Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ميرپور خاص ۾ ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪت تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ميرپورخاص ۾ هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي 
Read More    Posted on: 02 Nov 2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي حاجي حنيف طيب، مولانا تنويرالحق ٿانوي ۽ علامه عباس ڪميلي سان ملاقات.
 متحده قومي موومينٽ جي طرفان محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي، عبدالحسيب ۽ رشيد گوڏيل ممتاز عالمن سڳورن حاجي حنيف طيب، مولانا تنويرالحق ٿانوي ۽ علامه عباس ڪميلي سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي محرم شريف جي حوالي سان جناب الطاف حسين جو پيغام پهچايو.
Read More    Posted on: 02 Nov 2014
پاڪستان ۾ مختلف گوڙ وارا علائقا حق ڳالهائڻ وارن صحافين جي لاءِ نوگو ايريا جي حيثيت رکن ٿا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اقوام متحده جي طرفان صحافين جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي  ڇوٽ ڏيڻ جي خاتمي جي لاءِ 2 نومبر تي ملهايو وڃڻ جي عالمي ڏينهن جو خير مقدم ڪندي ان کي صحافي برادري جي تحفظ جي لاءِ اهم قدم قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ خصوصي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان ۾ به مختلف علائقا حق گو صحافين جي لاءِ نوگو ايريا جي حيثيت رکن ٿا
Read More    Posted on: 02 Nov 2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي معروف عالمن سڳورن عون محمد نقوي ۽ حافظ جميل راٺوڙ سان ملاقاتون.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي ۽ عبدالحسيب معروف عالمن سڳورن علامه عون محمد نقوي ۽ حافظ جميل راٺوڙ سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جو محرم شريف جي دوران مذهبي رواداري، انتها پسندي جي خاتمي ۽ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جو پيغام پهچايو.
Read More    Posted on: 01 Nov 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي جي سنڌي چينل جي بيوروچيف فاروق تبسم تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي طرفان وحشياڻي تشدد جي سخت مذمت.
    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي طرفان سنڌي چينل آواز جي بيوروچيف فاروق تبسم تي وحشياڻي تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي اظهار جي آزادي جي خلاف قرار ڏنو آهي.
Read More    Posted on: 01 Nov 2014
مان ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب، ورڪنگ ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي ايوانن ۾ موڪليو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اڄ غريب مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جي لاءِ آواز اٿارڻ وارن عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري سياست ۾ اڃان قدم به نه رکيو هو، ان کان پهرين ئي مان غريب مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس سان تعلق رکڻ وارن پڙهيل لکيل نوجوانن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پهچائي ڇڏيو هو.ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته مان سياست جو آغاز شاگرد تنظيم اي پي ايم ايس او جي ذريعي ڪيو هو پر منهنجو منشور پهرين ئي ڏينهن کان جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ اسٽيٽس ڪو جي خاتمي ۽ عدل و انصاف جي قيام جي لاءِ هو. منهنجو منشور ٻٺي تعليمي نظام جو خاتمو، ڪرپشن جو خاتمو ۽ غريب مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جي ماڻهن کي ملڪ جي اعلٰي ايوانن ۾ نمائندگي ڏيارڻ هو.
Read More    Posted on: 01 Nov 2014
داعش جي شڪل ۾ طالبان ۽ القائده کان وڏو خطرو پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته داعش جي شڪل ۾ طالبان ۽ القائده کان وڏو ۽ خوفناڪ خطرو پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪو آهي.جيڪڏهن حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن عوام سان گڏجي ڪري ان خطري کي نه روڪيو ۽ ان خطرناڪ شدت پسند گروپن تي قابو نه پاتو ويو ته پاڪستان جي هر گهٽي ۽ پاڙي ۾ بي گناه ماڻهن جي لاشن جا ڍير هوندا ۽ پاڪستان جا عوام روانڊا ۾ آفريقي قبيلن جي هٿان لکين ماڻهن جي وحشياڻي قتل عام کي وساري ويهندا.
Read More    Posted on: 31 Oct 2014
سانحه 31 آڪٽوبر1986 جو ڏينهن منهنجي لاءِ هڪ وڏي دردناڪ ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته 31 آڪٽوبر 1986 جو ڏينهن منهنجي لاءِ هڪ دردناڪ ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو. جنهن ڏينهن اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم کي ختم ۽ تباھ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي ظلمن جو نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو.انهن اها ڳالھ سانحه 31 آڪٽوبر جي شهيدن جي 28 هين ورسي جي موقعي تي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۽ حيدرآباد ۾ زونل آفيس تي رابطا ڪميٽي،سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ مخلتف شعبن جي ميمبرن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. 
