ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ۽ سابق صدر آصف علي زرداري جي وچ ۾ فون تي ڳالھ ٻولھ .
ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ سياسي صورتحال ۽ گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رينجر جي ڇاپي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ.
لنڊن؛ 12 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ۽ سابق صدر آصف علي زرداري جي وچ ۾ فون تي ڳالھ ٻولھ ٿي. ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ سياسي صورتحال ۽ گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رينجر جي چاپي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٽ ٿي. جناب الطاف حسين ڳالھ ٻولھ ڪندي نائن زيرو تي ڇاپي ۽ گرفتارين جي مذمت ڪئي. انهن پنهنجي ڀيڻ سائره اسلم جي گهر تي ڇاپي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته تمام سياسي اڳواڻ جواب ڏين ته منهنجي ڀيڻ جي گهر تي ڇاپو ڇو هنيو ويو؟ آصف علي زرداري جناب الطاف حسين جي ڀيڻ جي گهر ڇاپي جي مذمت ڪئي ۽ ان تي افسوس جو اظهار به ڪيو. انهن چيو ته سياسي جماعتن جو احترام ڪيو وڃڻ گهرجي. انهن فرمايو ته امن و استحڪام ۽ جمهوريت جي فروغ جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ پي پي گڏجي ڪري ڪم ڪنديون رهنديون.