Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانحه 31 آڪٽوبر1986 جو ڏينهن منهنجي لاءِ هڪ وڏي دردناڪ ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سانحه 31 آڪٽوبر1986 جو ڏينهن منهنجي لاءِ هڪ وڏي دردناڪ ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/31/2014
سانحه 31 آڪٽوبر1986 جو ڏينهن منهنجي لاءِ هڪ وڏي دردناڪ ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ان ڏينهن پڪا قلعه حيدرآباد جي جلسي جي موقعي تي اسٽيلبشمينٽ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي پوري قوت سان ڪوشش ڪئي.
ڊپٽي ڪمشنر اشفاق ميمڻ چيو ته اهي خطرناڪ اطلاعون مليون آهن ته اوهان ڪالھ حيدرآباد روانا ٿيندو ته سهراب گوٺ تي حملو ڪندو.
مان شهر جو دورو ڪري ڪارڪنن کي تلقين ڪئي ته اهي سهراب ڳوٺ کان نهايت خاموشي سان گذرن ۽ اتان گذرندي وقت نعرا به نه هڻڻ.
مون کان پوليس، آئي ايس آئي، ايم آئي، آئي بي ۽ ايف آئي سميت مختلف ايجنسين جي تفتيشي ٽيمن الڳ الڳ تفتيش ڪئي، مون تي دٻاءُ وڌو ويو  ته اسان جيڪو ڪجھ لکي ڏيئي رهيا آهيون ان تي صحيح ڪريو نه ته اسان توهان کي منگهو پير جي ٽڪرين ۾ وٺي وڃي ڪري ماري اڇلي ڇڏينداسين.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي نائن زيرو تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رابطا ڪميٽي ، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ شعبن جي ميمبرن سان فون تي ڳالھ ٻولھ، سانحه 31 آڪٽوبر جي دردناڪ واقعي جون تفصيلات ٻڌي ڪري هر انک آلي ٿي وئي.
لنڊن؛31 آڪٽوبر2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته 31 آڪٽوبر 1986 جو ڏينهن منهنجي لاءِ هڪ دردناڪ ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو. جنهن ڏينهن اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم کي ختم ۽ تباھ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي ظلمن جو نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو.انهن اها ڳالھ سانحه 31 آڪٽوبر جي شهيدن جي 28 هين ورسي جي موقعي تي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۽ حيدرآباد ۾ زونل آفيس تي رابطا ڪميٽي،سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ مخلتف شعبن جي ميمبرن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين پنهنجي گفتگو ۾ 31 آڪٽوبر 1986 تي پيش ايندڙ دردناڪ سانحي جي پس منظر، ان جي اسباب، ان ڏينهن پيش ايندڙ دردناڪ واقعن ۽ ان کان پوءِ رياستي ظلمن جي واقعن تي تفصيلي روشني وڌي. ان دردناڪ واقعي جون تفصيلات ٻڌي ڪري هر انک آلي ٿي وئي ۽ اڪثريت اهو چيو ته انهن دردناڪ واقعن کان اسان جي اڪثريت ناواقف آهي.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم مهاجر شاگرد تنظيم“ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن” جي کک مان 18 مارچ 1984 تي جنم ورتو. 8 آگسٽ 1986 تي ڪراچي جي نشترپارڪ ۾ ايم ڪيو ايم جو پهريون عوامي جلسو ٿيو. ان جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ شهر ۾ تيز برسات ٿي. نشترپارڪ پاڻي سان ڀرجي ويو. مان ساٿين سان گڏجي ڪري گرائونڊ مان پاڻي ڪڍيو. ٻئي ڏينهن جلسي کي تقرير جي دوران هڪ ڀيرو وري تيز برسات ٿي پر جلسي جي ڪاروائي جاري رهي، ڪارڪن طوفاني برساتن جي باوجود زمين تي ويهي ڪري ڦسندا رهيا پر ڪوئي به پنهنجي جڳھ تان اٿيو ڪونه.