Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مان قانون پسند آهيان، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني چاهيان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مان قانون پسند آهيان، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني چاهيان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/12/2015
مان قانون پسند آهيان، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني چاهيان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم ۾ دهشت گردن، ڏوهارين ۽ سماج دشمن ماڻهن جي لاءِ زيرو ٽوليرنس آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پرائيويٽ ٽي وي چينل کي خصوصي ۽ تفصيلي انٽرويو.
لنڊن؛ 12 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان قانون پسند آهيان، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني چاهيان ٿو، انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جمهوريت پسند ۽ امن پسند جماعت آهي، ايم ڪيو ايم ۾ دهشت گردن، ڏوهارين ۽ سماج دشمن ماڻهن جي لاءِ زيرو ٽوليرنس آهي ۽ منهنجي گهر نائن زيرو ۽ تنظيم ۾ اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڪائي به گنجائش نه آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن پرائيويٽ ٽي وي چينل کي هڪ خصوصي انٽرويو ڏيندي ڪيو. پنهنجي انٽرويو ۾ جناب الطاف حسين وضاحت ڪئي ته رينجر ڇاپي جي دوران نائن زيرو تي ڇاپي جي دوران ڪنهن به گهربل شخص کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، اهو بلڪل ڪوڙ آهي ته نائن زيرو کان پوليس کي گهربل ڪنهن شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن فرمايو ته جيڪڏهن منهنجي رهائشگاھ نائن زيرو ۽ ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيسن تي گهربل ماڻهن جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپو هڻڻ مقصود هو ته نائن زيرو کان 500 گزن جي فاصلي تي منهنجي بيوه ڀيڻ 68 سالن جي سائره اسلم جيڪي سخت بيمار آهن جن جي مڙس اسلم ابراهاڻي کي 1995 ۾ گرفتار ڪري 6 مهينن تائين اڊياله جيل ۾ بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ۽ اڌ مئو ڪري آزاد ڪيو ويو هو ۽ اهي رهائي جي ڪجھ وقت کان پوءِ ئي وفات ڪري ويا هئا. منهنجي ڀيڻ جي گهر ڇاپي جي دوران رينجر وارن گهر ۾ موجود عورتن سان بدتميزي ڪئي ۽ انهن کي گهٽ وڌ به ڳالهايو جيڪو قابل مذمت آهي. انهن فرمايو ته اسلام آباد جي لال مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز جي خلاف ٻه ايف آئي آر درج آهن جن جي مدرسي ۾ دهشت گردي ۽ نفرت جي تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ مدرسي جون ٻارڙيون داعش جون حامي آهن. پر مولانا عبدالعزيز جي گرفتاري جي لاءِ ڪوئي به ڇاپو نه هنيو ويو آهي. انهن فرمايو ته ولي خان بابر جي قتل تي منهنجي طرفان مذمت ريڪارڊ تي موجود آهي. مان ڪيترائي ڀيرا ولي بابر جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ان ڪيس ۾ ملوث ماڻهن جو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به تعلق نه آهي. قتل ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏني وڃي. ڀلي ان ۾ منهنجو ڀاءُ ئي ڇو نه شامل هجي. لنڊن ڪيس جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي انهن فرمايو ته مان پنهنجي خلاف لنڊن ۾ ڪيسن تي عدالتن جو سامنو ڪندو رهيو آهيان ۽ منهنجا وڪيل منهنجو مقدمو وڙهي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته منهنجي پاڪستان ۾ عدم موجودگي ، فاصلي جي دوري ۽ فيصلي ڪرڻ ۾ دير جي ڪري ايم ڪيو ايم ۾ خرابيون پيدا ٿيون آهن جن کي دور ڪرڻ جي مان ڪوشش ڪري رهيو آهيان. انهن فرمايو ته هن وقت منهنجو پاسپورٽ پوليس وٽ آهي ۽ منهنجي خواهش آهي ته جيئن ئي مون کي پاسپورٽ ملي ته مان پنهنجو پاڪستاني پاسپورٽ ٺهرايان ، مان پنهنجي پاڪستاني پاسپورٽ تي پاڪستان اچڻ چاهيان ٿو، انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم ۾ ليڊر شپ جي حوالي سان مان قطعي طور تي ناڪام نه ٿيو آهيان اهو منهنجي حڪمت عملي جو حصو آهيان، مان ايم ڪيو ايم ۾ گڏيل قيادت ترتيب ڏني آهي. انهن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي نوجوان ڪارڪن سيد وقاص شاھ شهيد جي آخري نظامت جي وڊيو آرمي چيف، وزير اعظم، ڊي جي آئي ايس آئي، ڊپٽي ڊي جي آئي ايس آئي، ڪورڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجر کي ارسال ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته پوليس جي سربراھ کي ايم ڪيو ايم ۾ گروپ تلاش ڪرڻ جي بجاءِ پوليس ۾ موجود ڪارين رڍين جي سماج دشمن ڪمن تي توجه ڏيڻ گهرجي. سابق ناظم مصطفٰي ڪمال جي حوالي سان پچيل هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته انهن جي باري ۾ معلوم ٿيو آهي ته اهي دبئي ۾ ڪنهن ڪمپني ۾ سٺي پوسٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن. مان انهن جي وڌيڪ ترقي جي لاءِ دعاگو آهيان. انهن ڪراچي جي عوام جي جيڪا خدمت ڪئي آهي اها هميشه ياد رکي ويندي. انهن مصطفٰي ڪمال کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مصطفٰي ڪمال واپس اچي وڃ  ايم ڪيو ايم توهان جو گهر آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته مان اڄ به پاڪستان جي بقا و سلامتي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪَوڙا ڍڪ پيئڻ جو حامي آهيان پر مان چاهيان ٿو ته ڪوئي ڪمال اتاترڪ جهڙو فوجي آفيسر پاڪستان جي قيادت سنڀالي ۽ ملڪ جي هر قسم جي گند کي صاف ڪري ڇڏي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته 18 هين ترميم کان پوءِ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد وٽ ڪوئي به اختيار نه آهي. جڏهن وزير اعلٰي سنڌ کي ئي نائن زيرو تي ڇاپي جي ڪاروائي کان لاعلم رکيو ويو ۽ اهي ئي ان تي مٿو پڪڙيون ويٺا آهن ته گورنر سنڌ جو ڪهڙو ڏوھ آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي پي ٻئي سنڌ جي عوام جون چونڊيل جماعتون آهن. اسان جي ڪوشش آهي ته ٻئي جماعتون هڪ ٻئي جي ويجهو اچن. سنڌ جي عوام کي آبادي جي تناسب سان هر شعبي ۾ حصو ملي ۽ سنڌ ترقي ڪري ڇو ته سنڌ جي ترقي ، پاڪستان جي ترقي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مان به انسان آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن مون کان غلطي به ٿي وڃي ٿي پر مان پنهنجي غلطي تسليم ڪري معافي گهريان ٿو ۽ ڪوشش ڪريان ٿو ته غلطي ۽ ڪوتاهي جي ڪري غلط فهميون پيدا نه ٿين.

7/17/2024 1:30:51 PM