Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
الله تعالٰي پنهنجي پياري محبوب حضرت محمد مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي ذڪر پاڪ کي بلند ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته الله تعالٰي پنهنجي پياري محبوب حضرت محمد مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي ذڪر پاڪ کي بلند ڪري ڇڏيو آهي ۽ جنهن جي ذڪر پاڪ کي الله تعالٰي بلند ڪري ڇڏي ته دنيا جي ڪائي به طاقت انهن جي مرتبي کي گهٽ ڪري نه ٿي سگهي.
Read More    Posted on: 25 Jan 2015
نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي هر عاشق جي سوچ اها آهي ته محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي مقدس گهڙي ۽ رستي ۾ موت اچي وڃي ته اهو سودو تمام سٺو آهي. سينيٽر تنوير الحق ٿانوي.
مختلف مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن خطاب ڪندي چيو ته توحيد تي صرف مسلمانن جو قبضو نه آهي بلڪه عيسائي ۽ يهودي به توحيد کي مڃن ٿا، مسلمان جو اعلٰي ٿيڻ لا الٰه الا الله سان نه آهي بلڪه مسلمان جي سڃاڻپ محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم سان آهي. 
Read More    Posted on: 25 Jan 2015
ڪراچي سميت ملڪ جي 80 سيڪڙو حصي ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ڪنهن به دهشت گردي جو سبب بڻجي سگهي پيو.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي مظفر ڳڙھ ٿرمل پاور پلانٽ ۽ نيشنل گرڊ اسٽيشن جي لائن ٽرپ ڪري وڃڻ جي ڪري ڪراچي سميت ملڪ جي 80 سيڪڙو حصي ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي هن صورتحال ۾ ان قسم جو بريڪ ڊائون ڪنهن به وڏي دهشت گردي جو سبب بڻجي سگهي پيو.
Read More    Posted on: 25 Jan 2015
حیدرآبادمیں شالیمارایکسپریس کی دوبوگیاں الٹنے سے خواتین اوربچوں سمیت متعددمسافروں کے زخمی ہونے پرالطاف حسین کااظہارتشویش
متحدہ قومی موومنٹ کے قائدجناب الطاف حسین نے حیدرآبادکے قریب لاہورسے کراچی آنے والی شالیمارایکسپریس کی دوبوگیاں الٹنے کے نتیجے میں خواتین اوربچوں سمیت متعددمسافروں کے زخمی ہونے پرگہری تشویش کااظہارکیاہے ۔
Read More    Posted on: 24 Jan 2015
پي پي جي حڪومت ڪراچي شهر جي مڪاني ادارن جو حليو بگاڙي ڇڏيو آهي. عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ گلفراز خان خٽڪ. متحده لائرز فورم جي زير اهتمام لائرز ڊائري جي تقريب رونمائي کي خطاب.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ گلفراز خان خٽڪ چيو آهي ته شهر قائد کي مڪاني ادارن جي سخت ضرورت آهي پر موجوده حڪران نه ٿا چاهين ته مڪاني اليڪشن ٿين،انهن خيالن جو اظهار انهن متحده لائرز فورم جي زير اهتمام نو بهار هوٽل صدر ۾ نئين سال جي سلسلي ۾ لائرز فورم ڊائري جي تقريب رونمائي کي خطاب ڪندي ڪيو.
Read More    Posted on: 23 Jan 2015
دهشت گردن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون جي ڪارڪن محمد عابد کي اورنگي ٽائون ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
دهشت گردن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 بي جي ڪارڪن محمد عابد کي اورنگي ٽائون جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
Read More    Posted on: 23 Jan 2015
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتاري کان پوءِ ٽارگيٽ ڪلر، ڀتا خور ۽ ڏوهاري بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته هن مهيني ۾ ايم ڪيو ايم جا 13 ڪارڪن دهشت گردن جي فائرنگ سان شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ ماورائي عدالت قتل جا واقعا به شامل آهن.