مثالي نظم و ضبط ۽ تحريڪ سان ان درجي جي وابستگي ڏسي ڪري ان وقت جي اسٽيلبشمينٽ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جو منصوبو بڻايو. 31 آڪٽوبر1986 تي ايم ڪيو ايم جو ٻيو عوامي جلسو حيدرآباد جي پڪا قلعه گرائونڊ ۾ ٿيڻو هو. اخبارن ۾ اعلان ٿي چڪو هو ته ڪراچي کان ڪارڪن َ جلوسن جي شڪل ۾ حيدرآباد ويندا ۽ الطاف حسين جلوس جي قيادت ڪندو.ٻئي طرف ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جو خوفناڪ منصوبو تيار ڪري ورتو هو. ان سازشي منصوبي جي تحت جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ ڊپٽي ڪمشنر اشفاق ميمڻ جو فون آيو ت سهراب ڳوٺ جي جرڳي جا ماڻهو اوهان سان ملڻ چاهين ٿا ڇو ته انهن کي اهي خطرناڪ اطلاعون مليون آهن ته اوهان جڏهن سڀاڻي حيدرآباد ڏانهن روانا ٿيندو ته اوهان سهراب ڳوٺ تي حملو ڪندو. اسان کي اهو ٻڌي ڪري وڏي حيرت ٿي ته اسان ڪيترن ئي ڏينهن کان پنهنجي جلسي جي تيارين ۾ مصروف آهيون ۽ اسان ڪنهن به قسم جو تشدد ڪري پنهنجي جلسي کي ڇو خراب ڪنداسين. اسان چئن ساٿين کي حيدرآباد ڊي سي آفيس موڪليو جن اتي وڃي ڪري سهراب ڳوٺ جي جرڳي کي يقين ڏياريو ته اهي اطلاعون بلڪل غلط آهن. اوهان بلڪل بي فڪر رهو، اسان پرامن انداز ۾ پنهنجي جلسي جون تياريون ڪري رهيا آهيون ۽ اهڙي ڪائي به ڳالھ نه آهي. مان معاملي جي نزاڪت کي محسوس ڪندي انهي ڏينهن شهر جي مخلتف علائقن جو دورو ڪري ڪارڪنن کي تلقين ڪئي ته سڀاڻي جڏهن اوهان حيدرآباد وڃڻ جي لاءِ سهراب ڳوٺ کان گذرو ته نهايت خاموشي سان گذرجو، ايستائين جو اتان گذرندي وقت نعرا به نه هڻجو. شهر جو دورو ڪرڻ کان پوءِ جڏهن مان رات جو نائن زيرو واپس آيس ۽ حيدرآباد وڃڻ جي لاءِ تياريون ڪري رهيو هوس ته رات جو ٽئين چئين وڳي اچانڪ منهنجي ذهن ۾ خيال آيو ته مان حيدرآباد جي لاءِ فورن روانو ٿي وڃان. مون کي ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته جيئن ڪائي طاقت مون کي مجبور ڪري رهي آهي ته هاڻي ئي اٿو ۽ حيدرآباد جي لاءِ نڪري پئو.مان فورن مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن کي سڏرايو ۽ پنهنجي فيصلي کان آگاھ ڪيو. مان انهي رات حيدرآباد ۾ موجود مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن کي چئي ڪري پنهنجي لاءِ هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائي ورتو ۽ چند ساٿين سان گڏجي 31 آڪٽوبر تي صبح جو سوير ئي حيدرآباد پهچي ويس. فاران هوٽل پهچي ڪري مان حيدرآباد جي ٻن ٽن اخباري نمائندن سان گفتگو ڪئي. مان حيدرآباد جي هوٽل ۾ ئي هيس ته ان دوران اطلاع ملي ته جلسي ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ ايم ڪيو ايم جي جلوس تي ڪراچي ۾ سهراب ڳوٺ وٽ  فائرنگ ڪئي وئي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڪارڪن شهيد ۽ درجنين زخمي ٿي پيا آهن. اهڙي طرح حيدرآباد ۾ به مارڪيٽ چوڪ وٽ هڪ هوٽل کان جلوس تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن سان ڪيترائي ڪارڪن شهيد ۽ زخمي ٿي پيا آهن. ان سانحي جي اطلاع ملڻ تي مان ۽ مون سان گڏ رهنمائن۽ ڪارڪنن کي وڏو ڏک پهتو. پر مان مرڪزي رهنمائن کي تاڪيد ڪئي ته جلسي ۾ ان واقعي جو ذڪر نه ڪجو. مان جلسي ۾ ان سانحي جو ذڪر نه ڪيو بلڪه صرف اهو چيو ته اسان کي ڪجھ اطلاعون مليون آهن جن جي اسان تحقيقات ڪري رهيا آهيون، پوءِ ان حوالي سان ڪجھ ٻڌائينداسين. هتي ڪراچي ۾ جڏهن سهراب ڳوٺ ۾ شهيد ٿيندڙ ڪارڪنن جون لاشون انهن جي علائقن ۾ پهتيون ته عوام ۾ ڪاوڙ ڇائنجي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي شهر جي مخلتف علائقن ۾ هنگاما ۽ مارا ماري شروع ٿي وئي . جناب الطاف حسين ٻڌايو ته پڪا قلعه جلسي کان پوءِ حيدرآباد کان ڪراچي واپس ايندي ڪارڪنن جون وڏي پيماني تي گرفتاريون شروع ڪيون ويون. مون کي به ڪراچي واپسي تي گهگهر پاٽڪ تي گرفتار ڪيو ويو. مون سان گڏ لياقت آباد سيڪٽر جو سينيئر ڪارڪن عظيم فاروقي به هئا. جيڪي اڄ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر آهن.