Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ڪنهن به ملڪ کان پيسا يا مدد نه ٿي وٺي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم ڪنهن به ملڪ کان پيسا يا مدد نه ٿي وٺي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/6/2015 1
ايم ڪيو ايم ڪنهن به ملڪ کان پيسا يا مدد نه ٿي وٺي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسان تي انڊيا سان تعلق ۽ ان کان پيسا وٺڻ جو بهتان هنيو پيو وڃي، اسان پاڪستان قائم ڪرڻ وارا آهيون ۽ اسان پاڪستان کي سلامت ڏسڻ چاهيون ٿا.
چيو وڃي ٿو ته عمران خان ڌرڻي تي 30 ارب روپيا خرچ ڪيا هئا، جيڪڏهن 6 ارب روپيا انهن ماڻهن کان چندو ورتو ته پوءِ 24 ارب روپيا ڪٿان آيا؟
ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي زندگي تنگ ڪئي پئي وڃي، بزرگ، امڙيون ۽ ڀينرون ميدان ۾ اچن ۽ تحريڪ جي ڪم کي سنڀالين.
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾عورتن ۽ بزرگ ڪارڪنن جي اجلاس کي فون تي خطاب.
لنڊن؛ 6 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان پاڪستان بڻائين وارا آهيون ۽ اسان پاڪستان کي سلامت ڏسڻ چاهيون ٿا پر ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ اسان کي رياستي ظلمن جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ اسان تي انڊيا سان تعلق ۽ ان کان پيسا وٺڻ جو بهتان به لڳايو پيو وڃي. انهن واضع لفظن ۾ فرمايو ته ايم ڪيو ايم ڪنهن به ملڪ کان ڪوئي به پيسو يا مدد نه ٿي وٺي. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ عورتن ۽ بزرگن جي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمايو . انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ جنهن به عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ته ان تي غداري جا الزام لڳايا ويا، خان عبدالولي خان عرف باچا خان کي غدار چيو ويو. نيپ کي غدار چيو ويو، بلوچ رهنمائن تي غداري جا الزام لڳائي ڪري انهن تي فوج جي چڙهائي ڪئي وئي. بينظير ڀٽو کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو ويو ، سنڌ جي ٻين رهنمائن کي به غدار قرار ڏنو ويو ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم کي به غدار قرار ڏنو پيو وڃي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ غداري جا الزام لڳائڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي ۽ سياسي جماعتن جي وجود ۽ انهن جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف 19 جون 1992 تي رياستي آپريشن شروع  ڪيو ويو ۽ اهو اڄ تائين جاري آهي ۽ خبر نه آهي ته ڪهڙن سببن جي ڪري جي ايڇ ڪيو ۽ آئي ايس آئي جي فائيلن مان ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪوڙين سچين ڳالهين کي ختم ڪري ان کي دل سان تسليم نه ٿو ڪيو وڃي ۽ ان تي طرح طرح جا الزام ٿوپيا پيا وڃن. انهن فرمايو ته ڀارت ۾ انتها پسند هندن جي هٿان مارجندڙ مسلمانن کي ته اهو احساس ٿيندو هوندو ته انهن کي هندو پيا مارين پر اسان کي ته هتي ڪلمو پڙهندڙ مسلمان ظلم جو نشانو بڻائي رهيا آهن. اسان جا ڳوڙها اگهڻ وارو ڪوئي به نه آهي ۽ اسان پاڻ ئي هڪ ٻئي کي تسليون ڏيون ٿا. اسان جي بزرگن پاڪستان بڻايو هو  پر چار پنج نسلون گذرڻ جي باوجود به اسان سان غيرن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. انهن فرمايو ته ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ ۽ هن ڌرتي تان ميٽڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ايم ڪيو ايم دشمني ۾ مهاجرن جي سياسي، آئيني، قانوني ۽ انساني حقن جي بدترين پامالي ڪئي پئي وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي زندگي تنگ ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪاروائين ۾ رمضان شريف جو به احترام نه ٿو ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته رينجر جي طرفان لڳايل اهو الزام بلڪل بي بنياد ۽ غلط آهي ته ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ڪميٽي يونٽ ۽ سيڪٽرن کي ويڙهاڪ تربيت ڏيئي ٿي. رينجر جي طرفان فخريه طور تي اهو اعلان ڪرڻ ته اسان ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر ۽ يونٽ انچارجن کي گرفتار ڪري رهيا آهيون. ان ڳالھ جو اقرار آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿي رهيو آهي .