ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف يونٽن جي 6 ڪارڪنن کي تنظيمي نظم و ضبط جي خلاف ورزي تي ايم ڪيو ايم جي بنيادي رڪنيت کان خارج ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
ڪراچي؛ 10 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي يونٽ 162 ايلڊر ونگ لياقت آباد سيڪٽر جي ڪارڪن شير محمد، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 79 جي ڪارڪن مهر عالم، يونٽ 90 لانڍي سيڪٽر جي ڪارڪن سليم جهانگير ، يونٽ 33 اسڪيم سيڪٽر جي ڪارڪن عون علي ، لائينز ايريا سيڪٽر يونٽ 196 جي ڪارڪن مهتاب احمد ۽ لائينز ايريا سيڪٽر يونٽ 53 جي ڪارڪن فيصل کي تنظيمي نظم و ضبط جي خلاف ورزين تي ۽ غير تنظيمي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي تنظيم جي بنيادي رڪنيت کان خارج ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي انهن خارج ڪيلن سان ڪنهن به قسم جو رابطو نه رکن.