Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر جي هر دل عزيز ڪارڪن سيد قاصد علي جي شهادت تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
 ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 131 جي هر دل عزيز ڪارڪن سيد قاصد علي جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته حق پرستي جي جدوجهد جي آغاز کان ئي وٺي ڪري مان ڪارڪنن جي جدائي جو غم برداشت ڪندو پيو اچان پر ان جي باوجود مان الله سائين جي ڀروسي ۽ صبر سان گڏ پنهنجن ڪارڪنن جي لاءِ انصاف  جو طلبگار آهيان.
Read More    Posted on: 30 Dec 2014
سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارليماني ليڊر خواجه اظهار الحسن جي سُهري برڪت الله خان غوري جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارليماني ليڊر خواجه اظهار الحسن جي سُهري برڪت الله خان غوري جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي
Read More    Posted on: 30 Dec 2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ڪارڪن فرحان جي گهر تي چاپي جي دوران انهن جي امڙ سان بدتميزي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي.
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رات برنس روڊ جي علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن فرحان ولد محمد حنيف جي گهر تي چاپو هڻڻ ۽ انهن جي والده سان بدتميزي ڪرڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ ڪئي آهي.پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل رات قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن برنس روڊ جي علائقي ۾ فرحان جي گهر انهن جي گرفتاري جي لاءِ چاپو هنيو هو پر فرحان ان وقت گهر ۾ موجود نه هئا ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن انهن جي ننڍي ڀاءُ کي زبردستي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي دوران انهن جي پوڙهي امڙ انهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن انهن کي ڌڪا ڏنا ۽ انهن سان بدتميزي ڪئي جنهن جي ڪري اها دل جو دورو پوڻ جي سبب ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي
Read More    Posted on: 30 Dec 2014
ايم ڪيو ايم برنس روڊ جي ڪارڪن فرحان جي والده نسيم حنيف جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم برنس روڊ سيڪٽر يونٽ 22 جي ڪارڪن فرحان حنيف جي والده محترمه نسيم حنيف جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي
Read More    Posted on: 30 Dec 2014
ڪراچي ۽ سڄي ملڪ ۾ مقيم مخير حضرات ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن جي ڀرپور مدد ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ مقيم پاڪستانين خصوصن مخير حضرات کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ٽمبر مارڪيٽ سانحي جي متاثرن جي ڀرپور مدد ڪن
Read More    Posted on: 30 Dec 2014
شهري حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته سڀني کان پهرين فائربريگيڊ کي جديد گاڏين ۽ جديد اوزارن سان ليس ڪنداسين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته آئنده مڪاني اليڪشن ۾ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي شهري حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني کان پهرين فائربريگيڊ کي جديد گاڏين ۽ باھ وسائڻ جي جديد اوزارن سان ليس ڪنداسين ته جيئن شهر ۾ ٽمبر مارڪيٽ جهڙن سانحن کان بچي سگهجي ۽ باھ لڳڻ جي ڪنهن به واقعي ۾ عوام جي جان و مال کي هر قيمت تي محفوظ بڻائي سگهجي. انهن اها ڳالھ رات پاڪستاني وقت جي مطابق 3 لڳي 50 منٽن تي ٽمبر مارڪيٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪيمپ تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن،لياري سيڪٽر جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ علائقي جي متاثرن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. 
Read More    Posted on: 30 Dec 2014
ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن کي في گهر 25 لک روپيا امداد فوري طور تي ادا ڪئي وڃي.حق پرست سينيٽر بابر غوري.
ايم ڪيو ايم جي حق پرست سينيٽر بابر غوري سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن کي في گهر 25 لک روپيا امداد فوري طور تي ڏني وڃي ته جيئن متاثرن جي ڏکن جو ازالو ٿي سگهي.اهو مطالبو انهن ٽمبر مارڪيٽ ۾ امدادي ڪيمپ تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ان موقعي تي اسيمبلين جا ميمبر به انهن سان گڏ هئا.بابر غوري چيو ته ٽمبر مارڪيٽ واقعي ۾ 8000 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن.انهن چيو ته سنڌ حڪومت جا وزير متاثرن جي عملي مدد ڪرڻ جي بجاءِ صرف پريس ڪانفرنسون ڪرڻ ۽ بهانا تلاش ڪري وقت ضايع ڪري رهيا آهن
Read More    Posted on: 29 Dec 2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان لاهور ۾ تاريخي انارڪلي بازار ۾ خوفناڪ باھ لڳڻ جي واقعي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور ۾ تاريخي انار ڪلي بازار ۾ خوفناڪ باھ لڳڻ جي واقعي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته انارڪلي بازار لاهور جو تاريخي بازار آهي
Read More    Posted on: 29 Dec 2014
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار شريف جي گادي نشين سيد نثار شاھ جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار شريف جي گادي نشين سيد نثار شاھ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مرحوم هڪ وڏي نيڪ هستي هئا ۽ مرحوم جي تعليمات شاھ ڀٽائي جي درس جي مطابق هيون.
