جناب الطاف حسين جي رهائشگاھ نائن زيرو تي رينجر جي چاپي جي دوران رينجر جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي نوجوان ڪارڪن سيد وقاص علي شاھ جي جنازي نماز 12 مارچ بروز خميس 30؛1 وڳي نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويندي.
ڪراچي؛ 11 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي رهائشگاھ نائن زيرو تي رينجر جي چاپي جي دوران رينجر جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر سيد وقاص علي شاھ جي جنازي نماز 12 مارچ بروز خميس تي نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ 30؛1 وڳي ادا ڪئي ويندي . جڏهن ته شهيد کي ياسين آباد شهداء قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. رابطا ڪميٽي ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي شهيد سيد وقاص علي شاھ جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪن.