Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
گذريل ڪيترن ئي سالن کان غيرفعال حيدرآباد جا سينيئرهنماءُ، سابق چونڊيل نمائندا ۽ سينيئرذميوارَ ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن.

              حيدرآباد سان تعلق رکڻ وارا ايم ڪيو ايم جا سينيئر رهنماءُ، سابق چونڊيل نمائندا ۽ سينيئر ذميوارَ جيڪي گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنهنجن مسئلن يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري ايم ڪيو ايم ۾ غيرفعال ٿي ويا هئا

Read More    Posted on: 09 Oct 2014
انا يا عهدي جو رعب ۽ تڪبر به تحريڪي ذميوارن جي دماغ ۾ نه اچڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
             ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته انا يا عهدي جو رعب يا تڪبر ڪڏهن به تحريڪ جي ذميوارن جي دماغ ۾ نه اچڻ گهرجي، بلڪه ذميوار پنهنجي پاڻ کي ساٿين جو خادم، انهن جو همدرد ۽ مددگار سمجهن.انهن اها ڳالھ ايم ڪيو ايم اپر پنجاب زون جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.
Read More    Posted on: 08 Oct 2014
شاھ لطيف جي قسم کائي ڪري چوان ٿو ته مان سنڌي ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندس ۽ مان سنڌ جي حفاظت ڪندس. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته شاھ لطيف جي قسم کائي ڪري چوان ٿو ته مان سنڌي ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندس، سنڌ جي حفاظت ڪندس ۽ سنڌين سميت هڪ هڪ مظلوم کي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ظلم کان نجات ڏياريندس.
Read More    Posted on: 08 Oct 2014
ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي قومي ،صوبائي ۽ سينيٽ جي ايوانن ۾ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ڀر ۾ ويهاريو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جو گراف تمام گهڻو وڌي ويو آهي ۽ ڪراچي کان خيبرپختونخواھ تائين ۽ آزاد ڪشمير سميت گلگت بلتستان ۾ ان جي مقبوليت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. انهن فرمايو ته جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ گروپ بندين ۽ ان کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن کي اندازو هجڻ گهرجي ته ڪراچي ئي نه بلڪه سڄي ملڪ جا عوام ايم ڪيو ايم تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن 
Read More    Posted on: 08 Oct 2014
ڪراچي ۾ جي يو آئي ف جي رهنما مولانا ساجد الله ۽ مولانا مسعود جي ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا قابل مذمت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
       متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ جي يو آئي ف جي رهنما مولانا ساجد الله ۽ مولانا مسعود جي ٽارگيٽ جي واقعن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ انهن واقعن کي شهر ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي هڪ وڏي سازش جو حصو قرار ڏنو آهي. 
Read More    Posted on: 07 Oct 2014
8 آڪٽوبر 2005 تي ايندڙ قيامت خيز زلزلو قومي تاريخ جو هڪ اهڙو دردناڪ سانحو آهي جنهن کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين 8 آڪٽوبر 2005 تي آزاد ڪشمير خيبرپختونخواھ ۽ اسلام آباد ۾ ايندڙ قيامت خيز زلزلي  جي سانحي جي نائين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ تمام شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 07 Oct 2014
سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جي آبادي کي هميشه هڪ سازش جي تحت گهٽ ڪري ڏيکاريو ويو آهي.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو  آهي ته سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جي آبادي کي هميشه هڪ سازش جي تحت گهٽ ڪري ڏيکاريو ويو ۽ غيرمنصفانه تڪ بندين جي ذريعي انهن جي سياسي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو پر هاڻي انهن ناانصافين ۽ حق تلفين جو سلسلو وڌيڪ نه هلندو. 
