وفاقي حڪومت جو لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي قيادت سان رابطو.
ايم ڪيو ايم جي قيادت جي لاءِ وزير اعظم ميان نواز شريف جو پيغام پهچايو.
اپوزيشن جي لانگ مارچ جي رستي ۾ بيٺل رڪاوٽون هٽائڻ جي باري ۾ ايم ڪيو ايم جي قيادت کي اعتماد ۾ ورتو ويو.
لنڊن؛ 13 مارچ 2014
وفاقي حڪومت لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي قيادت سان رابطو ڪيو ۽ وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جو پيغام پهچايو، وفاقي حڪومت اپوزيشن جي لانگ مارچ جي رستي ۾ بيهاريل رڪاوٽون هٽائڻ جي باري ۾ ايم ڪيو ايم جي قيادت کي اعتماد ۾ ورتو. ايم ڪيو ايم جي قيادت حڪومت جي فيصلي کي مثبت قرار ڏنو ۽ ان فيصلي تي ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخله، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ۽ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪيو.