Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نائن زيرو ڪوئي نوگو ايريا نه آهي ۽ ان باري ۾ ڊي جي رينجر جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


نائن زيرو ڪوئي نوگو ايريا نه آهي ۽ ان باري ۾ ڊي جي رينجر جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/12/2015
نائن زيرو ڪوئي نوگو ايريا نه آهي ۽ ان باري ۾ ڊي جي رينجر جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
نائن زيرو جي آس پاس هزارين گهر آهن، هر گهر ۾ الگ خاندان رهي ٿو اهڙي علائقي کي نوگو ايريا نه ٿو بڻائي سگهجي.
لنڊن؛ 12 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته نائن زيرو ڪوئي نوگو ايريا نه آهي ۽ ان باري ۾ ڊي جي رينجر جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته نائن زيرو کي نوگو ايريا بڻائي ئي نه ٿو سگهجي ڇو ته نائن زيرو جي آس پاس هزارين گهر آهن ۽ اهي سڀ 120 گزن جا گهر آهن ۽ هر گهر ۾ الگ خاندان رهي ٿو ۽ اهڙي علائقي کي مڪمل طور تي نوگو ايريا نه ٿو بڻائي سگهجي. انهن فرمايو ته ڪور ڪمانڊر ڪراچي جو اهو بيان حقيقتن تي ٻڌل نه آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن غيرجانبداراڻه ۽ ايمانداراڻه طريقي سان جاري آهي. انهن ڪور ڪمانڊر کان سوال ڪيو ته اوهان جي 68 سالن جي بيوه ڀيڻ جنهن جو سياست سان ڪوئي به تعلق نه هجي جيڪڏهن انهن جي گهر تي پوليس وارا ڇاپو هڻڻ ته اوهان جي دل تي ڇا گذرندي، اهو منهنجو اوهان کان سوال آهي ۽ مان اوهان جي جواب جو منتظر رهندس.

7/17/2024 1:27:03 PM