Read More    Posted on: 29 Dec 2014
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار جي گادي نشين سيد نثار شاھ سائين جي تدفين ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار شريف جي گادي نشين سيد نثار شاھ سائين کي اڄ هزارين سوگوارن جي موجودگي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.مرحوم جي جنازي نماز مزار جي اڱڻ ۾ ادا ڪئي وئي.
Read More    Posted on: 29 Dec 2014
ايم ڪيو ايم پراڻي حاجي ڪيمپ ٽمبر مارڪيٽ ۾ لڳل باھ جي متاثرن جي لاءِ امدادي ڪيمپ تي ٻيو هيلپ لائن نمبر جاري ڪري ڇڏيو.
متحده قومي موومينٽ پراڻي حاجي ڪيمپ ٽمبر مارڪيٽ ۾ لڳل باھ جي واقعي کان پوءِ امدادي ڪيمپ تي سانحي جي متاثرن جي شڪايتن جي اندراج ۽ سهولتن جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٻيو هيلپ لائن نمبر ڏنو آهي
Read More    Posted on: 29 Dec 2014
حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي گدي نشين سيد نثار حسين شاھ جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي گدي نشين سيد نثار حسين شاھ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت 
Read More    Posted on: 29 Dec 2014
ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن جي نقصانن جو جائزو وٺي ڪري انهن کي فوري طور تي معاوضو ادا ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.

           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعلٰي سنڌ ۽ صوبائي وزيرن کان مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهي باھ کان متاثر ٿيندڙ حادثي واري جڳھ جو دورو ڪرڻ کان قاصر آهن ته گهٽ ۾ گهٽ ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن ۽ واپارين جي نقصانن جو جائزو وٺي ڪري انهن کي فوري طوري معاوضو ادا ڪن ته جيئن متاثر پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن. اها ڳالھ انهن پراڻي حاجي ڪيمپ ۾ باھ کان متاثر ٿيندڙ خاندانن جي لاءِ قائم ڪيل ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪيمپ ۾ حق پرست اسيمبلي ميمبرن، سيڪٽرن ۽ يونٽ جي ذميوارن، ڪارڪنن، ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن، ايڊمن ڪميٽي، شعبه اطلاعات، نيوز ڪميٽي، وڊيو سيڪشن ۽ فوٽو سيڪشن جي ميمبرن سميت اتي موجود پرنٽ و اليڪٽرانڪ ميڊيا جي رپورٽرن، ڪيميره مينن، فوٽو گرافرن، ٽيڪنيشنز ۽ اتي جمع ٿيندڙ متاثرن جي هڪ وڏي اجتماع سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ سڀني کان وڏي عبادت آهي
Read More    Posted on: 29 Dec 2014
ڊاڪٽر عشرت العباد خان کي گورنر سنڌ جي عهدي تي 12 سال مڪمل ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مبارڪباد پيش.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کي گورنر جي عهدي تي 12 سال مڪمل ٿيڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڊاڪٽر عشرت العباد پنهنجي دور ۾ مختلف سياسي و مذهبي جماعتن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ سنڌ جي عوام جي بهتري جي لاءِ جيڪي قدمَ کنيا آهن اهي قابل تحسين آهن.
Read More    Posted on: 26 Dec 2014
گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کي 12 سال مڪمل ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کي بطور گورنر سنڌ 12 سال مڪمل ٿيڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڊاڪٽر عشرت العباد پاڪستان جا پهريان، ايشيا جا ٻيا ۽ دنيا جا ٽيان گورنر  آهن جيڪي ڊگهي عرصي تائين گورنر جي عهدي تي فائز رهيا آهن
Read More    Posted on: 26 Dec 2014