اسان کي گرفتار ڪري پهرين ڪنهن ٿاڻي ۾ وٺي ويا پوءِ ٻئي ڏينهن مون کي ۽ عظيم فاروقي کي ٿاڻي مان ڪڍي ڪري بلديه ٽائون جي انتهائي سنسان علائقي ۾ قائم هڪ سيل ۾ کڻي ويا. اسان کي الڳ الڳ سيل ۾ رکيو ويو. جتي ڪيترن ئي ڏينهن تائين انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻايو ويو. اتي مون سان پوليس سان گڏو گڏ آئي ايس آئي، ايم آئي، آئي بي ۽ ايف آئي سميت مختلف ايجنسين جي تفتيشي ٽيمن الڳ الڳ تفتيش ڪئي.انهن تفتيش جي دوران جعلي ۽ ڪوڙي ڪهاڻيون پيش ڪيون ۽ چيو ته اوهان جي ماڻهن سهراب ڳوٺ تي فائرنگ ڪئي آهي.جنهن ۾ ڪيترائي پٺاڻ مري ويا آهن. جڏهن ته حقيقت اها هئي ته ان ڏينهن سهراب ڳوٺ تي اسان جي جلوس تي فائرنگ ڪئي وئي هئي ۽ ايم ڪيو ايم جا ڪيترا ئي ڪارڪن شهيد ۽ زخمي ٿي پيا هئا.مان تفتيشي ايجنسين جي الزامن کي تسليم نه ڪيو.پوءِ انهن مون تي دٻاءُ وڌو ته اسان جيڪو ڪجھ لکي ڏيئي رهيا آهيون  ان تي صحيح ڪريو نه ته اسان توهان کي منگهو پير جي ٽڪرين ۾ وٺي وڃي ڪري ماري ڇڏينداسين.مان انهن جي ڳالھ مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ صاف چئي ڇڏيو ته اوهان چاهي منهنجا هٿ ڪٽي ڇڏيو يا مون کي ماري ڇڏيو  مان ان تي صحيح نه ڪندس.مون کي ٽوڙڻ جي لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا ويا. سرڪاري اهلڪارن جون مخلتف ٽيمون اچي ڪري مون تي تشدد ڪنديون هيون. مون کي 14 ڏينهن تائين سمهڻ به نه ڏنو ويو ۽ مسلسل گهمايو ويو. جڏهن مان ٿڪجي ڪري ڪرڻ لڳندو هيس ته مون کي وري ماريو ويندو هو ۽ 14 ڏينهن مسلسل هلڻ کان پوءِ منهنجا پير سجي پيا هئا.منهنجي باري ۾ تحريڪ جي ڪنهن به رهنما ۽ ڪارڪن کي ڄاڻ نه هئي ته مون کي ڪٿي رکيو ويو آهي.ان دوران منهنجي ڀيڻ منهنجي گرفتاري ۽ غائب ٿيڻ جي خلاف هائيڪورٽ ۾ پٽيشن دائر ڪئي. جڏهن اسٽيبلشمينٽ جون تمام ايجنسيون ڪيترن ئي ڏينهن تائين سرڪاري ٽارچر سيلن ۾ مون تي تشدد ڪري ٿڪجي پيون ته انهن مختلف مقدما بڻائي ڪري مون کي جيل منتقل ڪري ڇڏيو.جناب الطاف حسين فرمايو ته 31 آڪٽوبر 1986 جو ڏينهن منهنجي لاءِ هڪ وڏي دردناڪ ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو. جڏهن اسٽيبلشمينٽ پوري قوت سان ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ تحريڪ تي ظلم جا جبل ٽوڙيا ويا. تحريڪ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي ان دردناڪ واقعي جي تفصيلات کان واقفيت ئي نه آهي.پر اها ايم ڪيو ايم جي جدوجهد جي هڪ اهڙي دردناڪ داستان آهي جيڪا ناقابل فراموش آهي.جناب الطاف حسين 31 آڪٽوبر جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي اسان جي شهيدن جي قربانين کي قبول فرمائي.تحريڪ کي دشمنن جي سازشن ۽ شر کان محفوظ رکي ۽ شهيدن جي رت جي صدقي اسان جي تحريڪ کي منزل تائين پهچائي.جناب الطاف حسين جي ان تفصيلي گفتگو جو مڪمل متن تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪارڪنن ۽ عوام جي لاءِ جلد ئي مضمون جي شڪل ۾ شايع ڪيو ويندو.

7/17/2024 8:27:20 PM