Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام سانحه 31 آڪٽوبر 1986 جي شهيدن جي 28 هين ورسي سڄي ملڪ ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.


ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام سانحه 31 آڪٽوبر 1986 جي شهيدن جي 28 هين ورسي سڄي ملڪ ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
 Posted on: 10/31/2014
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام سانحه 31 آڪٽوبر 1986 جي شهيدن جي 28 هين ورسي سڄي ملڪ ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
ان سلسلي جو مرڪزي پروگرام نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو.
ڪراچي؛31 آڪٽوبر2014
              متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه 31 آڪٽوبر1986 جي شهيدن جي 28 هين ورسي سڄي ملڪ ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ قائم ايم ڪيو ايم جي زونل آفيسن ۾ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويا.ان سلسلي جو مرڪزي اجتماع نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو.جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، رابطا ڪميٽي ميمبرن، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، شعبن جي ذميوارن، سيڪٽر و يونٽ ڪميٽين جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مولانا تنوير الحق ٿانوي دعا ڪرائي جنهن ۾ سانحه 31 آڪٽوبر جي شهيدن سميت تمام شهيدن جي مغفرت،انهن جي درجات جي بلندي،ملڪ جي بقا و سلامتي، محرم شريف ۾ امن و امان جي قيام، دهشت گردي ۽ فرقي واريت جي خاتمي سميت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون.ڪراچي وانگر اندورن سنڌ جي زونل آفيسن حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ، ٽنڊو الهيار، ڄامشورو، سانگهڙ، ٺٽي، بدين، دادو، ڪشمور، خيرپور، عمر ڪوٽ، قمبر شهداد ڪوٽ، شڪارپور، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، نوشهرو فيروز ۽ جيڪب کان علاوه پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواھ ۽ آزاد ڪشمير ۾ به ايم ڪيو ايم جي زونل آفيسن ۾قرآن خواني و فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ٿيا جن ۾ شهيدن جي لاءِ دعائون ڪيون ويون.

7/17/2024 8:18:59 PM