Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مان ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب، ورڪنگ ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي ايوانن ۾ موڪليو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مان ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب، ورڪنگ ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي ايوانن ۾ موڪليو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/1/2014
مان ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب، ورڪنگ ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي ايوانن ۾ موڪليو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهرالقادري اڃان سياست ۾ قدم به نه رکيو هو، ان کان پهرين ئي مان غريب ۽ مڊل ڪلاس جي نوجوانن کي اسيمبلين ۾ پهچائي ڇڏيو هو.
اڄ ٽي وي چينلن تي ايترا ٽاڪ شوز ٿين ٿا پر ايم ڪيو ايم جي باري ۾ اهو ڪڙو سچ ڪنهن جي به زبان مان نه ٿو نڪري.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نائن زيرو تي شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛پهرين نومبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اڄ غريب مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جي لاءِ آواز اٿارڻ وارن عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري سياست ۾ اڃان قدم به نه رکيو هو، ان کان پهرين ئي مان غريب مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس سان تعلق رکڻ وارن پڙهيل لکيل نوجوانن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پهچائي ڇڏيو هو.ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته مان سياست جو آغاز شاگرد تنظيم اي پي ايم ايس او جي ذريعي ڪيو هو پر منهنجو منشور پهرين ئي ڏينهن کان جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ اسٽيٽس ڪو جي خاتمي ۽ عدل و انصاف جي قيام جي لاءِ هو. منهنجو منشور ٻٺي تعليمي نظام جو خاتمو، ڪرپشن جو خاتمو ۽ غريب مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جي ماڻهن کي ملڪ جي اعلٰي ايوانن ۾ نمائندگي ڏيارڻ هو. مان ملڪ
جي پڙهيل لکيل ۽ باصلاحيت نوجوانن کي ايوانن ۾ موڪلڻ جي جدوجهد ڪئي ته اها ڳالھ ماڻهن کي نه ٿيندڙ ۽ انوکي محسوس ٿي. ماڻهو سوچيندا ۽ ڳالهيون ڪندا هئا ته الطاف حسين جيڪي ڳالهيون ۽ دعوٰي ڪري رهيو آهي ۽ جن ڳالهين جي نشاندهي ڪري رهيو آهي ڇا اهي قابل عمل به ٿي سگهن ٿيون؟ڪجھ ماڻهن منهنجي منشور ۽ ڳالهين تي منهنجو مذاق اڏايو، طعنا ڏنا ۽ چيو ته سياست ڪرڻ ۽ اسيمبلين ۾ پهچڻ غريبن جي وس جي ڳالھ نه آهي، اوهان اجايو ايڏي محنت ڪري رهيا آهيو، پنهنجيون اهي ڪوششون ختم ڪري ڇڏيو پر مان تمام تر مخالفتن ، تنقيد ۽ طعنن جي باوجود پنهنجي منشور ۽ مقصد تي ڄميل رهيس ۽ جدوجهد ڪندو رهيس، مان سنڌ جي شهري علائقن ۾ ووٽ جي ذريعي عملي طور تي اهو انقلاب برپا ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي ايوانن ۾ موڪليو. جناب الطاف حسين فرمايو ته بدقسمتي سان اڄ ملڪ جا گهڻا ئي تجزيه نگار، صحافي ۽ اينڪر پرسن ان ڳالھ کي چوندي شرمائين ٿا ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين سڀني کان پهرين غريب ۽ وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل طبقي جي نوجوانن کي سياست ۾ آڻيندي ايوانن ۾ پهچايو. انهن فرمايو ته اڄ اهي ماڻهو عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري جي باري ۾ ته اهو چوندي نه ٿا ٿڪجن ته اهي غريب ۽ وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل نوجوانن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن پر اها ڳالھ اهي ڪيئن وساري ڇڏين ٿا ته غريب مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جي لاءِ آوازون اٿارڻ جون دعوٰئون ڪرڻ وارن عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهرالقادري سياست ۾ ان وقت قدم به نه رکيو هو، ان کان پهرين ئي مان غريب ،مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جي نوجوانن کي ملڪ جي پارليامينٽ ۾ پهچائي ڇڏيو هو. اڄ ٽي وي چينلن تي ايترا ٽاڪ شوز ٿين ٿا پر افسوس جي ڳالھ اها آهي ته ايم ڪيو ايم جي باري ۾ ڪڙو سچ ڪنهن جي به زبان مان نه ٿو نڪري.جيڪڏهن ان کي منافقت،بي ايماني، يا صحافتي ڌوکي بازي سان تعبير نه ڪيو وڃي ته ٻيو ڇا ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪنهن پارٽي سان اختلاف رکڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر ان پارٽي جي منشور ۽ عوامي خدمتن کي عوام تائين ضرور پهچايو وڃي. ڇو ته اها ئي صحافتي ذميواري آهي.


7/17/2024 8:19:42 PM