Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

داعش جي شڪل ۾ طالبان ۽ القائده کان وڏو خطرو پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


داعش جي شڪل ۾ طالبان ۽ القائده کان وڏو خطرو پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/31/2014
داعش جي شڪل ۾ طالبان ۽ القائده کان وڏو خطرو پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن ان خطرناڪ شدت پسند گروپ تي قابو نه پاتو ته پوءِ هر گهٽي ۽ پاڙي ۾ بي گناهن جي لاشن جا ڍير هوندا ۽ ماڻهو روانڊا ۾ آفريقي قبيلن جي هٿان لکين ماڻهن جي وحشياڻي قتل عام کي به وساري ويهندا.
طالبان جا ماڻهو تيزي سان داعش ۾ شامل ٿي رهيا آهن، اٽڪ کان اسلام آباد تائين داعش جا جهنڊا لڳل آهن، ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ داعش جي وال چاڪنگ به ٿي رهي آهي.
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي هڪ اهم پرهجوم پريس ڪانفرنس کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛31 آڪٽوبر2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته داعش جي شڪل ۾ طالبان ۽ القائده کان وڏو ۽ خوفناڪ خطرو پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪو آهي.جيڪڏهن حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن عوام سان گڏجي ڪري ان خطري کي نه روڪيو ۽ ان خطرناڪ شدت پسند گروپن تي قابو نه پاتو ويو ته پاڪستان جي هر گهٽي ۽ پاڙي ۾ بي گناه ماڻهن جي لاشن جا ڍير هوندا ۽ پاڪستان جا عوام روانڊا ۾ آفريقي قبيلن جي هٿان لکين ماڻهن جي وحشياڻي قتل عام کي وساري ويهندا.انهن اهو انڪشاف اڄ ڪراچي ۾ نائن زيرو تي هڪ پرهجو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ اليڪٽرونڪ ۽ پرنٽ ميڊيا سان تعلق رکڻ وارن نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي رابطاڪميٽي جا ميمبر ، سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽  شعبن جا ميمبر به وڏي تعداد ۾ موجود هئا.جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان ۾ داعش جي سرگرمين جو سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. ميڊيا ۾ خبرون اچي چڪيون آهن ته طالبان جو ترجمان شاهد الله شاهد ڪيترن ئي ڪمانڊرن سميت داعش ۾ شامل ٿي چڪو آهي. طالبان ۾ شامل گهڻائي ماڻهو تيزي سان داعش ۾ شامل ٿي رهيا آهن، پنجاب ۾ اٽڪ کان اسلام آباد تائين داعش جا جهندا لڳل آهن ۽ ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ داعش جي وال چاڪنگ ٿي رهي آهي،مان ڪيترائي سال اڳ طالبانائيزيشن جي خطري کان قوم کي آگاھ ڪيو هو پر ان شي کان انڪار ڪيو ويو ۽ منهنجو مذاق اڏايو ويو۔اڄ مان هڪ ڀيرو ٻيهر داعش جي شڪل ۾ هڪ خطرناڪ خطري کان آگاھ ڪري رهيو آهيان. جيڪڏهن داعش جي وڌندڙ سرگرمين جو نوٽس نه ورتو ويو ۽ ان خطري کان نه نڀريو ويو ته ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچندو.جناب الطاف حسين داعش جي تاريخ بيان ڪندي فرمايو ته داعش پهرين آئي ايس آئي هئي.جيڪا اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق جو مخفف آهي،اها 15 آڪٽوبر 2006 تي قائم ڪئي وئي.