سينيئر صحافي جي اين مغل جي ڀاءُ اسرار مغل جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛ 13 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سينيئر صحافي جي اين مغل جي ڀاءُ اسرار مغل جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي صحافي برادري سميت مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.