Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

محرم شريف جي دوران مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي معروف عالم دين علامه شهنشاھ حسين نقوي، علامه فرقان حيدر عابدي ۽ مولانا قاري اقبال سان الڳ الڳ ملاقاتون.

 Posted on: 10/31/2014

ڪراچي؛31 آڪٽوبر2014
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي محرم شريف جي دوران مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب، احمد سليم صديقي ۽ عارف خان ايڊووڪيٽ معروف عالم دين ۽ مذهبي اسڪالر علامه شهنشاھ حسين نقوي سان امام بارگاھ باب العلم نارٿ ناظم آباد ۾ جڏهن ته فرقان حيدرعابدي ۽ مولانا قاري اقبال سان انهن جي رهائشگاھن تي الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان محرم شريف جي حوالي سان خصوصي پيغام پهچايو.ان موقعي تي حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي انور رضا زيدي ۽ متحده علماء ڪميٽي جو انچارج جاويد احمد ۽ ٻيا به موجود هئا.ملاقاتن جي دوران رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت شيعه ۽ سني فساد کي هوا ڏيڻ جي لاءِ معصوم ماڻهن جو رت وهايو پيو وڃي ۽ امام بارگاهن تي حملا ڪيا پيا وڃن.رابطا ڪميٽي عالمن سڳورن کي چيو ته اهي محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.ان موقعي تي عالمن سڳورن مذهبي رواداري ، فرقي وارانه هم آهنگي ۽ ڀائي چاري جي فروغ جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ پنهنجي طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري به ڪرائي.ان موقعي تي دهشت گردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي درجات جي بلندي، سوگوارن جي لاءِ صبر جميل، دهشت گردي جي خاتمي، محرم شريف ۾ ڀائي چاري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ سميت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون.

7/17/2024 8:37:00 PM