Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو.


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو.
 Posted on: 7/6/2015 1
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو.
ايف آئي اي کي صرف سنڌ ۾ خصوصي اختيار ڏيڻ سنڌ تي  حملي ڪرڻ جي برابر آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيستائين صوبي جون سموريون سياسي قوتون هڪ نقطي تي گڏ نه ٿيون ٿين ان وقت تائين سنڌ ڌرتي ۽ ان جي عوام جا حق اهڙي طرح ئي غصب ٿيندا رهندا.آغا سراج دراني.
لنڊن؛ 6 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي وچ ۾ ٽيليفونڪ تي رابطو ٿيو. ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ ملڪ خصوصن سنڌ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي. جناب الطاف حسين آغا سراج دراني سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته رينجر جي طرفان سنڌ ۾ ڏوهاري ماڻهن جي بجاءِ عام شهرين جي خلاف ايڪشن ڪيو پيو وڃي ۽ بي گناھ شهرين کي ظلمن جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جڏهن ته ٻئي طرف وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان ايف آئي اي کي صرف سنڌ ۾ خصوصي اختيار ڏنا پيا وڃن جيڪو سنڌ تي حملي ڪرڻ جي برابر آهي. انهن فرمايو ته عملي طور تي سنڌ کي مقبوضه سنڌ بڻايو ويو آهي ۽ سنڌ جا عوام اهو سوال ڪرڻ جو حق رکن ٿا ته آخر سنڌ کي ڪيستائين مقبوضه بڻائي رکيو ويندو؟ آغا سراج دراني جناب الطاف حسين کي چيو ته اوهان جا خيال تمام سٺا آهن ۽ مان اوهان جي جذبن کي ٻين دوستن تائين پهچائيندس. انهن وڌيڪ چيو ته جيستائين سنڌ جون سموريون سياسي قوتون هڪ نقطي تي گڏ نه ٿيون ٿين ته ان وقت تائين سنڌ ڌرتي ۽ ان جي عوام جا حق ائين ئي غصب ٿيندا رهندا.

6/30/2024 5:46:31 AM