حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي ڊاڪٽر ظفر ڪمالي جي سس جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 13 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي ڊاڪٽر ظفر ڪمالي جي سس محترمه وحيده خاتون مرحومه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحومه جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه جا درجات بلند فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.