Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي مارچ جي رستي ۾ بيهاريل تمام رڪاوٽن کي فوري طور تي هٽايو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/13/2014
پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي مارچ جي رستي ۾ بيهاريل تمام رڪاوٽن کي فوري طور تي هٽايو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
وقت جو تقاضا آهي ته سياسي مخالفت کي برداشت ڪيو وڃي، معاملن کي افهام و تفهيم سان حل ڪيو وڃي، عوام کي انهن جي آئيني ، قانوني ، سياسي ۽ جمهوري حق کان محروم نه رکيو وڃي.
لانگ مارچ جي دوران انساني جانين ۽ ملڪيتن کي ڪنهن به قيمت تي نقصان نه پهچايو وڃي.احتجاج ڪرڻ وارين جماعتن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن؛ 13 آگسٽ 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي ڪابينا ۽ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف کان هڪ ڀيرو ٻيهر پرزور اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي مارچ جي رستي ۾ بيهاريل تمام رڪاوٽن کي فوري طور تي هٽايو وڃي ۽ لاهور، اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ بيهاريل تمام ڪنٽينرن، ٽرالرن ۽ ٻين رڪاوٽن کي فوري طور تي هٽايو وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پنهنجن مطالبن جي حق ۾ احتجاج ڪرڻ ،مظاهرا ڪرڻ، مارچ ۽ جلسا ڪرڻ هر جماعت جو آئيني، قانوني ۽ جمهوري حق آهي ۽ ڪنهن کي به ان حق کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي پر پنجاب حڪومت جي طرفان پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي مارچ کي روڪڻ جي لاءِ لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي ڪنٽينرن، ٽرالرن ۽ ٻيون رڪاوٽون بيهاري سيل ڪري چڏيو آهي ، لاهور ماڊل ٽائون جي علائقن ۾ عوام گذريل چئن ڏينهن کان محصور آهن.روڊ رستا بند ٿيڻ جي ڪري مريضن کي اسپتال وٺي وڃڻ ۾ سخت مشڪلاتن جو سامنو ڪرڻو پئجي رهيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته وقت جو تقاضا آهي ته سياسي مخالفت کي برداشت ڪيو وڃي ۽ معاملن کي افهام و تفهيم سان حل ڪيو وڃي.انهن فرمايو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت کي پرزور اپيل ڪريان ٿو ته اها عقلمندي جو مظاهرو ڪندي پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي رستي ۾ بيهاريل تمام رڪاوٽن کي ختم ڪري، عوام کي انهن جي آئيني ، قانوني، سياسي ۽ جمهوري حق کان محروم نه ڪري ۽ لاهور، اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ بيهاريل تمام ڪنٽينرن ۽ ٽرالرن کي فوري طور تي هٽايو وڃي.انهن پاڪستان عوامي تحريڪ ، تحريڪ انصاف ۽ انهن جي اتحادي جماعتن کي به دردمندانه اپيل ڪئي ته اهي به مارچ، جلسا ۽ مظاهرا ضرور ڪن پر خدا جي واسطي مارچ ۽ جلسن کي مڪمل طور تي پرامن رکن ۽ ڪنهن به قيمت تي قانون کي پنهنجن هٿن ۾ نه کڻڻ ۽ هڪ ٻئي کي برداشت ڪن.انهن تمام مظاهرين کي اپيل ڪئي ته اهي ان ڳالھ جو ڀرپور خيال رکن ته مارچ جي دوران انساني جانين ۽ ملڪيتن کي ڪنهن به قيمت تي نقصان نه پهچي.
*

7/18/2024 1:36:50 AM