Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
صوبي سنڌ ۾ نون انتظامي يونٽن جي قيام جي مخالفت ڪرڻ انتهائي قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
       متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم مظلومن جي آئيني، قانوني ۽ جمهوري  حقن جي جدوجهد ۾ ڪنهن به قسم جي سودي بازي نه ڪندي ۽ جيستائين منهنجي جسم ۾ ساھ باقي آهي مان اردو ڳالهائڻ وارن سان گڏو گڏ سڄي ملڪ جي مظلومن جي حقن جي لاءِجدوجهد ڪندو رهندس.اها ڳالھ انهن ڪراچي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکڻ وارن شاگردن، استادن ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي وفد سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.
Read More    Posted on: 19 Sep 2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي سلسلي ۾ ڇنڇر 20 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ ميڙاڪو منعقد ٿيندو.
      ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم يوڪي جي زير اهتمام  20 سيپٽمبر بروز ڇنڇر تي لنڊن ۾ ميڙاڪو منعقد ڪيو ويندو 
Read More    Posted on: 18 Sep 2014
سنڌ جي اهم ادارن جي ڀرتين ۾ ڪراچي جي اردو ڳالهائڻ وارن کي نظر انداز ڪرڻ تنگ نظري آهي. سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبرَ.
      سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن سنڌ جي اهم ادارن جي ڀرتين ۾ ڪراچي سان تعلق رکندڙ اردو ڳالهائڻ وارن تعليم يافته ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان کي ڪراچي جي عوام سان تنگ نظري قرار ڏنو آهي.پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾انهن چيو ته گذريل ڏينهن 
Read More    Posted on: 18 Sep 2014
ڪارڪنَ پنهنجي سهڻي اخلاق سان جناب الطاف حسين جي پيغام کي ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلائن. رابطا ڪميٽي ميمبر سيد شاڪر علي.
       ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي ڪراچي مضافاتي آرگنائزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام گوٺ خواستي بروهي، خالد ڪالوني ۽ عزيز آباد ڀنگوريه جي ڳوٺن جي تربيتي اجلاسن کي خطاب ڪندي 
Read More    Posted on: 18 Sep 2014
پيپلز پارٽي جي رهنما سينيٽر رحمٰن ملڪ جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
     پيپلز پارٽي جي رهنما سينيٽر رحمٰن ملڪ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي ٽيليفون ڪري انهن جي 61 هين سالگره جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهن جي صحت و تندرستي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
Read More    Posted on: 18 Sep 2014
ڪراچي يونيورسٽي اسلامڪ اسٽڊيز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر تشڪيل احمد اوج جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
        متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين گلشن اقبال ۾ هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ سان ڪراچي يونيورسٽي جي اسلامڪ اسٽڊيز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر تشڪيل احمد اوج جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ فرمايو آهي ته دهشت گردن پروفيسر کي قتل ڪري قوم کي هڪ ٻئي مذهبي ۽ علمي شخصيت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. 
Read More    Posted on: 18 Sep 2014
مخير حضرات سيلاب زدگان ۽ آئي ڊي پيز جي امداد جي لاءِ خدمت خلق فائونڊيشن ۾ دل کولي ڪري عطيات جمع ڪرائين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سڄي ملڪ ۾ سيلاب متاثرن ۽ آئي ڊي پيز جي امداد جي لاءِ امدادي ڪيمپ لڳائڻ ۽ ڏينهن رات امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي ايم ڪيو ايم پنجاب جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو 
Read More    Posted on: 17 Sep 2014
اهڙي جمهوريت کي آمريت کان به بدتر قرار ڏيان ٿو جيڪا مڪاني ادارن کان سواءِ قائم ڪئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
        متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان اهڙي جمهوريت کي آمريت کان به بدتر قرار ڏيان ٿو جيڪا مڪاني نظام جي سسٽم کان سواءِ قائم ڪئي وڃي.سپريم ڪورٽ جيلن ۾ عدالتون لڳائي ڪري اهڙن تمام قيدين کي رها ڪرائي جيڪي پنهنجن ڏوهن کان وڌيڪ سزا ڀوڳي چڪا آهن.سانحه قصبه علي ڳڙھ ، سانحه پڪا قلعه ۽ سانحه حيدرآباد 30 سيپٽمبر جو تذڪرو نهڪرڻ واريون انساني حقن جون انجمنون جعلي آهن. 
