Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان جي 68 هين يوم آزادي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام نائن زيرو تي پرچم ڪشائي(جهنڊي ڦڙڪائڻ) جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.


 Posted on: 8/13/2014
پاڪستان جي 68 هين يوم آزادي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام نائن زيرو تي پرچم ڪشائي(جهنڊي ڦڙڪائڻ) جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.
تقريب ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر نصرت، رابطا ڪميٽي ميمبرن ۽ ٻين جي شرڪت.
ڪراچي؛ 14 آگسٽ 2014
            پاڪستان جي 68 هين يوم آزادي جي موقعي تي متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام نائن زيرو تي پرچم ڪشائي(جهنڊي ڦڙڪائڻ) جي تقريب منعقد ڪئي وئي.رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڊاڪٽر نصرت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان قومي پرچم لهرائي ڪري تقريب جو باقائده آغاز ڪيو ۽ تمام پاڪستانين کي يوم آزادي جي مبارڪباد به پيش ڪئي.تقريب ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي ،ڪهف الورٰي.عارف خان ايڊووڪيٽ،گلفراز خان خٽڪ، توصيف خانزاده، آنسه ممتاز انوار،سينيٽرن ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن ٻين کان علاوه ڪارڪنن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي دعا ڪئي وئي ته الله تعالٰي وطن مان انتها پسندي ۽ معاشي ۽ سياسي بحرانن جو خاتمو فرمائي، ملڪ ۾ وسندڙ تمام طبقن، مسلڪن، برادرين ۽ قومن جي وچ ۾ اتحاد ۽ اتفاق قائم ڪري ۽ پاڪ فوج کي ضرب عضب ۾ ڪاميابي عطا فرمائي.جڏهن ته ضرب عضب جي دوران دهشت گردن سان مقابلو ڪندي جام شهادت نوش ڪرڻ وارن فوجي جوانن ۽ ٻين بي گناھ شهيد ٿيندڙ معصوم شهرين جي درجات جي بلندي جي لاءِ به خصوصي دعائون ڪيون ويون. تقريب جي اختتام تي شرڪاء ۾ مٽائي به ورهائي وئي.


7/18/2024 1:19:32 AM