انهن فرمايو ته پاڪستان ۾هائي ڪورٽ، سپريم ڪورٽ ۽ انساني حقن جون انجمنون به موجود آهن پر نه ته عدالتون انهن ظلمن جو نوٽس وٺي رهيون آهن ۽ نه ئي انساني حقن جون تنظيمون انهن ظلمن جي خلاف آواز بلند ڪري رهيون آهن. انهن فرمايو ته ڪالھ تائين چيو پيو وڃي ته ايم ڪيو ايم ڏاڍ جي زور تي ووٽ وٺي ٿي ۽ اڄ اهو بهتان هنيو پيو وڃي ته ايم ڪيو ايم ڏاڍ جي زور تي زڪوٰت، فطرو ۽ قرباني جون کلون به وٺي ٿي. رينجر جي طرفان زڪوٰت ۽ فطري جا عطيات جمع ڪرڻ جي عمل کي ڀتو قرار ڏيئي ڪري ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي راھ ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن ۽ کلي عام اعلان ڪيا پيا وڃن ته ايم ڪيو ايم کي زڪوٰت ۽ فطرو گڏ ڪرڻ نه ڏنو ويندو. پر جڏهن ته مذهبي جماعتن ايستائين جو پابندي وڌل تنطيمن کي به زڪوٰت ۽ فطرو گڏ ڪرڻ جي اجازت آهي. انهن سوال ڪيو ته ڪهڙي آئين ۽ قانون جي تحت ڪنهن فلاحي اداري جي لاءِ زڪوٰت ۽ فطري جا عطيات گڏ ڪرڻ ڏوھ آهي؟ انهن فرمايو ته عمران خان شوڪت خانم اسپتال جي لاءِ پوري دنيا کان مدد وٺي ته اهو چندو ۽ فنڊريزنگ آهي پر ايم ڪيو ايم چندو وٺي ته ان کي ڀتو قرار ڏنو وڃي ٿو.انهن سوال ڪيو ته ڇا نواز شريف سعودي عرب کان مدد نه ورتي هئي؟ ڇا مولانا طاهر القادري سڄي دنيا ۾ فنڊ گڏ نه ٿا ڪن؟ انهن کي ماڻهو پيسا ڏين ته اهو چندو آهي ۽ عوام اسان کي پيسا ڏي ته ان کي ڀتو چيو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته اسان تي ڪهڙا به الزام ڇو نه لڳايا وڃن پر اسان عوام جي عطيات سان غريب ۽ مستحق ماڻهن جي مدد ڪندا رهنداسين. انهن عمران خان جي طرفان لڳاين الزامن جي حوالي سان چيو ته چيو وڃي ٿو ته عمران خان جي ڌرڻي تي 30 ارب روپيا خرچ ٿيا. جيڪڏهن 6 ارب روپيا انهن ماڻهن کان چندو ورتو ته پوءِ 24 ارب روپيا ڪٿان آيا؟ انهن فرمايو ته حقيقت ۾ 2004 ۾ هندستان ٽائيمز سائوٿ ايشيا ۾ امن و استحڪام ۽ ليڊرشپ جي حوالي سان هڪ وڏي ڪانفرنس گهرائي. جنهن ۾ انڊيا جو وزير اعظم من موهن سنگ، برطانيه جو سابق وزير اعظم جان ميجر، آمريڪا جو سابق سيڪريٽري خارجه هينري ڪسنجر، سريلنڪا جي سابق صدر بندرائيڪا به شريڪ هيون. ان ڪانفرنس ۾ مون کي( ڪي نوٽ) مقرر جي طور تي گهرايو ويو هو. ڪانفرنس ۾ عمران خان کي به گهرايو ويو هو، ڪانفرنس ۾ مون کي عالمي رهنمائن سان گڏ هڪ ئي ٽيبل تي ويهاريو ويو ۽ جڏهن ته عمران خان کي ٻئي ٽيبل تي سرمائيدارن سان گڏ ويهاريو ويو هو. ڪانفرنس سان منهنجي اختتامي تقرير جي وقت ڪانفرنس هال تمام گهڻو ڀرجي ويو هو. مون کي ڏنل ان اهميت ۽ عزت تي عمران خان کي تمام گهڻو ساڙ ٿيو ۽ لڳي ٿو ته انهن جو اهو ساڙ اڄ تائين ختم نه ٿيو آهي.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف پروفيگنڊا ڪيو وڃي ٿو ته ايم ڪيو ايم هٿيارن جي زور تي ووٽ حاصل ڪري ٿي ۽ ڌاندلي جي ذريعي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿئي ٿي پر 2013 جي ننڍي چونڊ خصوصن اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ جڏهن پولنگ اسٽيشنن ۽ پولنگ بوٿن جي اندر ۽ ٻاهر رينجر تعينات هئي، رينجر جي نگراني ۾ ووٽن جي گڻپ ڪرائي وئي، پولنگ بوٿن جي اندر سي سي ٽي وي ڪيميرا لڳايا ويا، جڏهن ته ووٽنگ جو عمل ڄاڻي ٻجهي دير سان شروع ڪيو ويو. رينجر جي اهلڪارن جي طرفان عورتن کي خوف زده ڪيو ويو. زبردستي انهن کان بيلٽ پيپر وٺي ڪري بيٽ تي ٽپو هنيو ويو ۽ رينجر عوام کي هر