Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي حاجي حنيف طيب، مولانا تنويرالحق ٿانوي ۽ علامه عباس ڪميلي سان ملاقات.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي حاجي حنيف طيب، مولانا تنويرالحق ٿانوي ۽ علامه عباس ڪميلي سان ملاقات.
 Posted on: 11/2/2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي حاجي حنيف طيب، مولانا تنويرالحق ٿانوي ۽ علامه عباس ڪميلي سان ملاقات.
ڪراچي؛2 نومبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي طرفان محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي، عبدالحسيب ۽ رشيد گوڏيل ممتاز عالمن سڳورن حاجي حنيف طيب، مولانا تنويرالحق ٿانوي ۽ علامه عباس ڪميلي سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي محرم شريف جي حوالي سان جناب الطاف حسين جو پيغام پهچايو.ملاقات جي دوران عالمن سڳورن رابطا ڪميٽي سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته محرم شريف ۽ ٻين اسلامي مهينن ۾ فرقي واريت کي هوا ڏيڻ وارا عناصر اتحاد بين المسلمين جا کليل دشمن آهن ۽ تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن ۽ عوام کي فرقي واريت ڦيلائڻ وارن عناصر جو گهيراءُ ڪري فرقي واريت جي عفريت جو خاتمو ڪرڻو پوندو.انهن چيو ته جناب الطاف حسين واحد رهنما آهن جيڪي فرقي واريت جي خاتمي جي لاءِ ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي لاءِ پهرين ڏينهن کان ئي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي عملي ڪردار جي ڪري ئي مختلف مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن ۽ عوام ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ مسلڪ ۽ فقه جي بنياد تي احترام پيدا ٿيو آهي.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي چيو ته محرم شريف احترام جو مهينو آهي ۽ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم ان مهيني ۾ فرقي وارانه هم آهنگي جي لاءِ جهڙي طرح سرگرم آهن اهو عوامي سطح تي ڏسي سگهجي ٿو.رابطا ڪميٽي تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجن خطبن ۾ فرقي وارانه آهنگي کي برقراررکڻ جو درس ڏين ۽ ڪنهن به واقعي تي مشتعل نه ٿين ۽ سازشي عناصر جي سازشن کي ماضي وانگر پنهنجي اتحاد سان ناڪام بڻائي ڇڏين.


7/17/2024 8:22:54 PM