اهو گروپ عراق،ايران، شام ۽ ڪوويت ۾ ابومصعب الزرقاوي جي قيادت ۾ ڪم ڪرڻ واري القائده جي مختلف گروپن کي متحد ڪري رهيو هو. ابومصعب الزرقاوي جي قتل کان پوءِ عراق ۾ مجاهدين جي شورٰي ابوعمرالبغدادي کي اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق جو امير مقرر ڪيو. 2010 ۾ ابوعمر البغدادي جي قتل کان پوءِ مجاهدين جي شورٰي ابوبڪر البغدادي کي آئي ايس آئي عراق جو امير مقرر ڪيو. ابوبڪر البغدادي عراق ۽ شام جي مختلف گروپن کي هڪ جڳھ تي جمع ڪيو اهڙي طرح آئي ايس آئي تبديل ٿي ڪري اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق اينڊ سيريا، يا داعش ٿي وئي. داعش جنهن کي دولت اسلامي عراق و شام به چيو وڃي ٿو، هاڻي ان جو دائرو عراق ۽ شام کان وڌي ڪري پاڪستان تائين ڦيلجي رهيو آهي. جيڪي طالبان ۽ القائده کان به وڌيڪ خطرناڪ ٽولو آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته سڀني کان پهرين مان ڪراچي ۾ طالبانائزيشن جي ٽرمنالاجي سان قوم کي آگاھ ڪيو هو ۽ پوري قوم کي رڙيون ڪري ڪري چيو هو ته ڪراچي ۾ طالبانائزيشن وڌندي پئي وڃي. مان گذريل ادوار جي صدر ۽ وزير اعظم سميت تمام ادارن جي سربراهن جي علم ۾ اها ڳالھ آڻيندو رهيس ته خدارا ان خطري جي روڪٿام جي لاءِ ڪوششون ڪريو پر ڪنهن به توجه نه ڏني، بلڪه هر طرف کان منهنجي ان بيان جي نه صرف نفي ڪئي وئي بلڪه مذاق به اڏايو ويو. جن ماڻهن منهنجن خدشن تي توجه نه ڏني آخر ڪار انهن ڏٺو ته منهنجا خدشا درست ثابت ٿيا ۽ اڄ پوري دنيا ان ڳالھ کي تسليم ڪري رهي آهي ته الطاف حسين درست هو.جناب الطاف حسين اخبارن جي مالڪن، ايڊيٽرن، پرنٽ و اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافي حضرات کي خطاب ڪندي فرمايو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته جيڪي صاحبَ ملڪ جي سلامتي ، خوشحالي ۽ امن جون ڳالهيون ڪن ٿا هاڻي اهي صرف ڳالهيون نه ڪن بلڪه پنهنجي ضمير جي آواز کي ٻڌندي ڪم ڪن ۽ قوم کي حقيقت کان آگاھ ڪن.جناب الطاف حسين فرمايو ته ٻئي جنگ عظيم جي خاتمي کان فورن بعد سوويت يونين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪولڊ وار جو آغاز ٿي ويو هو ۽ 1973 ۾ آمريڪا جي سي آئي اي طالبان ٺاهڻ جو آغاز ڪري ڇڏيو هو ۽ آخر ڪار1979 ۾ طالبان جي باقائده افغانستان ۾ تشڪيل ڏني وئي جڏهن روس افغانستان ۾ پنهنجي فوج لاهي ڇڏي هئي.طالبان جي تشڪيل ۾ آمريڪا جو ساٿ ٻين ملڪن به ڏنو جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب به شامل هئا. 1991 ۾ ڪولڊ وار جو اختتام ٿي ويو جنهن کان پوءِ سوويت يونين افغانستان کان انخلا شروع ڪري ڇڏيو ۽ ساڻ ئي طالبان جي سرپرستي ڪرڻ وارن آمريڪا ۽ ٻين ملڪن به افعانستان کان پنهنجي تڏا ويڙه ڪري روانا ٿي ويا.طالبان جي مدد جي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ رقم ۽ ٻين وسيلن جو به آمريڪا جي فوج جي واپسي کان پوءِ سلسلو بند ٿي ويو.طالبان پيسن ۽ وسيلن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي وحشياڻي ۽ غيرقانوني طريقن جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو.جن ۾ چوريون، ڀُنگ جي لاءِ اغوا ڪرڻ ۽ لٽ مار سميت ٻيا ڏوھ به شامل آهن، ساڻ ئي پيسن جي ڏيتي ليتي ۾ اختلافن جي ڪري طالبان ۾مختلف گروپ به بڻجي ويا.جناب الطاف حسين فرمايو ته طالبان جي مختلف گروپن سعودي عرب جهڙي حڪومت جي لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون ۽ سعودي عرب جي شريعت جو پرچار شروع ڪري ڇڏيو ان طرح جي شريعت جي پرچار جي نتيجي ۾ مسجدن، امام بارگاهن ايستائين جو بزرگان دين جي مزارن کي به نشانو بڻائيندي انهن کي بمن سان اڏايو ويو، پوليس ، فوج ۽ رينجر سميت ملڪ جي اهم ادارن تي حملن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو جن ۾ خودڪش حملا پيش پيش هئا.انهن فرمايو ته اسان جي هٿيار بند فوج  اتر وزيرستان ۾ پنهنجي جانين جي قرباني ڏيئي رهي آهي ۽ سيلاب ۽ ڏڪار جي حالتن ۾ به وڌي چڙهي ڪري خدمتون انجام ڏيئي رهي آهي پر فوج ملڪ کي اڪيلي سر بچائي نه ٿي سگهي.ان سلسلي ۾ پاڪستان جي نوجوانن، بزرگن ، امڙين ۽ ڀينرن کي به پنهنجو فرض ادا ڪرڻو پوندو.