Read More    Posted on: 23 Jan 2015
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام 24 جنوري بروز ڇنڇر تي نائن زيرو جناح گرائونڊ ۾ سومهڻي جي نماز کان پوءِ محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم منعقد ٿيندي.
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام هر سال وانگر هن سال به نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ 24 جنوري بروز ڇنڇر تي سومهڻي جي نماز کان پوءِ محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جو انعقاد ڪيو ويندو. جنهن ۾ ملڪ جا وڏا عالم سڳورا نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي سيرت مبارڪ تي روشني وجهندا. 
Read More    Posted on: 23 Jan 2015
سنڌ حڪومت ۽ ان جا وزير ڪرپشن، بدعنواني ۽ اقربا پروري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.

             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ ان جا وزير ڪرپشن، بدعنواني ۽ اقربا پروري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪا آهن، ملڪ جي اعلٰي عدالت پنهنجن ريمارڪس ۾ اهو چئي چڪي آهي ته سنڌ حڪومت ۾ اهليت نه آهي ته اها صوبو سنڀالي سگهي ان جي  ڪري اها آئيني ترميم ڪري اعتراف ڪري ته اها صوبو  نه ٿي سنڀالي سگهي ۽ اهو چئي ته اها صوبو وفاق جي حوالي ڪري رهي آهي.
Read More    Posted on: 23 Jan 2015
اسلام آباد جي لال مسجد خودڪش حمله آورن ۽ دهشت گردن جو ٺڪاڻو بڻجي چڪي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته  اسلام آباد جي لال مسجد خودڪش حمله آورن ۽ دهشت  گردن جو ٺڪاڻو بڻجي چڪي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته اهي حقيقتون پوري قوم جي سامهون اچي چڪيون آهن ته اسلام آباد جي لال مسجد ۾ مذهب، فرقي واريت ۽ عقيدي جي بنياد تي نفرتن ۽ قتل و غارتگري کي فروغ ڏنو وڃي ٿو، لال مسجد جي مدرسي جامعه حفصه جون شاگردياڻيون دهشت گردن جي تنظيم داعش سان تعلقات جو اعتراف ڪري چڪيون آهن،
Read More    Posted on: 23 Jan 2015
انا پرستي شيطاني صفت آهي جيڪا قومن جي وچ ۾ اتحاد و ڀائيچاري ۽ نظم و ضبط جي راھ ۾ به رڪاوٽ به بڻجي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته انا پرستي شيطاني صفت آهي جيڪا نه صرف ٻن ماڻهن جي ملاپ جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي پر قومن جي وچ ۾ اتحاد و ڀائيچاري ۽ نظم و ضبط جي راھ ۾ به رڪاوٽ بڻجي ٿي، انا پرستي ئي ملڪن ۽ قومن جي تباهي ۽ بربادي جو سبب بڻجي ٿي.
Read More    Posted on: 23 Jan 2015
اورنگي ٽائون ۾ مهاجر چوڪ تي دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 بي جي ڪارڪن محمد عابد شهيد جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.

            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اورنگي ٽائون مهاجر چوڪ تي دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 بي جي ڪارڪن محمد عابد شهيد جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي 
Read More    Posted on: 22 Jan 2015
ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن محمد عابد جي شهادت تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 بي جي ڪارڪن محمد عابد جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 22 Jan 2015
سائوٿ ايشيا ۾ ڀارت جو قبضو قائم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته بين الاقوامي منصوبي جي تحت سائوٿ ايشيا ۾ ڀارت جو قبضو قائم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ پاڪستان ۾ مذهبي نفرت ۽ فرقي واريت جي باھ ڀڙڪائي ڪري پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جو عمل انهي سازش جو حصو آهي.
Read More    Posted on: 22 Jan 2015
ڪشمور ۾ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪشمور ۾ ڪراچي کان پشاور ويندڙ ڪوچ ۽ ٽرالر جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 21 Jan 2015