Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عمران خان کي ايم ڪيو ايم فوبيا ٿي ويو آهي، تحريڪ انصاف کي اهڙي شخص کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺڻ گهرجي جيڪو ذهني مريض آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


عمران خان کي ايم ڪيو ايم فوبيا ٿي ويو آهي، تحريڪ انصاف کي اهڙي شخص کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺڻ گهرجي جيڪو ذهني مريض آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 3/12/2015
عمران خان کي ايم ڪيو ايم فوبيا ٿي ويو آهي، تحريڪ انصاف کي اهڙي شخص کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺڻ گهرجي جيڪو ذهني مريض آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
زهره شاهد جي نياڻي سوشل ميڊيا تي اهو چئي ڇڏيو آهي ته انهن جي والده جو قتل عمران خان ڪرايو آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 12 مارچ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي ايم ڪيو ايم فوبيا ٿي ويو آهي ۽ تحريڪ انصاف کي اهڙي شخص کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺڻ گهرجي، جيڪو ذهني مريض آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته عمران خان زهره شاهد جي قتل جو الزام ايم ڪيو ايم تي لڳائن ٿا جڏهن ته پاڻ زهره شاهد جي نياڻي سوشل ميڊيا تي اهو چئي ڇڏيو آهي ته انهن جي والده جو قتل عمران خان ڪرايو آهي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته زهره شاهد جي نياڻي جي بيان جي روشني ۾ زهره شاهد جي قتل جو مقدمو عمران خان تي قائم ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته ٻين تي دهشت گردي جو الزام لڳائڻ وارن عمران خان پاڻ ڌرڻي جي دوران پي ٽي وي تي حملو ڪرايو ۽ نشريات بند ڪرائي، پارليامينٽ هائوس تي حملو ڪرايو، عمران خان پاڻ پوليس پارٽي تي حملو ڪرايو ۽ گرفتار ٿيل ماڻهن کي پوليس کان ڇڏرائي پنهنجي گهر بني گاله ۾ پناھ ڏني ، ٽي وي چينل جي هيڊ آفيس تي حملو ڪرايو. عمران خان ڌرڻي جي دوران پوليس جي آفيسرن کي پنهنجن هٿن سان گولي هڻڻ ۽ ڦاهي ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي پوليس، پارليامينٽ هائوس ۽ سرڪاري عمارتن تي حملي جي لاءِ اڪسايو. رابطا ڪميٽي چيو ته عمران خان ڪراچي جي ماڻهن کي ڪوڙن مقدمن ۾ سزائون ڏيارڻ جي لاءِ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪن ٿا جڏهن ته اهي طالبان دهشت گرد جن رياست پاڪستان جي خلاف جنگ ڇيڙي رکي آهي ۽ اهي پاڪ فوج ۽ عام ماڻهن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن. جن پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ڏيڍھ سو کان وڌيڪ شاگردن کي شهيد ڪري ڇڏيو. عمران خان  طالبان دهشت گردن  جي خلاف فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي نه صرف مخالفت ڪن ٿابلڪه پاڪستان ۾ طالبان جي آفيس به قائم ڪرڻ گهرن ٿا. رابطا ڪميٽي چيو ته اصل ۾ عمران خان حقيقي دهشت گردن جي ٻئي شڪل آهن جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي سوار ٿي ڪري ڪراچي جي مينڊيٽ تي قبضو ڪرڻ جا ناپاڪ خواب ڏسي رهيا آهن جن کي ڪراچي جو عوام ڪڏهن به پورو ٿيڻ نه ڏيندو.

7/17/2024 1:33:09 PM