Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي رهائشگاھ نائن زيرو تي رينجر جو چاپو ۽ ٽوڙ ڦوڙ.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي رهائشگاھ نائن زيرو تي رينجر جو چاپو ۽ ٽوڙ ڦوڙ.
 Posted on: 3/11/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي رهائشگاھ نائن زيرو تي رينجر جو چاپو ۽ ٽوڙ ڦوڙ.
رينجر ايم ڪيو ايم جي مرڪزي رهنمائن عامر خان، عبدالحسيب، ڊاڪٽر سليم دانش، ارشد حسين، ڊاڪٽر ايوب شيخ ، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن کي به گرفتار ڪري ورتو.
ڪراچي؛ 11 مارچ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي نائن زيرو تي رينجر جي وحشياڻي چاپي ۽ ايم ڪيو ايم جي مرڪزي رهنمائن عامر خان، عبدالحسيب، ڊاڪٽر سليم دانش، ارشد حسين، ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ريحان ظفر سميت ڪجھ چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن جي غيرقانوني ۽ غير آئيني گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي،رينجر جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائشگاھ نائن زيرو تي مختلف شعبن ۾ تلاشي جي دوران نقاب پهريل سرڪاري اهلڪارن سامان جي ٽوڙ ڦوڙ ڪئي. اتي موجود ڪمپيوٽرَ، ٽي ويون ۽ ٻئي سامان جي ٽوڙ ڦوڙ ڪئي. فون ۽ ڪيميرن کي به ٽوڙي ڇڏيو ۽ تنظيمي معاملن جون فائلون به پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيون ۽ انهن شعبن ۾ موجود ڪارڪنن، ذميوارن ۽ چونڊيل نمائندن کي گرفتار ڪري ورتو،رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي هٿيار بند دهشت گرد شهيد ڪري چڪا آهن پر انهن جي قاتلن کي هن مهل تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد پوليس تي حملا ڪري رهيا آهن پر انهن دهشت گردن کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي چاپو هنيو ويو آهي ۽ گرفتاريون ڪيون ويون آهن جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف کان پرزور مطالبو ڪيو ته نائن زيرو تي چاپي جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي.

7/17/2024 1:38:46 PM