Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
جناب الطاف حسين جي طرفان بم ڌماڪي ۾ معذور ٿيندڙ سيد محمد اويس عابدي کي اليڪٽرونڪ وهيل چيئر جو عطيو ڏنو ويو.
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي 4 مئي 2013 تي مور پارڪ عزير آباد جي ويجهو بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ پيرن کان معذور ٿيندڙ 17 ساله سيد محمد اويس عابدي کي ايم ڪيو ايم جي ڊس ايبل پرسن ونگ جي طرفان اليڪٽرونڪ وهيل چيئر جو تحفو عطيه ڪيو ويو.  
Read More    Posted on: 02 Sep 2014
حيدرآباد ۾ ٻن عمارتن جي ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حيدرآباد ۾ ميمڻ اسپتال جي ويجهو ٻن عمارتن جي ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 02 Sep 2014
ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن جي ڪارڪنن ۽ حامين جي طرفان پي ٽي وي جي عمارت تي چڙهائي ڪرڻ ۽ قبضو ڪرڻ افسوسناڪ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اسلام آباد ۾ ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن جي ڪارڪنن ۽ حامين جي طرفان پي ٽي وي جي عمارت تي قبضي ڪرڻ جي عمل کي سخت افسوسناڪ قرار ڏنو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پي ٽي وي يا ان جهڙا ادارا ۽ انهن جون عمارتون رياست جون علامتون آهن. 
Read More    Posted on: 01 Sep 2014
ملڪ جي موجوده خطرناڪ صورتحال، ملڪ جو نظام ۽ ملڪ جي بقا و سلامتي اسان کان پنهنجي ذاتي انا ۽ شخصيتن جي قربانين جو تقاضا ڪن ٿيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اڄ پاڪستان جنهن خطرناڪ صورتحال کان گذري رهيو آهي ان کي ڏسندي ملڪ ۾ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني وڏي ڳڻتي ۽ بيچيني ۾ مبتلا آهن.ملڪ جي ان صورتحال جو تقاضا آهي ته اڄ الطاف حسين جي ذات هجي، عمران خان جي ذات هجي، ڊاڪٽر طاهر القادري جي ذات هجي يا وزير اعظم ميان نواز شريف جي ذات هجي سڀني کي پنهنجي ذات ۽ انا  کي هڪ پاسي رکي ڪري آئين، جمهوريت ۽ ادارن جي تقدس کي بچائڻ جي لاءِ وڏين وڏين قربانين ڏيڻ کان به ڪيٻائڻ نه گهرجي.انهن فرمايو ته شخصيتون اچڻ وڃڻ واريون شيون آهن 
Read More    Posted on: 01 Sep 2014
جناب الطاف حسين جي جمهوريت جي فروغ ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ ڪردار کي ملڪ ئي نه بلڪه عالمي سطح تي به قدر جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبرَ امين الحق ۽ عبدالحسيب.
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق ۽ عبدالحسيب چيو آهي ته ملڪ جي نازڪ ترين صورتحال ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جمهوريت جي فروغ ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ جناب الطاف حسين جي ان ڪردار کي ملڪ ئي نه بلڪه عالمي سطح تي به قدر جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم اپر پنجاب اسلام آباد ضلع جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو. 
Read More    Posted on: 28 Aug 2014
جميعت علماء اسلام جي مرڪزي نائب صدر حافظ حسين احمد جي والد جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جميعت علماء اسلام جي مرڪزي نائب صدر حافظ حسين احمد جي والد جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي . 
Read More    Posted on: 28 Aug 2014
ڪورنگي ۾ اڻ ڄاتل هٿيار بندن جي فائرنگ سان جاڳ ٽي وي ايسوسي ايٽ جي پروڊيوسر نادر شاھ جي قتل تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سان جاڳ ٽي وي جي ايسوسي ايٽ پروڊيوسر نادر شاھ جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 28 Aug 2014
ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ اهي جائز ڳالهين کي مڃي وٺن ۽ رضاڪارانه طور تي حڪومت چڏي ڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيڪڏهن حڪومت سياسي بحران جي خاتمي جي لاءِ جائز مطالبن کي تسليم ڪرڻ ۽ ڳالھ مڃڻ جي لاءِ تيار نه آهي ته حالتن کي وڌيڪ تباهي ۽ بربادي ڏانهن وٺي وڃڻ کان بهتر آهي ته اها گهر هلي وڃي. انهن اها ڳالھ رات جو هڪ انٽرويو ۾ چئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته پندرنهن ڏينهن گذري ويا آهن ماڻهو اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيون ويٺا آهن، اهي خراب موسم ۽ برسات ۾ کليل آسمان جي هيٺان ويٺا آهن  
Read More    Posted on: 28 Aug 2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
     متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ انهن کي ٻڌايو ته گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور ۽ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد مون سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ کان پوءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن ته 
Read More    Posted on: 28 Aug 2014
جنگ اخبار لاهور جي ادارتي ڪميٽي جي چيئرمين بيدار بخت جي والد صديق بٽ جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
     متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جنگ اخبار لاهور جي ادارتي ڪميٽي جي چيئرمين بيدار بخت جي والد محمد صديق بٽ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 26 Aug 2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سينيئر سياستدان ۽ پي ٽي آئي جي رهنما مخدوم جاويد هاشمي جي پمز اسپتال وڃي ڪري عيادت ڪئي.
