Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي معروف عالمن سڳورن عون محمد نقوي ۽ حافظ جميل راٺوڙ سان ملاقاتون.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي معروف عالمن سڳورن عون محمد نقوي ۽ حافظ جميل راٺوڙ سان ملاقاتون.
 Posted on: 11/1/2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي معروف عالمن سڳورن عون محمد نقوي ۽ حافظ جميل راٺوڙ سان ملاقاتون.
ملڪ ۾ شيعه ۽ سني فرقن ۾ ٽڪراءُ جي خواهش رکندڙ قوتون محرم شريف ۾ انتشار ڦيلائڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن.رابطا ڪميٽي.
 ڪراچي؛پهرين نومبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي ۽ عبدالحسيب معروف عالمن سڳورن علامه عون محمد نقوي ۽ حافظ جميل راٺوڙ سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جو محرم شريف جي دوران مذهبي رواداري، انتها پسندي جي خاتمي ۽ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي اسيمبلي ميمبرَ سفيان يوسف، جمال احمد، ريحان ظفر ۽ علماء ڪميٽي انچارج  جاويد احمد به انهن سان گڏ هئا.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ انتها پسند گروپَ شيعه سني فسادن کي هوا ڏيئي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ شيعه ۽ سني فرقن ۾ ٽڪراءُ ۽ اختلافن جي خواهش رکڻ واريون قوتون هڪ ڀيرو ٻيهر محرم شريف ۾ انتشار ڦيلائڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن.رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪستان ۾ امن ۽ رواداري جي لاءِ مان سڄي ملڪ جي عالمن سڳورن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي
پاڻ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچارو قائم ڪري سازشي عناصر جي سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏين.رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن اڄ اسان ملڪ ۾ انهن خطرناڪ گروپن جي موجودگي جو نوٽس نه ورتو ۽ پنهنجين صفن ۾ اتحاد قائم نه ڪيو ته ان جا انتهائي سنگين نتيجا نڪرندا.ملاقاتن جي موقعي تي عالمن سڳورن مذهبي رواداري جي قيام جي لاءِ جناب الطاف حسين جي ڪاوشن کي ساراهيندي  چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد ليڊر آهن جيڪي نه صرف سياسي مسئلن بلڪه مذهبي مسئلن جي حل جي لاءِ به ڪوشان آهن ۽ ان جا ڪارڪنَ ڏينهن رات ملڪ ۾ امن و امان جي قيام جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.عالمن سڳورن رابطا ڪميٽي کي پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي پاڪستان ۾ وسندڙ تمام مڪاتب فڪر ۽ مذهبن جي عوام ۾ محبت ۽ ڀائيچارو قائم ڪري.آمين.

7/17/2024 8:28:08 PM