Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گلستان جوهر جي علائقي ڪامران چورنگي جي ويجهو امام بارگاھ تي دستي بم حملي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


گلستان جوهر جي علائقي ڪامران چورنگي جي ويجهو امام بارگاھ تي دستي بم حملي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 10/30/2014
گلستان جوهر جي علائقي ڪامران چورنگي جي ويجهو امام بارگاھ تي دستي بم حملي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪامران چورنگي جي ويجهو امام بارگاھ تي دستي بم حملو بزدلاڻه ڪاروائي ۽ شهر ۾ فرقي واراڻه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي سازش جو حصو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛30 آڪٽوبر2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين گلستان جوهر جي علائقي ڪامران چورنگي جي ويجهو امام بارگاھ تي دستي بم حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي انتهائي بزدلاڻه عمل ۽ شهر ۾ فرقي واراڻه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي سازش قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته شهر ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي لاءِ هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت امام بارگاهن تي حملو ڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن فرمايو ته عائشه منزل جي ويجهو آئي آر سي امام بارگاھ تي دستي بم حملي کان پوءِ گلستان جوهر ۾ ڪامران چورنگي جي ويجهو دستي بم حملو وڏي ڳڻتي واري ڳالھ آهي ۽ ان ڳالھ جو ثبوت به آهي ته ڪجھ عناصر هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت امام بارگاهن کي نشانو بڻائي شهر ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جناب الطاف حسين امام بارگاھ تي دستي بم حملي ۾ زخمي ٿيندڙ عزاداران حسين سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته امام بارگاهن ۽ مسجدن جي حفاظت ۽ شهرين جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ انتظامن کي وڌيڪ ڪارائتو بڻايو وڃي. جناب الطاف حسين اهل تشيع ۽ اهل سنت عوام سميت تمام مڪاتب فڪر جي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي محرم شريف جي موقعي تي فرقي وارانه هم آهنگي ۽ ڀائي چاري جي فروغ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ عقيدي ، مذهب ۽ فقه جي بنياد تي عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۽ اشتعال ڦيلائڻ وارن عناصر جي سازشن کي پنهنجي اتحاد سان ناڪام بڻائي ڇڏين.

7/17/2024 8:36:59 PM