Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي سابق صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي سابق صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
 Posted on: 3/10/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي سابق صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
چيئرمين سينيٽ جي لاءِ اپوزيشن جماعتن جي اميدوار رضا رباني جي يقيني ڪاميابي تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي.
اها ايم ڪيو ايم سميت سمورين اپوزيشن جماعتن ۽ سڄي ملڪ جي عوام جي ڪاميابي آهي. آصف علي زرداري.
لنڊن؛ 10 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سابق صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ چيئرمين سينيٽ جي لاءِ اپوزيشن جماعتن جي اميدوار رضا رباني جي يقيني ڪاميابي تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي. جناب الطاف حسين آصف علي زرداري سان ڳالھ ٻولھ ڪندي وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان اپوزيشن جي گڏيل اميدوار رضا رباني جي حمايت جي اعلان کي به خوش آئند قرار ڏنو ۽ چيو ته سينيٽر رضا رباني جي يقيني ڪاميابي تي مان پنهنجي، ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ هڪ هڪ ڪارڪن جي طرفان اوهان کي، اوهان جي دوستن، رضا رباني، پي پي جي تمام رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته وقت جو تقاضا آهي ته سياسي ۽ مذهبي جماعتون سياسي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ڪري ملڪ جي ترقي و خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. جناب آصف علي زرداري جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته سمورين جماعتن جي گڏيل تعاون ۽ اوهان جي شفقت ۽ دعائن جي بدولت الله تعالٰي اسان کي سرخرو ڪيو. اها ايم ڪيو ايم سميت سمورين اپوزيشن جماعتن ۽ سڄي ملڪ جي عوام جي ڪاميابي آهي جنهن تي اسان الله تعالٰي جو شڪر ادا ڪريون ٿا. آصف علي زرداري چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي پي گڏجي ڪري ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪنديون رهنديون.

7/17/2024 1:28:55 PM