Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيٽر رحمٰن ملڪ جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.


سينيٽر رحمٰن ملڪ جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
 Posted on: 3/11/2015
سينيٽر رحمٰن ملڪ جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
جناب الطاف حسين رحمٰن ملڪ کي نائن زيرو، پنهنجي ڀيڻ جي گهر تي رينجر جي ڪاروائي ۽ ايم ڪيو ايم جي نوجوان ڪارڪن وقاص شاھ جي شهادت جي واقعي جي تفصيلات کان آگاھ ڪيو.
ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ امن جي قيام ۽ جمهوريت جي فروغ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. رحمٰن ملڪ.
لنڊن؛ 11 مارچ 2015 
            پي پي جي رهنما سينيٽر رحمٰن ملڪ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ نائن زيرو، انهن جي ڀيڻ سائره اسلم جي گهر ۽ نائن زيرو جي مختلف شعبن  تي چاپن ، ٽوڙ ڦوڙ ۽ عورتن جي توهين ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي. ان موقعي تي جناب الطاف حسين رحمٰن ملڪ کي نائن زيرو ۽ پنهنجي ڀيڻ جي گهر تي رينجر جي چاپي ۽ ڪاروائي ۽ نوجوان ڪارڪن وقاص شاھ جي شهادت جي واقعي جي تفصيلات کان به آگاھ ڪيو. رحمٰن ملڪ چيو ته سياسي جماعتن جي قائدين جي گهرن ۽ انهن جي مرڪزي آفيسن جي تقدس ۽ احترام جو سڀني کي خيال رکڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم چونڊيل جماعت آهي جيڪا ملڪ ۾ امن جي قيام ۽ جمهوريت جي فروغ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي چاپو قابل مذمت آهي. رحمٰن ملڪ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وقاص شاھ جي شهادت تي به وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. جناب الطاف حسين پنهنجي ڀيڻ جي گهر تي چاپي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته سمورن مذهبن ۾ عورتن جي احترام جو درس ڏنو وڃي ٿو ۽ ڪوئي به غيرت مند عورتن کي بندوق جي بٽن سان مارڻ ته ٺهيو انهن تي هٿ کڻڻ جو به تصور نه ٿو ڪري سگهي. جناب الطاف حسين يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي رحمٰن ملڪ جو شڪريو به ادا ڪيو.

7/17/2024 1:42:52 PM