Read More    Posted on: 31 Oct 2014
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام سانحه 31 آڪٽوبر 1986 جي شهيدن جي 28 هين ورسي سڄي ملڪ ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
              متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه 31 آڪٽوبر1986 جي شهيدن جي 28 هين ورسي سڄي ملڪ ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ قائم ايم ڪيو ايم جي زونل آفيسن ۾ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويا.ان سلسلي جو مرڪزي اجتماع نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو.
Read More    Posted on: 31 Oct 2014
محرم شريف جي دوران مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي معروف عالم دين علامه شهنشاھ حسين نقوي، علامه فرقان حيدر عابدي ۽ مولانا قاري اقبال سان الڳ الڳ ملاقاتون.
     متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي محرم شريف جي دوران مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب، احمد سليم صديقي ۽ عارف خان ايڊووڪيٽ معروف عالم دين ۽ مذهبي اسڪالر علامه شهنشاھ حسين نقوي سان امام بارگاھ باب العلم نارٿ ناظم آباد ۾ جڏهن ته فرقان حيدرعابدي ۽ مولانا قاري اقبال سان انهن جي رهائشگاھن تي الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان محرم شريف جي حوالي سان خصوصي پيغام پهچايو.
Read More    Posted on: 31 Oct 2014
گلستان جوهر جي علائقي ڪامران چورنگي جي ويجهو امام بارگاھ تي دستي بم حملي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين گلستان جوهر جي علائقي ڪامران چورنگي جي ويجهو امام بارگاھ تي دستي بم حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي انتهائي بزدلاڻه عمل ۽ شهر ۾ فرقي واراڻه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي سازش قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته شهر ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي لاءِ هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت امام بارگاهن تي حملو ڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. 
Read More    Posted on: 30 Oct 2014
بلوچستان اوٿل کان ڪراچي ايندڙ ڪوچ ۽ ٽرڪ جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ ۽ ايبٽ آباد ۾ وين جي کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ تي رابطا ڪميٽي ميمبر يوسف شاهواڻي جي طرفان وڏي ڏک جو اظهار.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي بلوچستان اوٿل کان حب جي رستي ڪراچي ايندڙ ڪوچ ۽ ٽرڪ جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ ۽ ايبٽ آباد ۾ وين جي کاهي ۾ ڪرڻ جي دردناڪ حادثي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 30 Oct 2014
سانحه 31 آڪٽوبر 1986 ايم ڪيو ايم کي ان جي شروعاتي دور ۾ ئي ختم ڪرڻ جي هڪ خوفناڪ سازش جو حصو هو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته 31 آڪٽوبر1986 ايم ڪيو ايم جي جدوجهد جو هڪ ناقابل فراموش ڏينهن آهي ۽ ان تحريڪ جي شهيدن جيڪي قربانيون ڏنيون اهي ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ۾ هميشه ياد رکيون وينديون.سانحه 31 آڪٽوبر 86 جي شهيدن جي 28 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته اهو سانحو ايم ڪيو ايم کي ان جي جدوجهد جي شروعاتي دور ۾ ئي ختم ڪرڻ جي هڪ خوفناڪ سازش جو حصو هو.
Read More    Posted on: 30 Oct 2014
پاڪستان بين الاقوامي سطح تي تنهائي جو شڪار آهي، رانڌين ۽ ثقافت کي فروغ ڏيئي ڪري اسان خطي کي ترقي ڏياري سگهون ٿا.سيد حيدر عباس رضوي.
            ميانمار سيپڪ تاڪر ۽ چن لون فيڊريشن جي صدر ، قومي ڪوچ مسٽر لون ۽ ميانمار جي قومي ٽيم جي رانڌيگرن تي مشتمل وفد نائن زيرو جو دورو ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي ۽ ٻين انهن جو استقبال ڪيو ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان خوش آمديد چيو
Read More    Posted on: 30 Oct 2014
آسٽريليا جي خلاف مسلسل ٽئين سينچري ٺاهي ريڪارڊ قائم ڪرڻ تي ممتاز ڪرڪيٽر يونس خان کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين 90 سالن کان پوءِ دنيا جي ڪنهن به ڪرڪيٽر جي طرفان آسٽريليا جي خلاف مسلسل ٽئين سينچري ٺاهڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي پاڪستان جي ممتاز ڪرڪيٽر يونس خان کي پنهنجي، رابطا ڪميٽي ۽ پوري قوم جي طرفان زبردست مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 30 Oct 2014