Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن مزمل قريشي ۽ فيصل سبز واري ابوالحسن اصفهاني روڊ تي صفائي ۽ وڻ پوکڻ جي مهم ۾ شرڪت ڪئي.


ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن مزمل قريشي ۽ فيصل سبز واري ابوالحسن اصفهاني روڊ تي صفائي ۽ وڻ پوکڻ جي مهم ۾ شرڪت ڪئي.
 Posted on: 3/10/2015
ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن مزمل قريشي ۽ فيصل سبز واري ابوالحسن اصفهاني روڊ تي صفائي ۽ وڻ پوکڻ جي مهم ۾ شرڪت ڪئي.
ڪراچي؛ 10 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي سڄي شهر ۾ وڻ پوکڻ جي مهم جي سلسلي ۾ اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن مزمل قريشي ۽ فيصل سبز واري ابوالحسن اصفهاني روڊ جي علائقي ۾ صفائي مهم ۾ حصو ورتو ۽ وڻ پوکڻ جي مهم جو آغاز ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فيصل سبز واري چيو ته اسيمبلين جا حق پرست ميمبر ضلعي انتظاميه سان گڏجي ڪري شهر ۾ مڪاني ادارن جي غير موجودگي جي ڪمي کي پورو ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته اسان عوام جي بنيادي مسئلن کي حڪومتي سطح تي اٿاري عوام کي رليف فراهم ڪرايون. مزمل قريشي چيو ته اسڪيم 33 جو علائقو حڪومتي توجه جو منتظر آهي پر حق پرست عوامي نمائندا علائقي جي عوام سان گڏجي ڪري عوام جا مسئلا حل ڪندا ۽ علائقي کي سرسبز بڻائيندا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر، ميونسپل ڪمشنر ۽ ٻيا به انهن سان گڏ هئا.

7/17/2024 1:35:36 PM