Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي چيف جنرل رضوان اختر سرڪاري زمينن جي لٽ مار ۽ ڪرپشن جي روڪٿام جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي چيف جنرل رضوان اختر کي اپيل ڪئي آهي ته ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي سان گڏو گڏ سرڪاري زمينن جي لٽ مار ۽ ڪرپشن جي لعنت جي روڪٿام جي لاءِ به فوري طور تي قدم کڻڻ. انهن اها اپيل اڄ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.جناب الطاف حسين فرمايو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي چيف جنرل رضوان اختر ۽ پاڪ فوج جي قيادت ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ مذهبي انتها پسند دهشت گردن جي خلاف جنهن جرت ۽ بهادري سان قدم کڻي رهي آهي اهي قابل تحسين آهن
Read More    Posted on: 26 Dec 2014
جناح اسپتال جي ملازمن جا مطالبا منظور ڪيا وڃن ۽ انهن کي انهن جي الائونسن سميت سموريون رهتون ادا ڪيون وڃن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جناح اسپتال جي ملازمن جا مطالبا منظور ڪيا وڃن ۽ انهن کي انهن جي الائونسن سميت سموريون رهتون ادا ڪيون وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته جناح اسپتال جنهن کي 18 هين ترميم جي ذريعي سنڌ حڪومت جي تحويل ۾ ڏنو ويو آهي پر سنڌ حڪومت ان جي ملازمن جي مسئلن تي ڪائي به توجه نه ڏيئي رهي آهي
Read More    Posted on: 26 Dec 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر واسع جليل جي ڀاءُ وسيم جليل جو ٽيجهو.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر واسع جليل جي ڀاءُ وسيم جليل جو ٽيجهو انهن جي رهائشگاھ تي ٿيو جنهن ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر نصرت، حيدرعباس رضوي، عارف خان ايڊووڪيٽ، عامر خان، غازي صلاح الدين، اسلم آفريدي، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، ڪراچي هاڪي ايسوسي ايشن جي عهديدارن، ڪارڪنن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارين شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي
Read More    Posted on: 26 Dec 2014
يورپي پارليامينٽ ۽ يوڪي انڊپينڊنٽس پارٽي جي رهنما امجد بشير جو ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو جو دورو.
يورپي پارليامينٽ ، انساني حقن جي ڪميٽي جي ميمبر ۽ يونائيٽڊ ڪنگڊم انڊپينڊنس پارٽي جي رهنما امجد بشير نائن زيرو جو دورو ڪيو ۽ رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن غازي صلاح الدين، عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ اسلم آفريدي سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي بابر غوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، سيد سردار احمد ۽ ٻيا به موجود هئا.ان کان اڳ جڏهن امجد بشير نائن زيرو تي پهتا ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ انهن تي گل به نچارو ڪيا ويا.
Read More    Posted on: 26 Dec 2014
بانيء پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي اعتدال پسند ۽ روشن خيال اسلامي فلاحي رياست جي تصور کي عملي طور تي فروغ ڏنو وڃي نه ته دهشت گردي ۽ انتها پسندي جو عذاب ملڪ و قوم کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي سگهي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته بانيء پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي اعتدال پسند ۽ روشن خيال اسلامي فلاحي رياست جي تصور کي عملي طور تي فروغ ڏنو وڃي نه ته دهشت گردي ۽ انتها پسندي جو عذاب ملڪ و قوم کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي سگهي ٿو.قائد اعظم جي يوم پيدائش جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته قائد اعظم جي پوري زندگي جدوجهد سان معمور هئي ۽ اهي اهڙو پاڪستان چاهيندا هئا جنهن ۾ مذهبي اقليتن کي به جان و مال جو تحفظ ۽ عبادت ڪرڻ جي آزادي حاصل هجي. پنهنجن آخري ڏينهن ۾ به قائد اعظم انساني ڀلائي جي لاءِ جدوجهد جاري رکي پر افسوس جو اڄ انهن جي نظرين جي مطابق بڻايل فلاحي اسلامي رياست پاڪستان دهشت گردي ۽ انتها پسندي جي ور چڙهيل آهي
Read More    Posted on: 24 Dec 2014
جنرل راحيل شريف ٻن سالن جي لاءِ پاڪستان جي ڪمان سنڀالين ۽ قومي دولت لٽڻ وارن جو بي رحم احتساب ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته دنيا جي ڪائي به فوج اڪيلي سر پنهنجي ملڪ کي بچائي نه ٿي سگهي جيستائين ان ملڪ جا عوام پنهنجي فوج جو ساٿ نه ڏين.فوجي عدالتن جي قيام کان بهتر آهي ته حڪومت ملڪ ۾ مارشل لاء نافذ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏي. اها ڳالھ انهن اڄ لال قلعه گرائونڊ ۾ تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن، تاريخ دانن، دانشورن، ليکڪن، اينڪر پرسنن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي خطاب ڪندي فرمائي.اجتماع کي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ وزير اعظم ميان نواز شريف جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿي رهيو آهي جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، آئي ايس آئي سربراھ جنرل رضوان اختر ۽ ٻيا فوجي آفيسر به شريڪ آهن
Read More    Posted on: 24 Dec 2014
ڪرسمس جي ڏڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم مسيحي ڀائرن کي دلي مبارڪباد پيش.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم مسيحي ڀائرن کي انهن جي مذهبي ڏڻ ڪرسمس جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي ۽ مسيحي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجين عبادتن ۾ سانحه پشاور جي شهيدن جي بلند درجات ۽ ملڪ کان دهشت گردي ۽ انتها پسندي جي خاتمي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون. ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ انهن فرمايو ته حضرت عيسٰي عليه السلام دنيا کي امن و پيار و محبت ۽ انسانيت جي احترام جو درس ڏنو آهي ۽ اڄ  سڄي دنيا ۾ امن و محبت، انسانيت جي احترام ۽ مذهبي رواداري جي انهي پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي.
