Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان مسلم ليگ ن جي رهنما خواجه سعد رفيق جي ايم ڪيو ايم جي مذاڪراتي ٽيم سان ٻيهر ملاقات.


پاڪستان مسلم ليگ ن جي رهنما خواجه سعد رفيق جي ايم ڪيو ايم جي مذاڪراتي ٽيم سان ٻيهر ملاقات.
 Posted on: 3/10/2015
پاڪستان مسلم ليگ ن جي رهنما خواجه سعد رفيق جي ايم ڪيو ايم جي مذاڪراتي ٽيم سان ٻيهر ملاقات.
خواجه سعد رفيق جي ايم ڪيو ايم جي رهنمائن سان ملاقات جي دوران جناب الطاف حسين سان به فون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي.
اسان جيڪو به فيصلو ڪنداسين اهو ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ هوندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسلام آباد؛ 10 مارچ 2015 
            پاڪستان مسلم ليگ ن جي رهنما ۽ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق رات اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي مذاڪراتي ڪميٽي سان انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان سينيٽ جي اليڪشن ۾ پي پي ۽ ٻين اپوزيشن جماعتن جي گڏيل اميدوار جي ممڪنه حمايت جي فيصلي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خواجه سعد رفيق ايم ڪيو ايم جي رهنمائن سان ملاقات جي دوران قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي فون ڪري انهن سان به تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن کي درخواست ڪئي ته ايم ڪيو ايم پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪري . خواجه سعد رفيق چيو ته ڌرڻن جي سياست جي دوران ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ملڪي استحڪام قائم رکڻ جي لاءِ جيڪو مثالي ڪردار ادا ڪيو حڪومت ان جو اعتراف ٿي ۽ حڪومت جي خواهش آهي ته اها ايم ڪيو ايم کي ساڻ وٺي ڪري هلي. انهن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم کي يقينن ان ڳالھ جو اختيار آهي ته اها سينيٽ جي اليڪشن ۾ جنهن به اميدوار جي حمايت ڪري پر ملڪ جي موجوده حالتن کي سامهون رکندي وفاقي حڪومت جي خواهش آهي ته هن ڀيري سينيٽ جو اميدوار سمورين جماعتن جي گڏيل مشوري سان چونڊيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ افهام و تفهيم جو ماحول پيدا ٿئي ۽ قانون سازي ۾ آساني پيدا ٿئي. خواجه سعد رفيق وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي دوستن سان منهنجا ويجها تعلقات آهن انهي جي ڪري مان انهن جي سامهون پنهنجو عرض رکيو آهي. انهن چيو ته منهنجي درخواست آهي ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي سلامتي ۽ يڪجهتي ۽ گڊ گورننس جي خاطر ووٽ ڏي . ايم ڪيو ايم جي مذاڪراتي ڪميٽي خواجه سعد رفيق کي چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجو فيصلو صرف ۽ صرف جمهوريت جي استحڪام ۽ ملڪ و قوم جي مفاد ۾ ڪندي ڇو ته هن وقت ملڪ دهشت گردي جي ڪري جنهن بحران مان گذري رهيو آهي ان کي سامهون رکندي پاڻ ۾ مشورن ۽ تعاون سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. هن وقت آپريشن ضرب عضب به جاري آهي جنهن جي ڪاميابي ملڪ جي بقا جي لاءِ ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن خدانخواسته اهو آپريشن ڪامياب نه ٿيو ته ان سان ملڪ کي نقصان پهچڻ جو به خطرو آهي. ايم ڪيو ايم جي مذاڪراتي ڪميٽي خواجه سعد رفيق کي وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجو نقطو پي پي جي شريڪ چيئرمين جي سامهون به کلي ڪري رکيو آهي ۽ اسان ان جي جواب جي روشني ۾ ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين. مسلم ليگ کي به اهو سوچڻ گهرجي ته اها وفاق ۾ حڪمران آهي جڏهن ته سنڌ ۾ پي پي جي حڪمراني آهي ۽ انهي صوبي جي شهرن ۾ ايم ڪيو ايم اڪثريتي جماعت آهي. اسان مسلم ليگ جي قيادت کان اهو ڄاڻڻ چاهينداسين ته اها سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهري وارن علائقن جي مخصوص صورتحال ۾ عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ڪهڙو رول ادا ڪري سگهي ٿي. خواجه سعد رفيق چيو ته اهي اعلٰي قيادت سان مشورو ڪري جواب ڏيندا. ان موقعي تي جناب الطاف حسين به خواجه سعد رفيق سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ ملڪ جي بحران، دهشت گردي جي واقعن، گڊ گورننس جي ضرورت ۽ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ مفاهمت جي اهميت سميت ٻين معاملن تي پنهنجو نقطو تفصيل سان بيان ڪيو. انهن خواجه سعد رفيق کي چيو ته پاڪستان جو استحڪام ۽ ترقي منهنجي پهرين ترجيح آهي. مان پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي قرباني ڏني. جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو آهيان پر مان پنهنجن اصولن تي نه پهرين سودو ڪيو ۽ نه آئنده ڪندس. منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان کان دهشت گردي جو خاتمو ٿئي ۽ ملڪ ترقي ڪري ۽ اسان جيڪو به فيصلو ڪنداسين ته اهو ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ئي هوندو.اسان آپريشن ضرب عضب ۾ حڪومت ۽ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهو ۾ ملائي ڪري گڏ آهيون ۽ ملڪي استحڪام جي خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. انهن خواجه سعد رفيق جي آمد جو شڪريو به ادا ڪيو.

7/17/2024 1:36:29 PM