Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانحه 31 آڪٽوبر 1986 ايم ڪيو ايم کي ان جي شروعاتي دور ۾ ئي ختم ڪرڻ جي هڪ خوفناڪ سازش جو حصو هو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سانحه 31 آڪٽوبر 1986 ايم ڪيو ايم کي ان جي شروعاتي دور ۾ ئي ختم ڪرڻ جي هڪ خوفناڪ سازش جو حصو هو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/30/2014
سانحه 31 آڪٽوبر 1986 ايم ڪيو ايم کي ان جي شروعاتي دور ۾ ئي ختم ڪرڻ جي هڪ خوفناڪ سازش جو حصو هو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
هڪ سازش جي تحت ايم ڪيو ايم جي جلوسن تي سهراب ڳوٺ ڪراچي ۽ مارڪيٽ چوڪ حيدرآباد ۾ وحشياڻي فائرنگ ڪرائي وئي جنهن جي نتيجي ۾ درجنين ڪارڪنَ شهيد و زخمي ٿي ويا هئا.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛30 آڪٽوبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته 31 آڪٽوبر1986 ايم ڪيو ايم جي جدوجهد جو هڪ ناقابل فراموش ڏينهن آهي ۽ ان تحريڪ جي شهيدن جيڪي قربانيون ڏنيون اهي ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ۾ هميشه ياد رکيون وينديون.سانحه 31 آڪٽوبر 86 جي شهيدن جي 28 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته اهو سانحو ايم ڪيو ايم کي ان جي جدوجهد جي شروعاتي دور ۾ ئي ختم ڪرڻ جي هڪ خوفناڪ سازش جو حصو هو. جڏهن حيدرآباد جي پڪا قلعه گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي ٻئي عوامي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ ايم ڪيو ايم جي جلوسن تي سهراب ڳوٺ ڪراچي ۽ مارڪيٽ چوڪ حيدرآباد ۾ هٿياربند دهشت گردن جي ذريعي وحشياڻه فائرنگ ڪرائي  هئي جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جا درجنين ڪارڪنَ شهيد و زخمي ٿي پيا هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي پرعزم، بهادر ۽ جيالن ڪارڪنن ان ڏينهن ظلم ۽ ڪيترن ئي ساٿين جي شهادت جي باوجود جنهن همت ۽ بهادري سان ايثار ۽ قرباني جو مظاهرو ڪيو ۽ تحريڪ جي جلسي جي انعقاد کي يقيني بڻايو اهو ناقابل فراموش آهي. انهن فرمايو ته اهو ظلم هو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي رت سان هولي کيڏڻ وارن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ ان  وقت جي جنرل ضياء جي فوجي حڪومت ابتڙ ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي رياستي آپريشن ڪيو. حيدرآباد کان ڪراچي ايندي مون کي گهگهر ڦاٽڪ وٽان گرفتار ڪيو ويو. ان سان گڏو گڏ ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن ۽ رهنمائن کي گرفتار ڪيو ويو، مون کي ۽ ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي ٿاڻڻ ۽ ڳجهن سرڪاري ٽارچر سيلن ۾ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. سڄي سنڌ ۾ گهر گهر ظلمن جا جبل ٽوڙيا ويا ۽ سنڌ جون جيلون ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سان ڀريون ويون. جناب الطاف حسين فرمايو ته مهاجرن جي وحشياڻي قتل عام ۽ ٻين سانحن وانگر سانحه 31 آڪٽوبر 1986 جي ذميوارن کي به اڄ تائين سزا نه ڏئي وئي آهي. انهن فرمايو ته سانحه 31 آڪٽوبر جي شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون ۽ تحريڪ پنهنجي منزل تي ضرور پهچندي. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي تحريڪ جي انهن شهيدن جي قربانين کي قبول فرمائي ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.آمين.

7/17/2024 8:38:19 PM