Read More    Posted on: 24 Dec 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر واسع جليل جي ڀاءُ وسيم جليل جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر واسع جليل جي ڀاءُ وسيم جليل جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 24 Dec 2014
ايم ڪيو ايم دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ فوجي عدالتن جي قيام جي ڪنهن به قيمت تي حمايت نه ڪندي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن ۽ اسلام آباد ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو هڪ هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.
Read More    Posted on: 24 Dec 2014
مولانا عبدالعزيز جي جناب الطاف حسين جي خلاف ڌمڪي واري ويڊيو بيان جي خلاف خيبرپختونخواھ جي مختلف پريس ڪلبن جي ٻاهران ايم ڪيو ايم جا زبردست مظاهرا.
          متحده قومي موومينٽ خيبرپختونخواھ جي زير اهتمام لال مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز جي جناب الطاف حسين جي خلاف ڌمڪي واري وڊيو بيان جي خلاف مختلف پريس ڪلبن جي ٻاهران زبردت احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.جن ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 21 Dec 2014
ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام ٽورنٽو، ڪيلگري، ايڊمنٽن، مونٽريال ۽ ونڊسرسميت ڪينيڊا جي مختلف شهرن ۾ يوم شهداء ملهايو ويو.
     ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام ٽورنٽو، ڪيلگري، ايڊمنٽن، مونٽريال ۽ ونڊسرسميت ڪينيڊا جي مختلف شهرن ۾ يوم شهداء وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. جنهن ۾ ڪينيڊا جي سينٽرل آرگنائزر آصف قاضي، جوائنٽ انچارج ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ذميوارن ڪارڪنن کي خطاب ڪندي
Read More    Posted on: 21 Dec 2014
ڪراچي بار ايسو ايشن جي سالانه اليڪشن ۾ نئين چونڊيل صدر نعيم قريشي ۽ ٻين عهديدارن کي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مبارڪباد پيش.
  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي سالانه اليڪشن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي نئين چونڊيل صدر نعيم قريشي ۽ 
Read More    Posted on: 21 Dec 2014
ڪراچي ۾ بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي شهر هڪ ميگاسٽي شهر آهي پر بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون جي ڪري ڪراچي جا تقريبن سڀئي علائقا اونڌھ ۾ ٻڏي ويا. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي
Read More    Posted on: 21 Dec 2014
جناب الطاف حسين کي ڌمڪي ڏيڻ واري ۽ فساد ڪرڻ واري مولوي عبدالعزيز جي خلاف ايف آئي آر درج ڪرائي ڇڏي آهي ۽ انهن جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت ڪاروائي ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. پاڪستان رابطا ڪميٽي انچارج قمر منصور.
            متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام لال مسجد ۽ جامعه حفصه جي خطيب مولانا عبدالعزيز جي طرفان جناب الطاف حسين کي ڌمڪي واري وڊيو بيان جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب تي هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي انچارج رابطا ڪميٽي پاڪستان قمر منصور ، رابطا ڪميٽي ميمبر سيد حيدر عباس رضوي سينيٽر بابر غوري اسيمبلي ميمبرن خواجه اظهار الحسن، فيصل سبز واري،سينيٽر تنويرالحق ٿانوي، *
Read More    Posted on: 21 Dec 2014
ايف آئي آر درج ڪرائڻ کان پوءِ اسان کي يقين آهي ته مولانا عبدالعزيز جي خلاف قانوني ڪاروائي جلد کان جلد ڪئي ويندي.پاڪستان رابطا ڪميٽي انچارج قمر منصور.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور چيو آهي ته ايم ڪيو ايم آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي جناب الطاف حسين جي خلاف مولانا عبدالعزيز جي ڌمڪي واري وڊيو بيان جي خلاف عزيز آباد ٿاڻي ۾ ايف آئي آر درج ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن جو نمبر 2014 .304
Read More    Posted on: 21 Dec 2014