Read More    Posted on: 07 Oct 2014
تعصب رکندڙ تجزيي نگار ايم ڪيو ايم جي پاليسين تي تنقيد ضرور ڪن پر بي بنياد الزام نه لڳائن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
    متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته تعصب رکندڙ ۽ شائونسٽ تجزيي نگار ايم ڪيو ايم جي پاليسين تي تنقيد ضرور ڪن پر ڪوڙا پروفيگنڊا ۽ بي بنياد الزام نه لڳائن ۽ پنهنجين دلين مان ايم ڪيو ايم جي خلاف نفرت ۽ تعصب ڪڍي ڦٽي ڪن.انهن اها ڳالھ حيدرآباد ۽ سکر ۾ قرباني جون کلون جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ قائم ڪيل ڪيمپن تي موجود ذميوارن ، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي.انهن فرمايو ته ڪي ڪي ايف ڪيترن ئي سالن کان عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪري رهيو آهي. انهن فرمايو ته وعدو ڪرڻ وڏو آسان هوندو آهي پر ان کي نڀائڻ مشڪل هوندو آهي 
Read More    Posted on: 07 Oct 2014
جيڪي تجزيو ڪندڙ اهو چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ گهٽ ٿي رهيو آهي اهي عيدالاضحٰي جي موقعي تي ان کي ملندڙ قرباني جون کلون اچي ڪري ڳڻي وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيڪي مخالفَ، سياسي تجزيي نگار ۽ ليکڪ چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ گهٽ ٿي رهيو آهي، ان جو گراف ڪِري رهيو آهي اهي عيدالاضحٰي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي ملڻ واريون قرباني جون کلون اچي ڪري ڳڻي وٺن، انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ انهن جي تمام تجزين کي هڪ ڀيرو ٻيهر غلط ثابت ڪري ڇڏيندو 
Read More    Posted on: 07 Oct 2014
رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عامر خان، سيف يار خان ۽ ڪنور خالد يونس عيدالاضحٰي جي پهرين ڏينهن فيڊرل بي ايريا بلاڪ 4 ۾ واقع طارق گرائونڊ جو دورو ڪيو .
      متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عامر خان، سيف يار خان ۽ ڪنور خالد يونس عيد جي پهرين ڏينهن فيڊرل بي ايريا بلاڪ 4 ۾ واقع طارق گرائونڊ جو دورو ڪيو 
Read More    Posted on: 06 Oct 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ، ڊاڪٽر نصرت، رابطا ڪميٽي ميمبرن ۽ ٻين نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ عيدالاضحٰي جي نماز ادا ڪئي .
         متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديق ، ڊاڪٽر نصرت ، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، سينيٽرن، اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن ۽ ٻين کان علاوه علائقي جي ماڻهن نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ عيدالاضحٰي جي نماز ادا ڪئي. 
Read More    Posted on: 06 Oct 2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو خدمت خلق فائونڊيشن جي مرڪزي ڪيمپ تي فون، عيدالاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کلون جمع ڪرڻ وارن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي شاباش پيش ڪئي.
       متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عيد الاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کلون جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ قائم ڪيل خدمت خلق فائونڊيشن جي مرڪزي ڪيمپ تي فون ڪري  اتي فلاحي خدمتون انجام ڏيڻ وارن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي شاباش پيش ڪئي.جناب الطاف حسين مرڪزي ڪيمپ تي موجود تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي.
Read More    Posted on: 06 Oct 2014
جناب الطاف حسين جي طرفان نائن زيرو تي سنت ابراهيمي جو فرض ادا ڪيو ويو
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڪراچي ۾ انهن جي رهائشگاه نائن زيرو تي سنت ابراهيمي جو فرض ادا ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عامر خان، محمد واسع جليل ۽ خالد سلطان جناب الطاف حسين جي طرفان الڳ الڳ جانورن کي ذبح ڪيو ۽ سنت ابراهيمي جي فرض جي تڪميل ڪئي.  
Read More    Posted on: 06 Oct 2014
بلاول زرداري جو بيان پيپلزپارٽي جي جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف تعصب واري پاليسي جو حصو آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدرعباس رضوي چيو آهي ته جناب الطاف حسين جي 35 ساله سياسي جدوجهد ۾ ڪيترائي ڀيرا مختلف سياسي جماعتن جي قائدين ۽ ٻين قوتن جناب الطاف حسين جو جيئڻ حرام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ملڪ جي سياسي تاريخ شاهد آهي ته خدا جي قدرت سان اهڙن ماڻهن جو پاڻ ئي جيئڻ حرام ٿي ويو آهي. 
Read More    Posted on: 06 Oct 2014
عوام عيد الاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کلون ڪي ڪي ايف کي ڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي عيدالاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کلون ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي ڏين. 
Read More    Posted on: 05 Oct 2014