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي 
Read More    Posted on: 26 Aug 2014
جيڪڏهن حڪومت ۽ ڌرڻا ڏيڻ وارا ضد تي اڙيل رهيا ۽ ڪوئي حل نه ڪڍيو ويو ته وڏو خون خرابو نظر اچي رهيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيڪڏهن ملڪ جو موجوده سياسي بحران جلد کان جلد افهام و تفهيم سان حل نه ڪيو ويو ۽ حڪومت ضد تي اڙيل رهي ۽ ڌرڻا ڏيڻ وارا به اڙيل رهيا ۽ ڪوئي حل نه نڪتو ته مون کي وڏو خون خرابو نظر اچي 
Read More    Posted on: 26 Aug 2014
ملڪ کي ضد ۽ انا جي ور چڙهايو پيو وڃي جنهن جي ذميواري ٻنهي ڌرين تي عائد ٿئي ٿي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حڪومت ۽ احتجاج ڪرڻ وارين جماعتن جي سربراهن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي خدا جي واسطي پنهنجين نيتن کي صاف ڪن ۽ فقط اقتدار جي خاطر ملڪ کي داءُ تي نه لڳايو وڃي،مان پنهنجي سياسي مشاهدي ۽ علم جي روشني ۾ چئي رهيو آهيان ته اچڻ وارا ڏينهن تمام خراب نظر اچي رهيا آهن، ايم ڪيو ايم ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي جي لاءِ پنهنجيون 25 سيٽون ڏيڻ جي لاءِ به تيار آهي پر خدا جي واسطي معصوم انسانن، ٻارن ۽ عورتن جو رت نه وهايو وڃي. 
Read More    Posted on: 26 Aug 2014
جناب الطاف حسين جو ايم ڪيو ايم اوورسيز جي 18 هين سالانه ڪنوينشن کي خطاب.
بسم الله الرحمٰن الرحيم
واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم اوورسيز جي 18 هين سالانه ڪنوينشن ۾ شريڪ معزز مهمان َ، ايم ڪيو ايم آمريڪا جي آرگنائيزنگ ڪميٽي، ايم ڪيو ايف، سي ايم سي،ميڊيا، گهواره ادب، پاڪستان ڪلب، پوليٽيڪل ايڪشن ڪميٽي، سن چيئرٽي، ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ فورم سان تعلق رکڻ وارن ميمبرن، معصوم ٻارن ۽ ٻارڙين سڀني کي اسلام عليڪم.     ان پروگرام ۾ سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي کان علاوه 23 شهرن جا ذميوار ۽ ڪارڪن شريڪ آهن جنهن ۾ ڊيلاس، ڪنيڪٽيڪيوٽ،شڪاگو، بوسٽن،بالٽيمور، آسٽن، ايٽلانٽا، نيوجرسي، ميمي، لاهاسٽن، هوائي، ڊيٽروئٽ، ڦلاڊيلپيئا، فلوريڊا، اوريگن، نيويارڪ، اوڪلاما، سن آنٽونيا، سنفرانسيڪو، ايس ٽي لائيس، واشنگٽن ڊي سي، سائوٿ ڪيرولينا، متحده قومي موومينٽ پنهنجي ايم ڪيو ايم اوورسيز 
Read More    Posted on: 25 Aug 2014
ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند جماعت آهي ۽ اها ملڪ ۾ مارشلا نه ٿي چاهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند جماعت آهي، اها ملڪ ۾ مارشلا نه ٿي چاهي بلڪه ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته سياسي بحران کي افهام و تفهيم ۽ ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل ڪيو وڃي. جيڪڏهن مسئلن کي ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل نه ڪيو ويو ۽ ٽڪراءُ جو رستو اختيار ڪيو ويو ته پوءِ فوج وٽ ٻيو ڪوئي به رستو نه بچندو جو اها ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ مداخلت ڪري.انهن اها ڳالھ واشنگٽن ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 18 هين سالانه ڪنوينشن کي فون تي خطاب ڪندي فرمائي.
Read More    Posted on: 24 Aug 2014