طرح سان تنگ ڪيو، ان جي باوجود عوام ايم ڪيو ايم کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي 37 ساله جدوجهد ۾ امڙين ، ڀينرن ۽ بزرگن به مجاهدانه ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهن به تحريڪ تي ڏکيو وقت آيو ۽ رياستي طاقت جو ناجائز استعمال ڪري ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ جو عمل ڪيو ويو ته تڏهن قوم جي بزرگن، امڙين ۽ ڀينرن ئي نائن زيرو کي کولي رکيو هو، ايستائين جو هڪ وقت  اهڙو به آيو جو اسان جي نوجوانن ۽ بزرگن کي پنهنجن شهيدن جا جنازا به کڻڻ نه ڏنا ويا ته اهڙي وقت ۾ اسان جي بهادر امڙين ۽ ڀينرن ئي پاڻ اڳتي اچي ڪري شهيدن جا جنازا کنيا هئا ۽ انهن کي قبرستانن ۾ دفنايو هو. حق پرست امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن ماضي ۾ به ظلم جو جنهن بهادري سان سامنو ڪيو ان تي مان انهن کي سلام تحسين پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ تي ڏکيو وقت آيو آهي، ظالم قوتون ڏاڍ ۽ ظلم جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ ۾ مصروف آهن. ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ ۽ هن ڌرتي تان ميٽڻ جو عمل ڪيو پيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم دشمني ۾ مهاجرن جي سياسي، آئيني، قانوني ۽ انساني حقن جي بدترين پامالي ڪئي پئي وڃي. پوليس ۽ رينجر جي طرفان رمضان شريف جي تقدس جو به خيال نه پيو رکيو وڃي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي سوين ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ٻڪرين ۽ رڍن وانگر گرفتار ڪيو پيو وڃي. حراست جي دوران انهن سان جنگي قيدين جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ هن مهل تائين 50 کان وڌيڪ ڪارڪن لاپتا آهن ۽ انهن جي باري ۾ ڪجھ به نه ٿو ٻڌايو وڃي ته اهي ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن. رينجر پوري سنڌ خصوصن ڪراچي کي مقبوضه علائقو بڻائي ڇڏيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ جي مظلوم عوام عورتن ۽ مذهبي اقليتن سميت سڀني کي انهن جا جائز حق ڏيارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو چاهي ٿي ۽ ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني قائم ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن پاڪستان ۾ صحيح معنٰي ۾ جمهوريت کي مضبوط بڻائي سگهجي. ايم ڪيو ايم جي فڪر و فسلفي کي عوام ۾ ڦيلجڻ کان روڪڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي خلاف منفي پروفيگنڊا ڪيا پيا وڃن، ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ڪجھ متعصب اينڪر پرسن جج بڻجي ڪري ايم ڪيو ايم جو ميڊيا ٽرائل ڪري رهيا آهن ته جيئن عوام جي ذهنن کي خراب ڪري انهن کي ايم ڪيو ايم کان بدظن ڪري سگهجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ تي ڏکيو وقت آيو آهي. انهن حالتن ۾ جڏهن ته تحريڪ جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي زندگي تنگ ڪئي پئي وڃي. قوم جي بزرگن ، امڙين ۽ ڀينرن جي اها ذميواري آهي ته اهي ميدان ۾ اچي ڪري همت ۽ جرت سان حالتن جو سامنو ڪن.انهن صوبي جي عوام خصوصن سنڌي ڳالهائڻ وارن سنڌين ۽ اردو ڳالهائڻ وارن سنڌين تي زور ڏنو ته اهي پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪري هڪ ٿي وڃن ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ بند ڪري صوبي ۽ عوام جي ترقي جي لاءِ هڪ ٿي وڃن ته جيئن صوبو ترقي ڪري سگهي، صوبي جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿين، صوبي ۾ مقامي پوليس جو نظام قائم ڪري سگهجي ۽ امن و امان جي صورتحال کي يقيني بڻائي سگهجي. انهن ڪارڪنن ،ذميوارن ، امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن کي ان ڏکئي وقت ۾ ثابت قدمي ۽ جرت سان ڪم ڪرڻ تي سلام تحسين به پيش ڪيو.

6/30/2024 5:46:31 AM