Read More    Posted on: 17 Sep 2014
جيڪي ماڻهو صوبي جي تقسيم کي غداري سان تعبير ڪن ٿا اهي پنهنجي صوبي کي صوبو نه بلڪه پورو ملڪ سمجهن ٿا جيڪي پڻ غداري جي برابر آهي.رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان ۾ 20 صوبا بڻايا وڃن ڇو ته جهڙي طرح ضلعا ۽ ڊويزنون انتظامي يونٽ آهن اهڙي طرح  صوبا به يونٽ آهن. جڏهن پاڪستان ۾ قائم چار صوبا ضلعا ۽ ڊويزنون وڌڻ سان تقسيم نه ٿياته صوبا بڻجڻ سان ملڪ ڪيئن تقسيم ٿي سگهي ٿو. 
Read More    Posted on: 17 Sep 2014
ايم ڪيو ايم جي تحت لنڊن ۾ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي چوٿين ورسي ملهائي وئي.
        متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي چوٿين ورسي ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ قرآن خواني و فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ شهيد کي زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو ويو. 
Read More    Posted on: 17 Sep 2014
ايم ڪيو ايم برطانيه جي تحت لنڊن ۾ جناب الطاف حسين جي سالگره جي تقريب انتهائي سادگي سان ملهائي وئي.
      ايم ڪيو ايم برطانيه جي تحت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت جي مطابق انهن جي 61 هين سالگره انتهائي سادگي سان ملهائي وئي.جنهن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين خصوصي طور تي شرڪت ڪئي.تقريب ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي گهر واري شمائله عمران انهن جي ٻنهي ٻارڙن،رابطا ڪميٽي ۽ ٻين کان علاوه همدردن ۽ انهن جي گهر وارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 17 Sep 2014
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق جي چوٿين ورسي انتهائي عقيدت و احترام سان نائن زيرو سميت پوري ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ ملهائي وئي.
            متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي چوٿين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.ان سلسلي ۾ مرڪزي پروگرام نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن،
Read More    Posted on: 16 Sep 2014
تحريڪ صوبي هزاره جي قائد بابا حيدر زمان جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي فون.پاڪستان ۾ نون صوبن جي قيام جي مطالبي جي ڀرپور حمايت.
       تحريڪ صوبا هزاره جي قائد بابا حيدر زمان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ پاڪستان ۾ نون صوبن جي قيام جي مطالبي جي ڀرپور حمايت ڪئي.بابا حيدر زمان جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ان ڳالھ سان مڪمل اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي 
Read More    Posted on: 16 Sep 2014
هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن ۽ سابق حق پرست ڪائونسلر محمد رشيد ۽ انهن جي نوجوان پٽ محمد عادل جي وحشياڻي قتل تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اورنگي ٽائون ۾ دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 120 جي ڪارڪن و سابق حق پرست ڪائونسلر محمد رشيد ۽ انهن جي نوجوان پٽ محمد عادل جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ قتل جي ان واقعي کي کليل دهشت گردي ۽ ڪراچي آپريشن جي ناڪامي قرار ڏنو آهي. 
Read More    Posted on: 16 Sep 2014
سيلابي وهڪرن کان انساني جانين جي تحفظ جي لاءِ بغير ڪنهن دير جي ننڍا ننڍا ڊيم تعمير ڪيا وڃن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
       متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين برساتي پاڻي جي ذخيرن ۽ سيلابي وهڪرن کان قيمتي انساني جانين جي تحفظ جي لاءِ ننڍن ننڍن ڊيمن جي تعمير تي زور ڏيندي فرمايو آهي ته ملڪ ۾ بغير ڪنهن دير جي ننڍن ننڍن ڊيمن جو ڄار وڇايو وڃي. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجن ماهرن جي غيرمشروط طور تي خدمتن جي پيشڪش ڪري ٿي. 
Read More    Posted on: 16 Sep 2014