Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايف آئي اي کي سنڌ ۾ اضافي اختيار ڏيڻ جي معاملي تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جو بيان جرتمندانه ۽ سو سيڪڙو صحيح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايف آئي اي کي سنڌ ۾ اضافي اختيار ڏيڻ جي معاملي تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جو بيان جرتمندانه ۽ سو سيڪڙو صحيح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/6/2015 1
ايف آئي اي کي سنڌ ۾ اضافي اختيار ڏيڻ جي معاملي تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جو بيان جرتمندانه ۽ سو سيڪڙو صحيح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن وزير اعلٰي سنڌ ايف آئي اي کي اختيار ڏيڻ جي ڪاري قانون جي خلاف عدالت ۾ ويا ته ايم ڪيو ايم انهن سان هر قسم جو سياسي، قانوني ۽ اخلاقي تعاون ڪندي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 6 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعلٰي سنڌ سيدقائم علي شاھ جي ان بيان کي جرتمندانه ۽ سو سيڪڙو صحيح قرار ڏنو آهي جنهن ۾ وزير اعلٰي سنڌ ايف آئي اي کي سنڌ ۾ اضافي اختيار ڏيڻ جي معاملي کي سنڌ تي حملو ۽ زيادتي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم وزير اعلٰي  سنڌ جي ان جرتمندانه موقف جي ڀرپور تائيد ڪري ٿي. انهن فرمايو ته وزير اعلٰي سنڌ جو اهو چوڻ به صحيح آهي ته صوبن جي خلاف ان قسم جي ناانصافين ۽ مداخلت کي روڪڻ جي لاءِ مناسب قانون سازي ٿيڻ گهرجي. جناب الطاف حسين وزير اعلٰي سنڌ کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن اهي ايف آئي اي کي سنڌ ۾ اختيار ڏيڻ جي ڪاري قانون جي خلاف عدالت ۾ ويا ته ايم ڪيو ايم انهن سان هر قسم جو سياسي، قانوني ۽ اخلاقي تعاون ڪندي. جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌ سان گذريل 68 سالن کان هڪ ڪالوني جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌ کي ان جي مقبوضه حيثيت کان آزاد ڪرائڻ ۽ هڪ بااختيار صوبي جي حيثيت ڏيارڻ جي لاءِ متحد ٿي ڪري جدوجهد ڪرڻ گهرجي.  آخر ۾ جناب الطاف حسين سنڌ جي سمورن پارليامينٽ جي ميمبرن کي چيو ته اهي پنهنجن سياسي ۽ نظرياتي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ڪري سنڌ جي جائز آئيني ۽ قانوني حقن جي لاءِ گڏيل طور تي جدوجهد ڪن. 

6/30/2024 5:44:40 AM