Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آسٽريليا جي خلاف مسلسل ٽئين سينچري ٺاهي ريڪارڊ قائم ڪرڻ تي ممتاز ڪرڪيٽر يونس خان کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف


آسٽريليا جي خلاف مسلسل ٽئين سينچري ٺاهي ريڪارڊ قائم ڪرڻ تي ممتاز ڪرڪيٽر يونس خان کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف
 Posted on: 10/30/2014
آسٽريليا جي خلاف مسلسل ٽئين سينچري ٺاهي ريڪارڊ قائم ڪرڻ تي ممتاز ڪرڪيٽر يونس خان کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست مبارڪباد پيش.
شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۽ ريڪارڊ قائم ڪرڻ تي يونس خان کي“ليجنڊ ڪرڪيٽر ۽ دي بيسٽ ڪرڪيٽر آف دي ورلڊ” جو خطاب ڏيان ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛30 آڪٽوبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين 90 سالن کان پوءِ دنيا جي ڪنهن به ڪرڪيٽر جي طرفان آسٽريليا جي خلاف مسلسل ٽئين سينچري ٺاهڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي پاڪستان جي ممتاز ڪرڪيٽر يونس خان کي پنهنجي، رابطا ڪميٽي ۽ پوري قوم جي طرفان زبردست مبارڪباد پيش ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته يونس خان دنيا جا چوٿان ۽ پاڪستان جا پهريان ڪرڪيٽر آهن جن آسٽريليا جي خلاف مسلسل ٽي سينچريون ٺاهڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. جنهن تي مان انهن کي دل جي گهرائين سان زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ ان شاندار ڪارڪردگي ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي مان يونس خان کي “ليجنڊ ڪرڪيٽر ۽ دي بيسٽ ڪرڪيٽر آف دي ورلڊ” جو خطاب ڏيان ٿو. جناب الطاف حسين يونس خان جي طرفان شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي پوري قوم کي به مبارڪباد پيش ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي ڪرڪيٽ وانگر زندگي جي هر شعبي ۾ به پاڪستان کي ڪاميابي عطا فرمائي.آمين.

7/17/2024 8:41:54 PM