم ۽ پريڪٽيڪل ازم” هڪ اهڙو پيمانو ۽ فڪري اوزار آهي جنهن تي هر نظريي ۽ منشور کي پرکي سگهجي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته منهنجي فلاسفي ”رئيل ازم ۽ پريڪٽيڪل ازم ” هڪ اهڙو پيمانو ۽ فڪري اوزار آهي جنهن تي هر نظريي ۽ منشور کي پرکي سگهجي ٿو. اها فلاسفي صرف نظام جي خرابين ۽ معاشري جي بيمارين جي تشخيص ئي نه ٿي ڪري بلڪه ان جي علاج جي لاءِ عملي ڪوششون به تجويز ڪري ٿي.
Read More    Posted on: 12 Oct 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان لياقت آباد جي ڪارڪن فيصل خورشيد جي گرفتاري جي مذمت
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اڄ صبح عصر جي وقت لياقت آباد کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن فيصل خورشيد جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 12 Oct 2014
ملڪ کان جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه سوچ ختم ڪرڻ کان سواءِ دهشت گردي ۽ ٻين مسئلن جو خاتمو ناممڪن آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان کي اڄ چئني طرفن کان اندرين ۽ ٻاهرين مسئلن جو سامنو آهي ۽ انهن مسئلن جو حل ان وقت تائين ڪڍي نه ٿو سگهجي جيستائين حقيقي طور تي عوام کي بااختيار بڻائي ڪري انهن کي پنهنجن مسئلن جي حل ڪرڻ جو اختيار نه ٿو ڏنو وڃي. 
Read More    Posted on: 12 Oct 2014
ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي ،متحده لائرز فورم ۽ ڊاڪٽر فروغ نسيم جي طرفان 12 آڪٽوبر بروز آچر تي وڪلاء برادري جي اعزاز ۾ هڪ عشايو ڏنو ويندو.ايم ڪيو ايم جو اعلان.
           متحده قومي موومينٽ جي ليگل ايڊ ڪميٽي ،متحده لائرز فورم ۽ حق پرست سينيٽر ڊاڪٽر فروغ نسيم جي طرفان وڪلاء برادري جي اعزاز ۾ آچر جي شام 6 هين وڳي هڪ پر وقار عشايو ڏنو ويندو، تقريب ڊفينس ڪلفٽن ريذيڊنسي سوسائٽي جي مرڪزي آفيس ٻه تلوار ڪلفٽن تي منعقد ڪئي ويندي.
Read More    Posted on: 11 Oct 2014
اتر وارن علائقن ۽ خيبرپختونخواھ ۾ زلزلي جي ممڪنه خطرن کي سامهون رکندي نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي جديد خطوط تي مظبوط ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان جي اتر وارن علائقن ۽ خيبرپختونخواھ ۾ زلزلن جي ممڪنه خطرن کي سامهون رکندي  وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو آهي ته نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي جديد خطوط تي مظبوط ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ قدمَ کنيا وڃن. انهن اها ڳالھ ڪي ڪي ايف جي ڊيزاسٽر مينجمينٽ ڪميٽي جي ميمبرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمائي. 
Read More    Posted on: 11 Oct 2014
ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي طرفان امن جو نوبل انعام حاصل ڪرڻ تي ملاله يوسف زئي کي زبردست خراج تحسين پيش.
            متحده قومي موومينٽ جي شعبه خواتين ملاله يوسف زئي کي امن جو نوبل انعام ملڻ تي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملاله يوسف زئي کي علم جي روشني ڦيلائڻ جي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
Read More    Posted on: 11 Oct 2014
جناب الطاف حسين غريب عوام کي ملڪ جي اعلٰي ايوانن ۾ موڪلي موروثي نظام جي خلاف بنياد وڌي. رابطا ڪميٽي ميمبر اشفاق منگي.
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي ملير ۾ خاصخيلي پاڙي مراد ميمڻ ڳوٺ، مهراڻ ٽائون ۾ ڪڇي مسلم سنگهار ۽ کوکرا پار ڊي 1 ايريا ۾ قائم ڪڇي مسلم سومرا جماعت خانه جو دورو ڪري اتي معززن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا. 
Read More    Posted on: 11 Oct 2014
سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل اڪرم شيخ جي گهر واري جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل اڪرم شيخ جي گهر واري جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 11 Oct 2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي شعبه اطلاعات جي ميمبر قمر منصور کي انهن جي سابقه ذميواري تي بحال ڪري ڇڏيو آهي.ايم ڪيو ايم جو اعلان.
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر قمر منصور کي  انهن جي سابقه ذميواري تي بحال ڪري ڇڏيو آهي. 
Read More    Posted on: 09 Oct 2014
ڪچي شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي عيدالاضحٰي جي موقعي تي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪچي شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ 29 ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته عيد جي موقعي تي ڪيترن ئي ماڻهن جون هلاڪتون لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي. 
Read More    Posted on: 09 Oct 2014