Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان وزير اعظم ميان نواز شريف جي جرتمنداڻه فيصلي جو خير مقدم.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان وزير اعظم ميان نواز شريف جي جرتمنداڻه فيصلي جو خير مقدم.
 Posted on: 3/10/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان وزير اعظم ميان نواز شريف جي جرتمنداڻه فيصلي جو خير مقدم.
وزير اعظم رضا رباني جي حمايت جو اعلان ڪري ملڪ جي جمهوري روايتن ۾ هڪ وڏو انقلابي فيصلو ڪيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 10 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان سينيٽ جي چيئرمين جي لاءِ نامزد اميدوار  رضا رباني جي حمايت جي فيصلي کي خوش آئند، حڪمت وارو ۽ جرتمنداڻه فيصلو قرار ڏيندي ان فيصلي جو زبردست خير مقدم ڪيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته وزير اعظم چيئرمين سينيٽ جي عهدي جي لاءِ اپوزيشن جي نامزد اميدوار رضا رباني جي غيرمشروط طور تي حمايت جو اعلان ڪري سياسي پختگي ۽ ملڪ جي جمهوري روايتن ۾ هڪ وڏو انقلابي فيصلو ڪيو آهي. انهن جي جرتمنداڻه فيصلي سان نه صرف ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ۽ پائيدار ٿيندي  بلڪه حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ جي بجاءِ افهام و تفهيم ۽ هڪ ٻئي جي لاءِ فراخدلي جو ڪلچر به جنم وٺندو. انهن فرمايو ته جهڙي طرح وزير اعظم ميان نواز شريف چيئرمين سينيٽ جي لاءِ اپوزيشن جي نامزد ڪيل اميدوار رضا رباني جي حمايت ڪري فراخدلي ۽ خير سگالي جو مظاهرو ڪيو آهي اهو عمل ملڪ ۾ جمهوريت، ڀائي چاري ۽ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. جناب الطاف حسين جرتمنداڻه فيصلي تي وزير اعظم ميان نواز شريف جو شڪريو ادا ڪندي ميان نواز شريف، انهن جي گهر وارن، دوستن ۽ مٽن مائٽن ۽ مسلم ليگ ن جي سمورن رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ۽ خراج تحسين به پيش ڪيو.

7/17/2024 1:16:20 PM