Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سابق صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.


سابق صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
 Posted on: 3/11/2015
سابق صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سابق صدر آصف علي زرداري کي نائن زيرو ۽ پنهنجي ڀيڻ جي گهر تي رينجر جي چاپي، ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ رينجر جي فائرنگ سان نوجوان ڪارڪن وقاص شاھ جي شهادت جي واقعي جي تفصيلات کان به آگاھ ڪيو.
آصف زرداري جو ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رينجر جي چاپي ۽ گرفتارين تي افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 11 مارچ 2015 
          سابق صدر آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ٿي. جناب الطاف حسين جناب آصف علي زرداري کي پنهنجي رهائشگاھ نائن زيرو ۽ مختلف شعبن ۽ پنهنجي ڀيڻ جي گهر تي چاپي ، ٽوڙ ڦوڙ، ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، ڪارڪنن ۽ رينجر جي فائرنگ سان نوجوان ڪارڪن وقاص شاھ جي شهادت جي واقعي جي تفصيلات کان آگاھ ڪيو. جناب الطاف حسين جناب آصف علي زرداري سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم امن جي قيام جي لاءِ ڪوشان آهي ۽ اڄ  ان جي مرڪز تي چاپو هنيو ويو آهي، جهڙي طرح عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٽوڙ ڦوڙ ڪئي وئي آهي ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. جناب آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رينجر جي چاپي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته سياسي جماعتن جي آفيسن جي تقدس جو احترام هر هڪ کي ڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم ملڪ جي هڪ وڏي جماعت آهي جيڪا ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام جي لاءِ هڪ مثالي ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان جي مرڪز تي چاپو افسوسناڪ آهي. آصف علي زرداري جناب الطاف حسين جي وڏي ڀيڻ محترمه سائره اسلم جي رهائشگاھ تي به رينجر جي چاپي ، ٽوڙ ڦوڙ ۽ گهر ۾ موجود عورتن سان توهين آميز رويي تي به وڏي افسوس جو اظهار ڪيو. جناب آصف علي زرداري جناب الطاف حسين کي خاطري ڪرائي ته پي پي ۽ ايم ڪيو ايم هر قسم جي حالتن ۾ جمهوريت جي بقا جي لاءِ پاڻ ۾ تعاون ۽ بهتر تعلقات کي برقرار رکنديون. 

7/17/2024 1:15:48 PM