Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيڪڏهن نائن زيرو تي ڇاپو ڏوهارين کي پڪڙڻ جي لاءِ هنيو ويو ته پوءِ منهنجي وڏي ڀيڻ سائره اسلم جي گهر تي ڇاپو ڇو هنيو ويو؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


جيڪڏهن نائن زيرو تي ڇاپو ڏوهارين کي پڪڙڻ جي لاءِ هنيو ويو ته پوءِ منهنجي وڏي ڀيڻ سائره اسلم جي گهر تي ڇاپو ڇو هنيو ويو؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/11/2015
جيڪڏهن نائن زيرو تي ڇاپو ڏوهارين کي پڪڙڻ جي لاءِ هنيو ويو ته پوءِ منهنجي وڏي ڀيڻ سائره اسلم جي گهر تي ڇاپو ڇو هنيو ويو؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
رينجر جي طرفان اڄ جيڪي هٿيار ڏيکاريا ويا آهن اهي اسان اڄ تائين نه ڏٺا آهن.
نائن زيرو جي سيڪيورٽي جي لاءِ جيڪي هٿيار آهن اهي لائسنس وارا آهن، ان کان علاوه جيڪي هٿيار ڏيکاريا ويا آهن انهن جو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به تعلق نه آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
نائن زيرو تي خطاب.
لنڊن؛ 11 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيڪڏهن نائن زيرو تي ڇاپو ڏوهاري ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ هنيو ويو هو ته پوءِ منهنجي وڏي ڀيڻ سائره اسلم جي گهر تي ڇاپو ڇو هنيو ويو؟ 19 جون 1992 کان وٺي هن مهل تائين نائن زيرو تي سو کان وڌيڪ ڇاپا هنيا ويا آهن. انهن اختيار وارين ڌرين کان سوال ڪيو ته ڇا اسان مسلمان نه آهيون؟ آخر اسان سان اهڙو سلوڪ ڇو ڪيو پيو وڃي؟ اها ڳالھ انهن اڄ نائن زيرو تي ڇاپي کان پوءِ نائن زيرو ۽ حيدرآباد ۾ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن ۽ همدردن کي خطاب ڪندي فرمائي. انهن فرمايو ته اسان جي گهرن ۾ ڇاپن جي دوران اسان جي امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن سان جيڪو توهين وارو رويو اختيار ڪيو ويو ۽ جيڪا زبان استعمال ڪئي وڃي اها بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. انهن فرمايو ته ملڪ ۾ ڪيتريون ئي سياسي جماعتون آهن ۽ سپريم ڪورٽ به مختلف جماعتن جا نالا وٺي ڪري چيو هو ته انهن وٽ عسڪري ونگز آهن پر ڇا عوام ڪڏهن ڏٺو ته جيئن ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي ڇاپا هنيا ويا آهن اهڙي طرح ٻئي ڪنهن جماعت جي آفيس تي ڇاپا هنيا ويا هجن؟ انهن فرمايو ته منهنجي 65 سالن جي وڏي ڀاءُ ناصر حسين شهيد ۽ 28 سالن جي ڀائيٽي عارف حسين شهيد جن جو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به تعلق نه هو انهن کي 5 ڊسمبر 1995 تي گرفتار ڪري ٽن ڏينهن تائين وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري 9 ڊسمبر 1995 تي گڏ اپ ۾ وٺي وڃي ڪري شهيد ڪيو ويو. مان ان وقت به صبر ڪيو ۽ ساٿين کي به صبر جو درس ڏنو هو. جناب الطاف حسين رينجر جي اهلڪارن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم جي نوجوان ڪارڪن وقاص شاھ جي شهادت جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي فرمايو ته وقاص شاھ کي ڪيترن ئي عورتن جي سامهون رينجر جي اهلڪارن فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو  پر رينجر جا وڏا وڏا آفيسر چون ٿا ته وقاص شاھ رينجر جي گولي سان شهيد نه ٿيو آهي. ان ڳالھ تي اتي موجود عورتن هڪ آواز ٿي ڪري چيو ته وقاص شاھ کي اسان جي سامهون گوليون هنيون ويون. انهن چيو ته رينجر جي آفيسرن کي ان جي ڪري اختيار ڏنو ويو آهي ته جيئن اهي ماڻهن سان انصاف ڪن. انهن فرمايو ته وقاص شاھ شهيد اڄ اسان ۾ موجود نه آهن پر انهن جو رت رائيگان نه ويندو ۽ اسان دعا ڪريون ٿا ته الله تعالٰي انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.انهن فرمايو ته جيڪڏهن نائن زيرو تي ڇاپو ڏوهاري ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ هنيو ويو ته پوءِ منهنجو سوال اهو آهي ته منهنجي وڏي ڀيڻ سائره اسلم جي گهر تي ڇاپو ڇو هنيو ويو؟ انهن جي گهر ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڇو ڪئي وئي؟ منهنجي ڀيڻ ۽ گهر ۾ موجود ٻين عورتن سان توهين آميز سلوڪ ڇو ڪيو ويو؟ انهن کي گهٽ وڌ ڇو ڳالهايو ويو؟ ڇا رينجر وارن جون پنهنجيون امڙيون ۽ ڀينرون نه آهن؟ انهن فرمايو ته رينجر جي طرفان اڄ جيڪي هٿيار ڏيکاريا ويا آهن ته اهي نائن زيرو کان مليا آهن اهي اسان اڄ تائين نه ڏٺا آهن. نائن زيرو جي سيڪيورٽي جي لاءِ جيڪي هٿيار آهن اهي لائسنس وارا آهن. ان کان علاوه جيڪي هٿيار ڏيکاريا ويا آهن انهن سان ايم ڪيو ايم جو ڪوئي به تعلق نه آهي بلڪه علائقي وارن ڏٺو ته رينجر وارا ڪمبل ۾ هٿيار کڻي آيا هئا. انهن فرمايو ته جيڪڏهن اهي هٿيار اسان جا هجن ها ته ڇا اسان انهن کي نائن زيرو تي رکون ها؟ انهن فرمايو ته رينجر ڪراچي ۾ جتي به ڏوهاري ماڻهن جي گرفتاري  جي لاءِ ڇاپو هنيو ته ان تي فائرنگ ٿي ۽ حملو ٿيو آهي پر نائن زيرو تي ڇاپو هنيو ويو ته ان تي ڪوئي به حملو نه ٿيو. ڇو ته اسان وڙهڻ نه ٿا چاهيون. انهن فرمايو ته خبر نه آهي ته اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم جي وجود کي برداشت ڇو نه ٿي ڪري. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم ۾ ڏوهاري ماڻهن جي لاءِ ڪائي به گنجائش نه آهي. مان عدم تشدد جو حامي آهيان ۽ بدلي وٺڻ تي يقين نه ٿو رکان. انهن فرمايو ته بدقسمتي سان ملڪ ۾ آئين جي بالادستي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته 1999 ۾ جڏهن فوج نواز شريف حڪومت جو خاتمو ڪيو ته ان وقت جنرل پرويز مشرف جهاز ۾ سوار هئا پر اهي اڄ تائين قيد جي زندگي گذاري رهيا آهن. پر جن آفيسرن ٽيڪ اوور ڪيو اهي اڄ به آزاد آهن. مان تمام مفتي صاحبان کان سوال ڪيو ته اهڙو مسلمان جيڪو ناجائز ٻارڙي جو والد هجي ڇا اهو سياست ۾ حصو وٺڻ جو اهل آهي پر ڪنهن به  ان تي جواب نه ڏنو. کالھ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، عمران خان مون تي زهره شاهد جي قتل جو الزام لڳايو هو پر ڪالھ زهره شاهد جي نياڻي پاڻ سوشل ميڊيا تي اچي ڪري واضع طور تي چيو ته منهنجي والده زهره شاهد جي قتل جو ذميوار عمران خان آهي. انهن ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته اهي صبر کان ڪم وٺن ۽ الله تعالٰي جي انصاف تي يقين رکن.

7/17/2024 1:27:34 PM