جناب الطاف حسين پاڪ فوج جي سربراھ ۽ پاڪستان جي ڳجهين ايجنسين انٽر سروسز انٽيلي جنس، ملٽري انٽيلي جنس ۽ آئي بي جي سربراھ کي درخواست ڪئي ته اهي تمام تحقيقاتي ادارن ۾ موجود ذميوارن کي به احساس ڏيارين ۽ انهن کي وڌ کان وڌ فعال ڪن ته جيئن اهي شدت پسند گروپن تي نظر رکي سگهن.انهن فرمايو ته داعش جي وڌندڙ قدمن کي روڪڻ جي لاءِ عوام کي به گهرجي ته اهي ننڍا ننڍا اجتماع منعقد ڪن ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجو فرض پورو ڪن. ڇو ته ملڪ بچندو ته اليڪشن نظام به درست ٿي ويندو ۽ فوج ، پوليس، بيورو ڪريسي به پنهنجا فرض صحيح طور تي ادا ڪندي.جيڪڏهن هر ماڻهو اهو سوچيندو ته اهو ڪم ٻيو ڪري ته ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ ڪوئي به ڪنهن قسم جو قدم نه کڻي سگهندو.جناب الطاف حسين فرمايو ته داعش جي خطري کان آگاھ ڪري مان بحيثيت پاڪستاني پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو آهي.هاڻي سڀني کي احساس ڪرڻ گهرجي ۽ اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيڪي قومون پنهنجن فرضن کي ديانتداري ۽ ايمانداري سان پورو نه ٿيون ڪن، هن ڌرتي تان ميٽجڻ انهن جو مقدر بڻجي ويندو آهي.عوام کي به ايمانداري ۽ پنهنجي ضمير جي مطابق ان جو فيصلو ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان جي ڪهڙي جماعت صرف نعري بازي ڪري ٿي ۽ ٽپا ڏيئي ٿي ۽ ڪهڙي جماعت آهي جيڪا سچائي سان عوام جي خدمت ڪري ٿي.جناب الطاف حسين صحافين کي به اپيل ڪئي ته اهي به پنهنجو فرض ادا ڪندي تمام جماعتن جي رهنمائن جي هڪ گول ميز ڪانفرنس گهرائين ، ملڪ جي سلامتي، بقا ۽ خطرن کان بچاءُ جي لاءِ صحافي جنهن کي به چونڊيندا ۽ جنهن کي تمام جماعتن جا قائدين تسليم ڪندا ته مان به ايم ڪيو ايم جي قائد جي حيثيت سان ان جي قيادت  ۾ هڪ ڪارڪن وانگر ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندس.هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته جيڪڏهن صوبائي حڪومتون داعش جي سرگرمين جي روڪٿام نه ڪنديون ته پوري دنيا جو اهو سمجهڻ جائز هوندو ته داعش يا ان جهڙن گروپن کي ظاهري طور، اندروني طور يا خاموش حمايت حاصل ضرور آهي.ان سوال تي ته ڇا ڪوئي ادارو داعش کي سپورٽ ڪري رهيو آهي. انهن جواب ڏيندي فرمايو ته مان نه ٿو سمجهان ته اداري مان ڪوئي سپورٽ ڪري رهيو آهي،پر اهي جماعتون يقينن ڪجھ نه ڪجھ هونديون جيڪي صبح شام شيعه ۽ سني جهيڙا ڪرائي رهيون آهن، ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرائينديون رهن ٿيون، پڙهيل لکيل ماڻهن کي مٽايو پيو وڃي پر انهن کي پڪڙڻ وارو ڪوئي به نه آهي ۽ هاڻي اهي عناصر جيڪي نفرت جي تبليغ ڪن ٿا اهي وڏي آرام سان ڪم ڪري رهيا آهن.هاڻي ته سڀني کي سوچڻ گهرجي ۽ هتي جيڪي پنجابي آهن انهن کي پنجاب جو بڻجي ڪري نه ، جيڪو پٺاڻ آهي ان کي سرحد جو بڻجي ڪري نه، بلوچن کي بلوچستان جو بڻجي ڪري نه، سنڌين کي سنڌ جو بڻجي ڪري نه بلڪه هن شهر جو بڻجي ڪري سوچڻ گهرجي ۽ جيڪو جنهن شهر جو هجي ان شهر جي هر زبان ڳالهائڻ واري کي شهر جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سوچڻ گهرجي، اهڙي طرح ملڪ هلندا آهن ۽ اهڙي طرح ئي ترقي ٿيندي آهي. منهنجو دل ڪافي ڏکايل آهي ۽ جيترو خطرو مان محسوس ڪري رهيو آهيان مون کي افسوس آهي ڪنهن ٻئي جماعت جي رهنما کي احساس نه آهي. ايترو کلي عام سڀ ڪجھ ٿي رهيو آهي پر ڪنهن کي به اعتراض نه آهي، مان دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي انهن کي عقل سليم عطا ڪري ۽ انهن کي ايماني طاقت ڏي.آمين.


7/17/2024 8:44:21 PM