Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ۽ فلاحي سرگرمين کي مفلوج ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.


ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ۽ فلاحي سرگرمين کي مفلوج ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 7/4/2015 1
ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ۽ فلاحي سرگرمين کي مفلوج ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 ان ظلم جي خلاف عوام سان رجوع ڪري پرامن سياسي احتجاجي مهم جو جلد ئي آغاز ڪنداسين.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ اهم پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 4 جولائي 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم يا ڪي ڪي ايف جو ڪوئي به ميمبر ڏاڍ جي زور تي عوام کان فطرو يا زڪوٰت وصول نه ڪري رهيو آهي. ايم ڪيو ايم جي سياسي ۽ فلاحي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي لڳائي وئي آهي. پاڪستان پروٽيڪشن ايڪٽ ملڪ دشمنن جي خلاف بڻايو ويو هو پر بظاهر ان جو استعمال صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيو پيو وڃي. جيڪو ايم ڪيو ايم تي وڏو ظلم آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ وزير اعلٰي سنڌ برابر جا شريڪ آهن.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم وٽ آخري اميد عوام سان رجوع ڪرڻ آهي ۽ اسان ان ظلم جي خلاف عوام سان رجوع ڪري جلد ئي پرامن احتجاجي مهم جو آغاز ڪنداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر وسيم اختر، ڪنور نويد جميل، عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ عظيم فاروقي به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي رينجر ۽ پوليس بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪري انهن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو پئي بڻائي. انهن چيو ته هاڻي ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي به گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ انهن سان به غير انساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته ڪراچي آپريشن ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي اهو دهشت گردن ۽ ڏوهارين جي خاتمي جي لاءِ ڪيو ويو هو پر ان آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي تنظيمي سرگرمين کي مفلوج ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته شهر ۾ هزارين فلاحي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. پر ڪنهن تي به زڪوٰت ۽ فطرو گڏ ڪرڻ تي پابندي نه لڳائي وئي آهي. پر ڪي ڪي ايف جي سرگرمين تي پابندي عائد آهي جيڪو بلڪل غير آئيني ۽ غير قانوني عمل آهي. عوام کي ڪي ڪي ايف کي عطيات ڏيڻ کان روڪيو پيو وڃي ان جي ڪري اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڪي ڪي ايف جي لاءِ عطيات جمع ڪرڻ ڪهڙي آئين جي تحت ڏوھ آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪارڪنن ۽ شعبه خواتين جي ذريعي فطرو ۽ زڪوٰت وصول ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو هو پر اسان جي انهن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ گرفتاري جي دوران عورتن سان به بدتميزي ڪئي پئي وڃي ۽ ڪارڪنن کي حراست جي دوران وحشياڻي تشدد جو نشانو به بڻايو پيو وڃي ۽ ان تي سنڌ حڪومت جو رويو انتهائي افسوسناڪ آهي. انهن چيو ته غير آئيني ۽ غير قانوني قدمن سان شهرين ۾ غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، جيڪو ڪراچي ۽ خصوصن پاڪستان جي استحڪام جي لاءِ هڪ خطرناڪ عمل آهي.انهن چيو ته گذريل ڏينهن به گلبهار مان 16 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو هو جن مان 9 ڪارڪنن کي 90 ڏينهن جي لاءِ رينجر جي تحويل ۾ ڏنو ويو آهي.انهن چيو ته شهر ۾ دهشت گردن جا ٺڪاڻا آهن جيڪي سڀني جي سامهون آهن. پر اتي ڪوئي به ڇاپو نه ٿو هنيو وڃي. جنهن مان واضع ٿي ويو آهي ته ڪراچي آپريشن ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف جي خلاف آهي.انهن چيو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ اسان جي 3 سيڪٽر انچارجن کي گرفتار ڪيو ويو هو جن ۾ نارٿ ناظم آباد جو محمد عمران، ناظم آباد گلبهار جو زبير اشرف ۽ رنڇوڙ لائين جو ارشد قريشي شامل آهن. 678 ڪارڪن جيلن ۾ بند آهن، 25 ڪارڪن 90 ڏينهن جي لاءِ رينجر جي تحويل ۾ آهن، 134 ڪارڪن ۽ همدرد رينجر ۽ پوليس جي تحويل ۾ آهن. جڏهن ته 20 ڪارڪن لاپتا آهن. جڏهن ته اسان جي 40 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل به ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته ان قسم جي قدمن سان عوام معاملن کي پنهنجن هٿن ۾ کڻي وٺندا جنهن جي ذميواري جناب الطاف حسين ۽ رابطا ڪميٽي تي عائد نه ٿيندي. ان موقعي تي ڪنور نويد جميل چيو ته رمضان شريف ۾ هن مهل تائين اسان جي 70 ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي پر ڪنهن کي به زبردستي فطرو ۽ زڪوٰت وصول ڪندي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. بلڪه انهن کي گهرن ۽ مسجدن مان گرفتار ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته پاڪستان پروٽيڪشن ايڪٽ ۽ ڪراچي آپريشن جي شفافيت جي متعلق قومي سياسي قيادت ضمانت ڏني هئي پر  پي پي اي جي تحت سڀني کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن رينجر جي 90 ڏينهن جي تحويل ۾ آهن. جيڪڏهن اسان برابر جا پاڪستاني نه آهيون ته اسان کي اسان جي حيثيت ٻڌائي وڃي.انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ڊي جي رينجر سنڌ ۽ ٻين اختيار رکندڙ ڌرين کي اپيل ڪئي ته اهي اسان کي برابر جو پاڪستاني سمجهندي اسان جي خلاف غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين کي ختم ڪرائين ۽ ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف تي غير آئيني پابندي فوري طور تي ختم ڪرائين. 

6/30/2024 5:45:35 AM