بلوچستان اوٿل کان ڪراچي ايندڙ ڪوچ ۽ ٽرڪ جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ ۽ ايبٽ آباد ۾ وين جي کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ تي رابطا ڪميٽي ميمبر يوسف شاهواڻي جي طرفان وڏي ڏک جو اظهار.
ڪراچي؛30 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي بلوچستان اوٿل کان حب جي رستي ڪراچي ايندڙ ڪوچ ۽ ٽرڪ جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ ۽ ايبٽ آباد ۾ وين جي کاهي ۾ ڪرڻ جي دردناڪ حادثي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي.يوسف شاهواڻي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.آمين.