Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي جي سنڌي چينل جي بيوروچيف فاروق تبسم تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي طرفان وحشياڻي تشدد جي سخت مذمت.


ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي جي سنڌي چينل جي بيوروچيف فاروق تبسم تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي طرفان وحشياڻي تشدد جي سخت مذمت.
 Posted on: 11/1/2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي جي سنڌي چينل جي بيوروچيف فاروق تبسم تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي طرفان وحشياڻي تشدد جي سخت مذمت.
ڪراچي؛ پهرين نومبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي طرفان سنڌي چينل آواز جي بيوروچيف فاروق تبسم تي وحشياڻي تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي اظهار جي آزادي جي خلاف قرار ڏنو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ اشفاق منگي چيو ته فاروق تبسم کي ڊي جي هيلٿ آفيس وحدت ڪالوني حيدرآباد ۾ هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام ۾ بي ضابطگين جي عوامي شڪايتن تي صحافتي ذميواريون ادا ڪرڻ جي ڏوھ ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته صحافين تي تشدد ڪنهن به مهذب معاشري جي سڃاڻ نه آهي ۽ اهو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ان جا ڪارڪنَ برداشت جي جذبي کان خالي آهن. انهن فاروق تبسم جي گهر وارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي فاروق تبسم کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.اشفاق منگي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي فاروق تبسم تي وحشياڻي تشدد ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري فاروق تبسم کي انصاف ڏيارين.

7/17/2024 8:29:33 PM