Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان ۾ مختلف گوڙ وارا علائقا حق ڳالهائڻ وارن صحافين جي لاءِ نوگو ايريا جي حيثيت رکن ٿا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


پاڪستان ۾ مختلف گوڙ وارا علائقا حق ڳالهائڻ وارن صحافين جي لاءِ نوگو ايريا جي حيثيت رکن ٿا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 11/2/2014
پاڪستان ۾ مختلف گوڙ وارا علائقا حق ڳالهائڻ وارن صحافين جي لاءِ نوگو ايريا جي حيثيت رکن ٿا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
وقت جو تقاضا آهي ته صحافين جي خلاف ڏوهاري ماڻهن ۽ ٽولن جي خلاف سختي ڪري صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
جناب الطاف حسين جو اقوام متحده جي طرفان صحافين جي خلاف ڏوھ ڪرڻ وارن کي ڇوٽ ڏيڻ جي خاتمي جي لاءِ عالمي ڏينهن جو خير مقدم.
لنڊن؛2 نومبر2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اقوام متحده جي طرفان صحافين جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي  ڇوٽ ڏيڻ جي خاتمي جي لاءِ 2 نومبر تي ملهايو وڃڻ جي عالمي ڏينهن جو خير مقدم ڪندي ان کي صحافي برادري جي تحفظ جي لاءِ اهم قدم قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ خصوصي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان ۾ به مختلف علائقا حق گو صحافين جي لاءِ نوگو ايريا جي حيثيت رکن ٿا ۽ ملڪ جي انهن گوڙ وارن علائقن ۾ ڪيترن ئي انتها پسند ۽ دهشت گرد گروپن جي طرفان صحافتي فرضن جي ادائگي جي دوران صحافين جي اغوا، انهن تي تشدد ۽ قتلن سميت ڏوهن جا ٻيا واقعا به روز ٿين ٿا پر ان صورتحال ۾ صحافين کي موثر تحفظ فراهم نه ٿو ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته ان حوالي سان اقوام متحده جي طرفان ملهايو ويندڙ ڏينهن صحافي برادري جي لاءِ اهم قدم ثابت ٿيندو ڇو ته اهو موجوده وقت جو تقاضا آهي ته صحافين جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث عناصر ۽ ٽولن جي خاتمي جي لاءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ صحافين کي پنهنجيون ذميواريون ادا ڪرڻ جي آزادي ڏياري وڃي ۽ فرضن کي انجام ڏيڻ وقت زخمي يا شهيد ٿيندڙ صحافين ۽ انهن جي گهر وارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قانون ۾ ترميم ڪري انهن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ڇو ته اڄ جي جديد دور ۾ عوام کي موجوده صورتحال کان آگاھ رکڻ ۾ صحافين جو اهم ڪردار ناقابل فراموش آهي

7/17/2024 8:35:06 PM