Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
پيٽرول جي موجوده بحران سڄي ملڪ جي عوام کي وڏي تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو آهي. حق پرست سينيٽر نسرين جليل.
فنانس ڪميٽي برائي سينيٽ جي چيئرپرسن حق پرست سينيٽر نسرين جليل سينيٽ جي چيئرمين نير حسين بخاري کي درخواست ڪئي آهي ته اهي ملڪ ۾ پيٽرول جي بحران کي نظر ۾ رکندي ڪميٽين جو اجلاس گهرائين ته جيئن پاڻ  ۾ مشاورت ڪري پيٽرول بحران جي سببن ۽ ان جي روڪٿام جي حوالي سان ڪوئي حل ڪڍيو وڃي.
Read More    Posted on: 21 Jan 2015
سنڌ حڪومت جهڙي طرح حڪمراني ڪري رهي آهي اهو جمهوريت جي حسن تي بدنما داغ آهي.
سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن پي پي جي رهنما شرجيل ميمڻ جي طرفان ايم ڪيو ايم تي بي بنياد ۽ من گهڙت تنقيد ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ ۾ مارشل لا  جي مطالبي کي غير جمهوري چوڻ وارا ان ڳالھ جو جواب ڏين ته جڏهن عوام جي جان و مال جمهوري حڪومت ۾ غير محفوظ هوندي ته عوام ٻيو ڪهڙو مطالبو ڪندا؟ پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته سنڌ حڪومت جهڙي طرح سان حڪمراني ڪري رهي آهي اهو جمهوريت جي حسن تي هڪ بدنما داغ  آهي ۽ اهڙي نام نهاد جمهوريت کان بهتر آهي ته سنڌ ۾ مارشل لا  نافذ ڪيو وڃي.
Read More    Posted on: 21 Jan 2015
اڄ 67 سال گذرڻ جي باوجود به پاڪستان جي قيام جو مقصد حاصل نه ٿي سگهيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
متحده قومي موومينٽ جي ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته تعليم انسان کي سٺي ۽ بري جي تميز سيکاري ٿي ۽ جهالت جي اونڌھ مان ڪڍي ٿي.
Read More    Posted on: 21 Jan 2015
ايم ڪيو ايم بلوچستان آرگنائيزنگ ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج اشرف خان کي خورشيد پوره قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
             متحده قومي موومينٽ جي بلوچستان آرگنائزنگ ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج اشرف خان کي سوين سوگوارن جي موجودگي ۾ مواڇ ڳوٺ ۾ خورشيد پوره قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
Read More    Posted on: 14 Jan 2015
جناب الطاف حسين جي طرفان حق پرست سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم جي والد محمد نسيم ايڊووڪيٽ ۽ والده محترمه رضيه بيگم جي علالت تي ڳڻتي جو اظهار.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم جي والد محمد نسيم ايڊووڪيٽ ۽ والده محترمه رضيه بيگم جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي

Read More    Posted on: 14 Jan 2015
حيدرآباد هڪ اهم تاريخي شهر آهي پر حڪمرانن هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت شهر کي يونيورسٽي کان محروم رکيو. رابطا ڪميٽي ميمبر غازي صلاح الدين.
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر غازي صلاح الدين ايم ڪيو ايم حيدرآباد شعبه خواتين جي زير اهتمام الطاف حسين يونيورسٽي جي اعلان جي خوشي ۾ دعوت حليم جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اهو اجتماع ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته حيدرآباد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو قلعو آهي ۽ هميشه رهندو.انهن چيو ته حيدرآباد هڪ اهم ۽ تاريخي شهر آهي پر ان جي باوجود حڪمران طبقي هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت حيدرآباد کي يونيورسٽي جي حق کان محروم رکيو.
Read More    Posted on: 14 Jan 2015
ننڍڙي عمر جي سافٽ ويئر انجنيئر ۽ صدارتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ شاگردياڻي مرحومه ارفع ڪريم کي ٽئين ورسي جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج عقيدت پيش.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ننڍڙي عمر جي سافٽ ويئر انجنيئر ۽ صدارتي ايوارڊ يافته ارفع ڪريم کي ٽئين ورسي جي موقعي تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي
Read More    Posted on: 14 Jan 2015
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن عبدالرحمٰن ۽ محمد اشرف کي کجي گرائونڊ قبرستان ۾ سوين سوگوارن جي موجودگي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ايم ڪيو ايم ناظم آباد گلبهار سيڪٽر يونٽ 189 جي ڪارڪنن عبدالرحمٰن ۽ محمد اشرف کي کجي گرائونڊ قبرستان ۾ سوين سوگوارن جي موجودگي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازي نماز فاروقي مسجد مين گوليمار ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عامر خان، حق پرست اسيمبلي ميمبرن، سيڪٽر ۽ يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کان علاوه شهيدن جي مٽن مائٽن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي
Read More    Posted on: 14 Jan 2015
پوليس حراست جي دوران ماورائي عدالت قتل ٿيندڙ ايم ڪيو ايم ملير سيڪٽر جي ڪارڪن فراز عالم شهيد جي مامي سيد متين حسين جي مدعيت ۾ کوکرا پار ٿاڻي ۾ ايف آئي آر جي اندراج جي لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي.
متحده قومي موومينٽ ملير سيڪٽر جي ڪارڪن سيد فراز عالم شهيد جي ماورائي عدالت قتل جي خلاف شهيد جي مامي سيد متين حسين جي مدعيت ۾ کوکرا پار ٿاڻي ۾ ايف آئي آر درج ڪرائڻ جي لاءِ پوليس جي خلاف درخواست دائر ڪئي وئي آهي
Read More    Posted on: 14 Jan 2015
لاهور جي علائقي شادباغ ۾ شادي هال جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪنوار سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور شادباغ ۾ شادي هال جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪنوار سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي
Read More    Posted on: 14 Jan 2015
جناب الطاف حسين جي طرفان ايم ڪيو ايم بلوچستان ڪميٽي جي مرڪزي جوائنٽ انچارج اشرف خان جي وحشياڻي قتل تي افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اورنگي ٽائون ۾ هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم بلوچستان ڪميٽي  جي مرڪزي جوائنٽ انچارج اشرف خان جي وحشياڻي قتل تي وڏي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 13 Jan 2015
پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصوم ٻارن، ٻارڙين ۽ استادن کي شهيد ڪيو ويو ۽ زنده ساڙيو ويو پر قوم ان سانحي جي خلاف متحد نه ٿي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پشاور آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصوم ٻارن، ٻارڙين، استادن ۽ اسٽاف جي ميمبرن کي جهڙي طرح گوليون هڻي ڪري شهيد ڪيو ويو ۽ انهن کي جيئرو ساڙي ڪري رک جو ڍير بڻايو ويو پر وڏي افسوس جي ڳالھ آهي ته قوم کي جهڙي طرح سان ان سانحي جي خلاف متحد ٿيڻ گهرجي ها اها نه ٿي
Read More    Posted on: 13 Jan 2015
لورالائي ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي دهشت گردن جو حملو قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين بلوچستان جي علائقي لورالائي ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي دهشت گردن جي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ دهشت گردي جي ان حملي ۾ ايف سي جي 8 اهلڪارن جي شهادت تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي
Read More    Posted on: 12 Jan 2015
فيصل ڪالوني جي علائقي گرين ٽائون ۾ آصف بوائز اسڪول ۽ اختر گرلز سيڪنڊري اسڪول تي قبضي مافيا جي طرفان قبضو ڪري انهن کي ڊاهڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين شاھ فيصل ڪالوني جي علائقي گرين ٽائون ۾ آصف بوائز اسڪول ۽ اختر گرلز سيڪينڊري اسڪول تي قبضي مافيا جي طرفان قبضو ڪري انهن کي ڊاهي مٽي جي ڍير ۾ تبديل ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي
Read More    Posted on: 12 Jan 2015
آل ڪراچي واپاري اتحاد جي اعلٰي سطحي وفد چيئرمين عتيق مير جي سربراهي ۾ پاڪستان رابطا ڪميٽي جي انچارج قمر منصور ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي.
ميمبر سپريم ڪائونسل آف آل ڪراچي واپاري اتحاد جي وفد چيئرمين عتيق مير جي سربراهي ۾ نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪيٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر نصرت سان ملاقات ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي ماورائي عدالت قتل ڪيل ڪارڪن فراز عالم ۽ ٻين ڪارڪنن جي شهادت تي دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو
Read More    Posted on: 11 Jan 2015